Home / ويندي ويندي / بحريا،اومني گروپ ۽ ٽلو مل جي ڪوٺي
above article banner

بحريا،اومني گروپ ۽ ٽلو مل جي ڪوٺي

حجام جو دڪان هجي ،چانهه جي هوٽل هجي ،مڙهي هجي يا مئخانو!اوهان جتي به بار بار ايندوءَ،ويندوءَ،وري وري ايندوءَ ۽ وري وري ويندوءَ..

گهڻي اچ وڃ ڪندوءَ ته آخر ڪار ڪونه ڪو ته پڇا ڳاڇا ڪندو ،بار بار اچ وڃ جو سبب ته پڇندو يا نه ؟

بلڪل پڇندو ۽ پڇڻ به کپي ته “جناب اوهان سان آخر مسئلو ڪهڙُو آهي ؟

اوهان اندر آيا ته ڪهڙي مقصد جي لاءِ آيا هئا ۽ جي ٻاهر ويا ته ڇا جي لاءِ ويا ؟

۽ جي ٻاهر ويا ته آخر ڪهڙي خوشي ۾ اندر آيا .؟اوهان کي هي ٽلو مل جي ڪوٺي ٿي لڳي ڇا ؟

معنيٰ ته اهڙو پڇاڻو هر هنڌ ٿي سگهي ٿوسواءِ ٽلو مل جي ڪوٺي جي ….

اوهان ڪڏهن اها ٽلومل جي ڪوٺي ڏٺي آهي ،جيڪا زمانن کان پاڻ سڀ ٻڌندا ،سڻندا  پيا اچون _ڀلا انهي ٽلومل جي ڪوٺيءَ جا پار پتا ،ڏس نشان ،منهن مهانڊا اوهان کي ڪٿي پنهنجي آسي پاسي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا …

ٿورو ذهن تي زور ڏيو اها ڳجهارت ڪا اهڙي ڏکي ناهي .بلڪل اهڙي سولي آهي ،جهڙي “چلهه دي چوڌاري ڦرندي اي ،ميائون ميائون ڪردي اي” واري ڳجهارت !

چئو ته ڳالهه کي اڃا به وڌيڪ سولو ڪريون ۽ انهي مان اجايا ور وڪڙ ۽ دانش وارا ور  ڪڍون.اوهان اخبارن ۾ روز روز خبرون به پڙهندا هوندا ۽ مهانگا مهانگا رنگين اشتهار به ڏسندا هوندا …اڌ اڌ پيج جا اشتهار جهڙا ٽي ايم اوز خوشامد طور ڇپائيندا آهن .مثال طور ،

28

ٺٽي جي شيرازي ڀائرن ٽيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو..

گھوٽڪي جي مهرن ادي فريال سان ملاقات ڪري هڪ دفعو وري پ پ پ ۾ شامل ٿي ،شهيد ڀٽي جي نظرئي سان وفا جو وچن ڪري ورتو.

جاتي: محمد علي ملڪاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي..

محمد علي ملڪاڻي کي انڊسٽريز جو وزير ٿيڻ تي  ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، ادي فريال ٽالپر، جو شڪريو ادا ٿا ڪريون . پاران چوهڙ جمالي جو باشعور عوام .

بدين جي هاليپوٽن پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.هاڻي پ پ پ کي ڪڏهن به نه ڇڏبو. وڏيرو بشير هاليپوٽو ۽ اصغر علي هاليپوٽو.

بدين .نواز ليگ اڳواڻ تاج محمد ملاح کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي صدر آصف علي زرداري ،ادي فريال ٽالپر ،مجيد انور ،سيد قائم علي شاه ۽ سردار ڪمال خان چانگ کي مبارڪباد ڏيون ٿا .تاجر اتحاد بدين

بدين.سڪندر منڌري کي موڪل .ڪمال چانگ کي پيپلز پارٽي ضلعي بدين جو صدر ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ کي جنرل سيڪريٽري بنايو ويو..

شاه محمد شاه پيپلز پارٽي ڇڏي نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو…

هاڻي ڏيو منهن !

ڪنهن پڇيو ڀلا شامل ٿيڻ وارن کان ته اوهان ڪهڙي خوشي ۾ ڇڏيو هو ۽ هاڻي وري ڪهڙو الهام ٿيو اٿوجو شامل پيا ٿيو ،نه ڇڏيندڙ کان ڪو پڇاڻو نه ڪو پنجون دفعو شامل ٿيندڙ کان ڪو اڳوڻو احتساب ….

ويٺي ڳالهه ڊول ۾ ؟هاپر جي اوهان انهن پڌرن مثالن جي باوجود به جي اڃا ڳجهارت نه ٽوڙي آهي ته پوءِ اوهان جوٻيو  نالو پڪ سان طاقت جو سرچشمو آهي ۽ اوهان کي ڳالهه سمجهڻ جي هروڀرو ڪا خاص ضرورت ناهي …

ڇو ته اوهان کي ضرورت صرف روٽي ڪپڙا اور مڪان جي آ هي .

جيڪا ضرورت اميد ٿي ڪجي ته ٽلو مل جي ڪوٺي جا سيٺيا ،بحريا ۽ اومينيا پوري  ڪندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو