Home / دنيا / برطانوي چونڊن ۾ اسڪاٽش قومپرستن جي فتح-پارلياماني سياست جا نوان گس کوليندي!
above article banner

برطانوي چونڊن ۾ اسڪاٽش قومپرستن جي فتح-پارلياماني سياست جا نوان گس کوليندي!

اعجاز علي خواجه

7 مئي 2015 تي برطانيا جي 56هين پارليامينٽ جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿي گذري. هن اليڪشن ڪجهه نوان رڪارڊ ٺاهيا ۽ ڪجهه پراڻا بُت ٽوڙي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيا.

اليڪشني پنڊتن جيڪي اڳڪٿيون ڪيون اُهي سڀ غلط ثابت ٿيون ۽ وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي ڪنزرويٽو پارٽي 331 سيٽون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. گذريل 2010ع جي اليڪشن ۾ ساڳي ڪنزرويٽو پارٽي 302 سيٽون کنيون هيون. هن ڀيري ڪنزرويٽو پارٽي 29 سيٽون وڌيڪ کڻي سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. اليڪشني پنڊتن جي خيال ۾ اها چونڊ ڪنزرويٽو ۽ لبرل پارٽي جي وچ ۾ برابر جا نتيجا ڏي ها پر ايئن نه ٿيو. لنڊن ۾ گهڻو تڻو ڪنزرويٽو ۽ لبرل جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيندو آهي. ڪنزرويٽو پارٽي جو اڳواڻ ڊيوڊ ڪيمرون ۽ لبرل پارٽي جو اڳواڻ ايڊ مليبينڊ آهي. لبرل پارٽي شڪست کي تسليم ڪندي ڪنزرويٽو پارٽي جي فتح تي مبارڪباد ڏني.

برطانيا ۾ پارليامينٽري جمهوريت جو نظام رائج آهي. انهي نظام تحت ٽوٽل 650 پارليامينٽري تڪ آهن. انهن 650 تڪن تي هن ڀيري چونڊ ٿي هئي. هر تڪ هڪ پارليامينٽ سيٽ ڳڻي ويندي آهي. انهي جو مطلب پارليامينٽ 650 سيٽن تي ٻڌل آهي. ڪنزرويٽو پارٽي جو پاپولر ووٽ هن اليڪشن ۾ 11،334،576 رهيو جيڪو ٽوٽل ووٽ جو 36.9 % آهي.

اليڪشني پنڊتن سمجهيو ته هيءَ چونڊ به گذريل 2010ع جي چونڊ وانگر ثابت ٿيندي ۽ گڏيل حڪومت هوندي جيڪا هميشه وانگر ڪمزور ثابت ٿيندي. پر ووٽرن مختلف فيصلو ڪيو ۽ ڪنزرويٽو پارٽي کي 331 سيٽون کڻائي هڪ مضبوط پارٽي جي حيثيت سان ڪامياب ڪيو آهي. هاڻي ڪنزرويٽو پارٽي کي ڪنهن به قسم جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي ڪنزرويٽو پارٽي پاڻ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي.

ڊيوڊ ڪيمرون ڪنزرويٽو پارٽي جو پهريون وزير اعظم آهي جيڪو 1900ع کانپوءِ پهريون ڀيرو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ ٻي مدي لاءِ وزير اعظم جو قسم کنيو آهي. اها وڏي ڪاميابي آهي. انهيءَ کان پهرين مارگريٽ ٿيچر لڳاتار ٻه ڀيرا وزير اعظم رهي چڪي آهي.

18

انهي اليڪشن ۾ اسڪاٽش نيشنل پارٽي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. اسڪاٽش نيشنل پارٽي تازو اسڪاٽلينڊ جي آزادي  بابت ٿيل ريفرنڊم ۾ ٿوري گهٽ اڪثريت ماڻڻ ڪري اسڪاٽلينڊ کي برطانيا کان آزاد نه ڪرائي سگهي، پر اسڪاٽش پارٽي جي اڪثريت چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

اسڪاٽش پارٽي اسڪاٽلينڊ جي 59 سيٽن مان 56 تي ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪا هڪ اهم ڪاميابي سمجهي وڃي ٿي. اسڪاٽش پارٽي جو اهو خواب آهي ته اسڪاٽلينڊ کي برطانيا کان الڳ ڪري هڪ نئون ملڪ ٺاهيو وڃي. تازو ٿيل ريفرنڊم ۾ %2 سيڪڙو کان %3 سيڪڙو مارجن جي فرق ڪري اسڪاٽلينڊ ريفرنڊم ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪئي ۽ گريٽ برٽين يا United Kingdom کي متحد ئي رهڻ ڏنو ويو. اسڪاٽش پارٽي انهي جدوجهد تان هٿ نه کنيو آهي پر في الحال برطانوي پارليامينٽ ۾ رهندي اسڪاٽلينڊ لاءِ وڌيڪ حق حاصل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. هن وقت برطانيا اسڪاٽليند کي وڌيڪ حق ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هيءَ نئين پارليامينٽ ڪجهه اهم فيصلا ڪري سگهي ٿي.

برطانيا جو يورپين يونين ۾ يورپ جي مُلڪن سان گڏ رهڻ يا نه رهڻ جي سوال تي ڪنزرويٽو پارٽي جو مؤقف چٽو ڪونهي. پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ اهو چاهين ٿا ته برطانيا حڪومت پنهنجي آزاد حيثيت کي برقرار رکندي جدوجهد ڪري ۽ يورپين يونين کي خدا حافظ چيو وڃي. اهو وقت ٻڌائيندو ته ڪنزرويٽو پارٽي پنهنجي سادي اڪثريت جو هن دفعي ڪهڙو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.

دنيا ۾ جمهوريت جو چيمپين سڏائيندڙ مُلڪ برطانيا آهي ۽ برطانيا ۾ ڪامن ويلٿ ايسوسي ايشن موجود آهي. ڪامن ويلٿ ايسوسي ايشن جا ميمبر اُهي ملڪ آهن جتي جمهوريت آهي. پاڪستان هن وقت ڪامن ويلٿ ايسوسي ايشن جو ميمبر آهي. پاڪستان اها ميمبرشپ مارشل لا جي وقت ۾ وڃائي چڪو هو. ڪامن ويلٿ ايسوسي ايشن، گڏيل قومن کانپوءِ هڪ اهم ادارو آهي جيڪو ميمبر ملڪن کي مختلف ترقياتي ۽ حڪومتي ڪمن ۾ مدد ڪندو آهي.

پاڪستان ۾ جمهوريت هلي رهي آهي. پاڪستان کي برطانيا جي اليڪشن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. برطانيا ۾ اليڪشن هڪ صاف شفاف عمل ذريعي ٿئي ٿي ۽ هر پارٽي ناڪامي ۽ ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سِر کڻي ٿي. پاڪستان ۾ ڪاميابي ته هر ڪو پنهنجي سِر کڻڻ لاءِ تيار آهي پر ناڪامي ڪنهن کي به هضم ڪو نه ٿيندي آهي. جيستائين اليڪشن کي صاف شفاف عمل نه بڻايو ويندو پاڪستان ۾ جمهوريت اڳيان نه وڌي سگهندي. پارٽيون هڪ ٻئي تي ڌانڌلين جا الزام هڻنديون رهنديون.

اسڪاٽش پارٽي اسڪاٽلينڊ جي باري ۾ ٿيل ريفرنڊم ۾ ڪاميابي ته نه ماڻي سگهي آهي پر گهٽ ۾ گهٽ اسڪاٽلينڊ لاءِ وڌيڪ حق حاصل ڪرڻ ۽ پارليامينٽ ۾ وڌ ۾ وڌ سيٽون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

اسانجي قومپرست پارٽين کي پارليامينٽري سياست جي سمجهه ۽ ان جي اهميت کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي اندر رهندي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد اسيمبلي جي اندر ويهي ڪري سگهجي ٿي ۽ سنڌ کي برابري جي بنياد تي حق جدوجهد سان ملي سگهن ٿا. هي دور حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو آهي. 18هين ترميم گذريل پيپلز پارٽي حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي پر ان قدم تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. 18 هين آئيني ترميم کي هر حال ۾ تڪميل تائين پهچايو وڃي. صوبن جي خودمختياري ضروري آهي. پاڪستان جي جمهوريت جو مستقبل صوبن کي حق ڏيڻ سان مشروط آهي.

aakhuwajai@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو