Home / سياسي افيئر / ايم ڪيو ايم-پ پ ڳٺ جوڙ آخر ڪيستائين؟
above article banner

ايم ڪيو ايم-پ پ ڳٺ جوڙ آخر ڪيستائين؟

الله رکيو نعيم ملاح

11 مارچ  تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نائين زيرو تي چڙهائي ڪري ايم ڪيو ايم جي مبينه قاتلن، دهشتگردن، ڀتا خورن ۽ انسانيت جي تذليل ڪندڙن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. جنهن جو سور ۽ تڪليف ايم ڪيو ايم شدت سان محسوس ڪيو پر انهي ڇاپي آصف علي زرداري کي پڻ بي چين ڪري ڇڏيو. هن صاحب مبينه دهشتگردن جي گرفتاري تي سوڳ ملهائيندي الطاف ڀائي سان ٽيليفون تي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين جي حيثيت ۾ متحده کي هڪ دفعو وري سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت پڻ ڏني. اڃا ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل ڏوهارين جو فيصلو عدالت تائين 90 ڏينهن اندر پهچڻو آهي ۽ پڻ ڦاسي جي سزا جي ڪجهه مجرمن بابت عمل درآمد ٿيڻو آهي پر ان کان اڳ ۾ آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم سان پنهنجي وفاداري، سچائي، ديانتداري، اخلاص ۽ محبت  جو اظهار ڪندي تجديد وفا کي بار بار ورجايو. آصف زرداري کي شايد اها ڳالهه وسري ويئي آهي ته الطاف حسين ماضي ۾ بار بار سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيڻ وقت هر موقعي تي پيپلز پارٽي تي سنگين الزام مڙهيندو رهيو. خبر ناهي اهي الزام به هاڻ ڌوپجي ويا آهن يا اڃا تائين پيپلز پارٽي جي ڪنڌ تي ايم ڪيو ايم جا لڳايل الزام سوار آهن؟ ايم ڪيو ايم  هر وقت هر دور ۾ پيپلز پارٽي کي بليڪ ميل ڪري وزارتون وٺندي رهي آهي. سڀني کاتن ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرائي روزگار جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي. سنڌ پوليس ۾ پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪري ملڪي سالميت جو منهن قتل گاهن ڏانهن موڙيو آهي. هن وقت تائين ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، فلاسافر، تعليم جا ماهر، سياستدان، اديب، پرنسپل، سماجي ورڪر، شاگرد ليڊر ۽ قومي رهنما ڪراچي ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيا. افسوس آهي  آصف زرداري جي سوچ تي جيڪو انهن سڀني ڳالهين جو علم رکڻ جي باوجود انهن سان همدردي ڪندي چوي ٿو ته ڏکئي وقت ۾ الطاف ڀائي جو ساٿ نه ڇڏينداسون.

آصف صاحب!!! ڇا ايم ڪيو ايم جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي دائري ۾ آڻڻ ايم ڪيو ايم تي ڏکيو وقت آهي؟ سائين توهان سنڌ جي 5 ڪروڙ ماڻهن تي رحم ڪريو. ڊپ ۽ خوف جي ڪابه ضرورت نه آهي، ناراض نه ٿيو. ايم ڪيو ايم سان اڌ ڀائيواري ۽ ٺيڪيداري تي حڪومت هلائڻ جا خواب ڇڏي ڏيو. ملڪ جو قانون، ٿاڻا ۽ پوليس توهان سان گڏ آهن. جڏهن بلاول ڀٽو اهو چيو ته لنڊن مان اڏامندڙ لغڙ جي ڏور ڪاٽي ڇڏينداسون. الطاف ڀائي کي ڊپ ٿيو جنهن چيو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو. ڪراچي کي الڳ صوبو بنايو ويندو. عوام سنڌ حڪومت کان پڇي ٿو ته توهان به ڪراچي کي صوبو بڻائڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ الطاف ڀائي جي مشڪلات دور ڪرڻ ۾ سندس مدد لاءِ ٻانهن ٻيلي آهيو يا نه؟ هتي هيءَ ڳالهه وڏي معنيٰ خيز آهي ته گذريل مهيني 28 اپريل تي وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين وزيزن سان آصف علي زرداري جي گڏجاڻي کانپوءِ هڪدم وڃي گورنر سنڌ عشرت العباد  سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪري الطاف کي دوستي جا دلاسا ڏيئي رينجرز واري آپريشن ۾ الطاف کي اڪيلو نه ڇڏڻ ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو. جنهن جو مطلب آهي آصف-الطاف ڀائي ڀائي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي مستقبل ۾ هڪ ئي پارٽي ٿي ويندي؟؟

هن وقت سياسي ڳالهين ڪري بدين ضلعو تپي ٽامڻي ٿي ويو آهي بازارون، رستا، روڊ ٿاڻا پوليس ئي پوليس اهڙي ماحول ۾ آصف زرداري جو پراڻو يار غار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنهن صوبي سنڌ کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو پردو چاڪ ڪيو  سو سياسي ۽ جاني طور تي مصيبت ۾ آيل آهي. جڏهن الطاف حسين سنڌ ۾ مهاجر صوبو ٺاهڻ  جي ڳالهه ڪئي تڏهن بلاول ڀٽو اهو نعرو هنيو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جنهن جي جواب ۾ الطاف ڀائي جواب ڏنو ”ڏيسون ڏيسون پوري سنڌ ڏيسون“ سائين وڏا ڇا! مفاهمت جي نالي ۾ دولت ڪمائڻ جي حوس ۾ توهان پنهنجي قومي تشخص، سنڌي سڃاڻپ، پنهنجي مادر وطن تان دستبردار ٿي قوم دشمن، وطن دشمن، ننگ ۽ ناموس فروش، دريارِ غير لنڊن جي شهري الطاف سان ڏک سک ۾ گڏ رهڻ جو واعدو ۽ وچن ڪريو ٿا. پر اهو سودو سياسي طور توهان کي ڏاڍو مهانگو پوندو. انهي ڪاروبار مان ايترا پئسا ڪونه ڪمائي سگھبا جيترا پئسا شوگرملن مان پاڻ کي ملن ٿا. حب الوطني  مادر وطن جو دفاع اسان جو قومي اخلاقي ۽ نمڪ حلالي جو نشان آهي. انهيءَ حوالي سان سنڌ جو ٻچو ٻچو بلڪ ملڪ جي چئني صوبن جو عوام ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. مرزا ئي پهريون ماڻهو آهي جنهن قاتلن ۽ دهشتگردن خلاف نعرو هنيو ۽ عملي طور ميدان ملهايو.

17

بهرحال اسان جي سروي ۽ معلومات مطابق ڊاڪٽر ذوالفقار سان ماڻهن کي محبت ان ڪري آهي جو هن صاحب پنهنجي دور اقتدار ۾  ماڻهن کي نوڪريون مفت ۾ ڏئي باروزگار ڪيو جڏهن ته بدين ۾ پ پ جي هر هڪ عهديدار نوڪريون وڪرو ڪيون. مرزا صاحب ماڻهن کي بجلي، گئس، رستا، اسڪول، اسپتالون ڏنيون ۽ سوين مريضن جو پنهنجي گهران علاج ڪرايو. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ٻين ليڊرن وٽ ڪوڙن ووچرن جا فائيل ڀريل آهن ۽ سرزمين تي ڪجهه به نه آهي. توهان جي عملن جي ڪري ممڪن آهي ته سنڌ تي گورنر راڄ مسلط ٿي وڃي ۽ مرڪز توهان جي ناپسنديده شخصيتن ممتاز علي ڀٽو ۽ مرزا ذوالفقار علي جي نالن تي غور ڪري رهيو آهي. توهان الطاف کي هر مصيبت کان بچائي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهڙي خدمت ڪرڻ چاهيو ٿا؟ شايد اهوئي سبب آهي جو توهان جي اشاري سان الطاف خلاف  سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. حالانڪه سنڌ اسيمبلي وٽ تحريڪ پيش ڪرڻ جو وڏو جواز موجود آهي. جڏهن ملڪ جي ٽن صوبن جي ايوانن مان ايم ڪيو ايم خلاف تحريڪ متفقه طور پاس ٿي آئي آهي ۽ فقط سنڌ ۾ قاتلن جي خلاف خالي تحريڪ پيش ڪرڻ جي به اجازت نٿا ڏيو حالانڪه اهي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه به ڪري رهيا آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته توهان ڪهڙي مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو؟ سائين ڪٿي ائين نه ٿئي جو جيتري ماڻهو نفرت الطاف سان ڪن ٿا متان مصيبت واري وقت ۾ الطاف جو ساٿ ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ جي نتيجي ۾ اوتري نفرت ماڻهو توهان کان به ڪرڻ شروع ڪري ڏين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو