Home / اسپيشل افيئر / اي ڪي هنگل ڪراچي جو اوتار!
above article banner

اي ڪي هنگل ڪراچي جو اوتار!

اختر بلوچ

آءُ اڄڪلهه پنهنجي دوستن جي فرمائشن ۾ گهيريل آهيان. “افيئر” ۾ شايع ٿيندي ئي دوستن جا فون ۽ پيغام اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ته هن موضوع تي لکو، هُن موضوع تي لکو. ڪراچي جي حوالي سان فلاڻي شخصيت تي اوهان ناهي لکيو. ان تي لکڻ گهربو هو. اهڙا سمورا پيغام ڏسي مونکي خوشي به ٿيندي آهي ۽ گڏوگڏ ڏک به ٿيندو آهي ته هڪ ته وسيلا محدود آهن ۽ ذريعا به. ليڪن حسرت چواڻي:  ہے مشق سخن جاری اور چکی کی مشقت بھی

سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن زمان خان لاهور مان فون ڪيو ته مون کي اي ڪي هنگل تي لکڻ گهرجي، ان اها به مهرباني ڪئي ته هنگل جو انٽرويو به موڪلي ڏنو. اي ڪي هنگل هندستاني فلم انڊسٽري ۾ 300 جي لڳ ڀڳ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هنگل پڪو ڪميونسٽ هو ۽ هو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪميونزم آڻڻ پيو چاهي. پنهنجي نظريي تي پختگي سان بيهڻ جي ڪري کيس ڪراچي ۾ 2 سال جيل ڀوڳڻو پيو ۽ هو حيدرآباد جيل ۾ به رهيو.

هنگل جو پورو نالو اوتار ڪشن هنگل هو. هن پاڪستان ڇڏڻ کانپوءِ انڊين فلمن ۾ ڪريڪٽر ايڪٽر طور نالو ڪمايو. خاص طور تي 1975ع جي مشهور هندستاني فلم شعلي ۾ “رحيم چاچا” جو ڪردار سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. ڪراچي ۾ جيڪڏهن ڪميونسٽن جي ڪميونسٽ پارٽي جو ذڪر ڪجي ته ان جي ڊگهي تاريخ آهي. انهن ڪميونسٽن ۾ زيب النساءَ عرف شانتا ديوي، سوڀو گيانچنداڻي، امام علي نازش، سجاد ظهير ۽ انهن جهڙا کوڙ سارا ماڻهو شامل هئا. ليڪن هڪ ٻيو دلچسپ ڪردار لياري جو بخشي ڪامريڊ پڻ هو. بخشي ڪامريڊ جو اٿڻ ويهڻ بلڪه سڀ ڪجهه ڪميونزم هو. هو ڪميونزم سان جذباتي طور ايترو ته لاڳاپيل هو جو ڪيترائي ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته فوٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ روس جو مقابلو ڪنهن ٻي ٽيم سان هو ۽ روس اها ميچ هارائي ويو. اهو مقابلو لياري ۾ هڪ عمارت جي ٽين ماڙ تي وڏي اسڪرين تي ڏٺو پي ويو، جيئن ئي روس ميچ هارائي، بخشي ڪامريڊ ٽين ماڙ تان ٽپو ڏنو، نتيجي ۾ سندس ڄنگهون ٻانهون ڀڄي پيون، ان وقت جا ڪامريڊ ايترا ئي سچا هوندا هئا.

خير آءُ ذڪر ڪري رهيو هوس ڪراچي جي اوتار جو، اوتار پنهنجي نظرئي جي ڪري ڪراچي جيل ۾ قيد جون سختيون برداشت ڪري رهيو هو ته اوچتو حڪم آيو ته کيس حيدرآباد جيل منتقل ڪيو وڃي. جڏهن کيس حيدرآباد جيل منتقل ڪيو ويو ته هن جيل منتقلي جو احوال پنهنجي انٽرويو ۾ ڪجهه هن ريت ڪيو آهي:

“جڏهن مونکي حيدرآباد جيل منتقل ڪيو ويو ته اتي غني خان به قيد هيو. غني خان، غفار خان جو پٽ ۽ ولي خان جو ڀاءُ هو. هن مونکي چيو ته آءُ پاڪستان ۾ ڇو پيو رهان، هن وڌيڪ چيو ته تون هندو آهين ۽ تنهنجو هتي ڪهڙو مستقبل آهي، ڪجهه به نه. مون وراڻيو ته توهان مسلمان آهيو ۽ جيل ۾ آهيو، توهان جو هتي ڪهڙو مستقبل آهي؟ هن چيو ته اسان پختونن کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون، ڪانگريس اسان سان دوکو ڪيو.”

اوتار، سوڀو گيانچنداڻي سان گڏ هڪ درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي، سندن چار وڪيل هئا، جن مان هڪ نوجوان شيخ اياز هو. اي ڪي هنگل ڪميونسٽ هو ان جو سبب سندس ڪراچي ۾ موجودگي هئي، جتي هو ڪميونزم کان متاثر ٿيو. ڪراچي ۾ پنهنجي رهائش دوران هن هڪ درزي جي دڪان تي نوڪري پڻ ڪئي هئي، ان جو هڪ بنيادي سبب اهو هو ته هو ڪپڙا ڪٽڻ ۾ تمام گهڻي مهارت رکندو هو. ايتري تائين ته معاملو ٺيڪ هو، دڪان مالڪ سان سندس گهاٽي سنگت هئي، بلڪه اڪثر عورت ڳائڻين وٽ هو ٻئي گڏ ويندا هئا. ليڪن اي ڪي هنگل ڪميونزم جي پيغام کان گهڻو متاثر ٿي چڪو هو ۽ اهو ٿي سمجهيائين ته ڪميونزم ئي معيشتن جو واحد طريقو آهي جنهن ۾ سڀني ماڻهن کي پنهنجا حق ملي سگهن ٿا.

50 new

ايئن  هن ڪراچي ۾ ٽيلرنگ ورڪرز يونين جو بنياد رکيو. ليڪن ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس اهو مالڪ جيڪو سندس گهرو دوست هو، اهو ان جي خلاف ٿي ويو. اوتار ملازمن جي حقن جي بحالي لاءِ مطالبن جي هڪ فهرست ٺاهي ۽ مالڪ کي پيش ڪيائين. انهن مطالبن ۾ بنيادي نقطو اهو هو ته يونين ٺاهي وڃي ۽ شاپ اينڊ اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ جي پاسداري ڪئي وڃي. ان جي جواب ۾ هنگل ۽ ٻين ملازمن کي سندس دوست نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو.

1946ع ۾ هنگل کي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، جيل وڃڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت ۽ هندستان جي وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿيو، جڏهن سندس ڀارت منتقلي جو حڪم آيو ته هن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ سندس نظر بندي ۾ وڌيڪ ڇهه مهينا واڌ ڪئي وئي. قصو مختصر اهو آهي ته نيٺ کيس زبردستي هندستان اماڻيو ويو.

اوتار هڪ آزاد خيال ۽ مذهبي هم آهنگي جي پرچار ڪندڙ انسان هو. هو پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار وقت به به وقت ڪندو رهندو هو. هندستان جي انتها پسند مذهبي اڳواڻ بال ٺاڪري کي اها ڳالهه پسند نه آهي، ٽائيم آف انڊيا جي ويب سائيٽ تي 26 آگسٽ 2012 تي شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾ شيو سينا جي سربراهه بال ٺاڪري طرفان اي ڪي هنگل تي غداري جو الزام هنيو ويو. سندس فلمن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. شيو سينا طرفان سندس پتلا ساڙيا ويا ۽ ڪيترين ئي فلمن جي منظرن مان به کيس نيڪالي ڏني وئي.

روزاني ڊان ۾ شايع ٿيندڙ هڪ خبر موجب اوتار ان جو جواب ڪجهه هن ريت ڏنو. “بال ٺاڪري 6 ڊسمبر 1992ع تي بمبئي ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۽ ايوڌيا جي واقعي کانپوءِ بيان ڏنو ته آءُ اينٽي انڊين آهيان. مون کيس ٻڌايو ته آءُ ان وقت کان ديش ڀڳت آهيان جڏهن تون پيدا به نه ٿيو هئين. آءُ آزادي جي جهدوجهد لاءِ وڙهيو آهيان ۽ جيل به ڪاٽيا اٿم، قربانيون به ڏنيون، مونکي توکان ديش ڀڳتي جو سرٽيفيڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي. مون کي روز رات جو قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملنديون رهيون. ليڪن مون تڏهن به مصلحت کان ڪم نه ورتو. توهان مهاراشٽر جي وڏي ليڊر هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهيو جڏهن ته مون مهاراشٽر جي لاءِ قربانيون ڏنون. آءُ جڏهن بمبئي آيس ته مون مهاراشٽر موومينٽ ۾ حصو ورتو، ان ۾ منهنجي زال به شامل هئي، کيس اهڙي جيل موڪليو ويو جتي خطرناڪ ڏوهارين کي رکيو ويندو هو”

پاڪستان جي مشهور دانشور راحت سعيد جون اوتار سان تمام گهڻيون ملاقاتون هيون. سندس مطابق هنگل صاحب پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ سان ڏاڍي محبت ڪندو هو ۽ سندس خواهش هئي ته سال ۾ هڪ ڀيرو پاڪستان ضرور اچي. مون کانئس پڇيو ته توهان کي هنگل جي ڪا خاص ڳالهه يا عادت ياد آهي ته راحت صاحب ٻڌايو ته ماڻهو گهڻو ڪري کانئس مطالبو ڪندا هئا ته “شعلي” فلم جا اهي ڊائلاگ ٻڌائي جڏهن سندس پٽ کي قتل ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو لاش رام ڳڙهه پهچندو آهي ته هن جو پهريون جملو اهو هوندو آهي ته: “بسنتي او بسنتي ايترو سناٽو ڇو آهي ڀائي”. مون اهو به ڏٺو ته هڪ ڏينهن ۾ 10 کان 15 ڀيرا مخلتف وقتن تي کائنس اها فرمائش ڪئي ويندي هئي پر هو بيزاري جو اظهار نه ڪندو هو. ان “سناٽي” کيس امر ڪري ڇڏيو.

ايئن ته هن سوين فلمن ۾ ڪيو ليڪن هي جملو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو، ان موقعي تي آءُ اوتار جا ڊائلاگ جيئن جو تيئن بيان ڪيان ٿو:

بسنتی او بسنتی!

یہ اتنا سناٹا کیوں ہے بھائی؟

کون ویرو؟ بیٹے یہ خاموشی کوں ہے یہاں؟ ھاں!

کیا ہوا؟ یہ کیا ہوا تھا بیٹا۔ یہ کہان جا رہے ہو؟

احمد، احمد، انا للہ و انا الیھ راجعون

ڪو به ماڻهو اهو بار نٿو کڻي سگهي ڀائي، ڄاڻين ٿو ته دنيا جو سڀ کان وڏو ٻوجهه ڪهڙو هوندو آهي؟

پيءُ جي ڪلهي تي پٽ جو جنازو! ان کان ڳرو ٻوجهه ڪو به نه آهي. آءُ پوڙهو اهو ٻوجهه کڻي سگهان ٿو ۽ تون هڪ مصيبت (گبر سنگهه) جو ٻوجهه نٿو کڻي سگهين؟ ڀاءُ آءُ ته فقط هڪڙي ڳالهه ڄاڻان ٿو عزت جي موت ذلت جي زندگي کان بهتر آهي. پٽ مون وڃايو آهي آءُ پوءِ به اهو چاهيندس (جي، ويرو) هتي ئي رهن.

اِهي هئا اهي ڊائلاگ جن هنگل صاحب کي لافاني ڪري ڇڏيو. پاڪستان کان ڀارت لڏپلاڻ ڪندڙ روشن خيال هندو دانشور انڊيا ۾ به انتها پسندي جو شڪار ٿيا. آءُ سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اوتار پاڪستان ۾ هجي ها ته شايد پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۽ ٿيئٽرعروج تي هجي ها. ان جي نه چاهڻ باوجود به کيس هندستان اماڻيو ويو ۽ پوءِ پنهنجي وطن جي محبت جي ڏوهه ۾ سندس خلاف اشتعال انگيزي ڪئي وئي ۽ هن پنهنجي آخري عمر نهايت غربت جي حالت ۾ گذاري. آءُ ته جڏهن به پنهنجي آس پاس ٿيندڙ واقعن تي ماڻهن جي خاموشي کي ڏسندو آهيان ته مونکي اي ڪي هنگل جو اهو ڊائلاگ ياد ايندو آهي ته:

بسنتی او بسنتی! یہ اتنا سناٹا کیوں ہے بھائی؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو