Home / ڪتاب / انفراديت سان ٽمٽار منفرد شعري ڳٽڪو
above article banner

انفراديت سان ٽمٽار منفرد شعري ڳٽڪو

نصير سومرو

“منفرد”- شاعري جو ڳٽڪو نومبر 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. امبر پبليڪيشنز طرفان ڇپايل ڪتاب فني ۽ فڪري تجربن ۾ نه پهريون آهي ۽ نه آخري- البت سنڌي ٻوليءَ جي شاعراڻي روايت جي تسلسل سان گڏ، تمام گهاڙيٽن جو امتزاج آهي. ماضي کان هلندي ايندڙ ڪلاسيڪيت ۽ همعصر نواڻ جو ڳانڍاپو. هي ڳانڍاپو شاعر ۽ قاريءَ جي وچ ۾ هم آهنگيءَ جي ساڳي نهج تي پهچي آنندي احساس کي جنم ڏئي ٿو. آنندي احساس دل جي ڪيفيت جو معاملو آهي- ڪيفيت، هڪ ته وقتي ٿيندي آهي، جو شاعر کي ٻڌي تنهن مهل سحر طاري ٿيو وڃي پر بعد ۾ ڪجهه ياد نه رهي ته چئي ڇا ويو- هن طرز جي ڪيفيت جي اپٽار گهڻي ڀاڱي وجودي ولوڙ مان جرتي ڦوٽي وانگر ڦٽي نڪرندي آهي- ٻي ڪيفيت جٽادار آهي- ايتريقدر جو شعر جو واس دل جي مٿان ڀؤنر وانگر ڀرندو رهندو آهي- گهڻا ٻڏندڙ، يا پڙهندڙ شاعر هوندي ساڳي ڪيفيت مان گذرندا آهن.

اچون ٿا منفرد ڏانهن ته “منفرد شاعري”  آهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري- هي شعر پهريون پڙهي وٺو:

ڇا روپ هيس ڇا رنگ هيس، ڇا انگ هيس!

هو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو.

مصرع اوليٰ ۾ “ڇا” ٽي ڀيرا ساڳي صوتيات وارو استعمال ۽ “رنگ” سان هم هم اچار يا هم قافيو “رنگ” جو استعمال تجنيس حرفي ۽ لفظي جمالياتي اپٽار آهي. مصرع ثاني ۾ ساڳي شاعراڻي خوبي لفظن:  ڪو ۽ گلزار تي تڪرار (ورجاءَ) مان بکي رهي آهي ساڻ، چندڪ ماترائن جو ڀلوڙ ڳانڍاپو هنن لفظن جي ڪمال ڪاريگريءَ ۾ ملي ٿو: “روپُ هُيس”-.پ ۽ هه جو متحرڪ (اعرابن) ڳانڍاپو رسيلو آهي. “رنگُ هُيس” ۾ گ ۽ هه، “واس هيس” ۾س ۽ هه، “شخص به”، “گلزار هو” ۾ ر ۽ هو (هه) ۽ “گلزار به” ۾ ر ۽ به سان ماترائن جو ڀرپور خيال رکيو ويو آهي- “گلزار هو” ۾ هو جو حرف علت آواز ۾ ڪرڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي- انهن مڙني خوبين کان هڪ ٻي خوبي “منفرد” آهي- يعني اثرائتي رديف جي تخليق- “اهڙو تهڙو”. هي غزل مسرور جي واتان انيس انصاري اڪيڊمي طرفان منعقد ٿيندڙ مشاعري ۾ روبرو ٻڌو هو- بجا طور هي رديف ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ جٽادار جڳهه والاريندڙ آهي-

NA

شاعريءَ ۾ حسن تضاد جي ترڪيب استعمال ڪرڻ سان قاري جو منفرد سوچ ۽ ويچار ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويندو آهي.

ڏکيائي ۾ به سولائي-

اسان کي عشق سمجهائي

هن سٽ ۾ تخيل جو برجستو ۽ بي ساختا اظهار فطرتي محسوس ٿئي ٿو. حسن تضاد جا ٻيا ڪجهه مثال:

۽ ناداني ۾ دانائي-

اسان کي عشق سمجهائي

——

 آزاد ٿي وڃڻ جي، خواهش نه ڪا رهي ٿي،

هن زندگي جو هي زندان مختلف آ.

——

“هن زندگي جو” زندان— معنيٰ ٻي زندگي جي زندان ڏانهن اشارو دانشوراڻو نُڪتو آهي.

سفر اوکو به سوکو آ.

اڃا وک تيز تر آهي

—–

ملڻ جو سُک ڀي سانڍيو-

ڇڄڻ جو ڏکُ ڀي سانڍيو.

مسرور پيرزادي ويچارن کي ولوڙي ولوڙي جيڪو ست جو تت ۽ تت جو ست پڙهڻ لاءِ اسان کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اوسر جو اولڙو آهي- هي اولڙو گهٽ مقدار کان گهڻ- مقدار ڏانهن وڌندڙ  آهي ته گهٽ معيار کان گهڻ- معيار ڏانهن به سرندڙ آهي-

انفراديت سان ٽمٽار “منفرد” شعري ڳٽڪو رڳو پنهنجي لاءِ لکيل ڪونهي- سڀئي پڙهي ڪجهه پرجهي سگهن ٿا:

رڳو تخليق منهنجي آ، تڏهن ڀي هيءَ عوامي آ،

سڀني لئه شاعري آهي، کڻي جو خود ڪلامي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو