Home / ويندي ويندي / بند ٿي، جيو!
above article banner

بند ٿي، جيو!

پئمرا نيٺ ڏاڍن مڙسن آڏو گوڏا کوڙيا. جيو ۽ جنگ گروپ جنهن گهڻن جا ئي پٽڪا ڌوڙ ڪيا ، حڪومتون ٺاهيون ۽ ڊاهيون “اردو جا جنازه ڌوم” سان ڪڍرائي ٻولي تي فساد ڪرايو، ڪافر ۽ ملحد ڳولي نظريه پاڪستان سان وفاداري ملهائي، سا پاڻ پنهنجي ئي کوٽيل کڏ ۾ ڪري پئي. مڪافات عمل تي يقين رکندڙ ان لقاءَ کي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي سڏيندا. اسان جيئن ته آئيڊيلزم جا قائل آهيون ان ڪري هن ڏکي گهڙي تي جيو سان گڏ آهيون. جيو تي 15 ڏينهن جي پابندي ۽ هڪ ڪروڙ ڏنڊ اسان کي قبول ناهي. اها اظهار جي آزادي تي ڪار ي ضرب آهي.

جيڪڏهن ڏاڍن مڙسن کي جيو جي نڙگهٽ تي لت ڦٻي ويئي ته سڀاڻي ٻئي ڪنهن ميڊيا جي اداري جو وارو ايندو، ان ڪري اظهار جي آزادي جي حق ۾ آواز اٿاربو. پر پاڻ ۾ ويٺا آهيون جيو ۽ جنگ وارا پاڻ ڪهڙا چڱا آهن. اها ته اڃا ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته پيپلي سرڪار جا ڪامران خان ڏينهن ويٺي ڳڻيا. تاريخون پئي ڏنائون ته زرداري سرڪار اڄ نه وئي ته سڀاڻي ضرور ويندي . ۽ اها ته صفا اڄ صبح جي ڳالهه آ ته جسقم لکين ماڻهو ڪراچي ۾ گڏ ڪري فريڊم مارچ ڪيو ۽ جيو ان جو ٽڪرو به نه هلايو. جنگ ۽ نواءِ وقت اخبارون پاڪستان جيتري ڄمار يا ان کان به مٿي ڄمار رکن ٿيون. ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ٻن قسمن جو سياست ٿي رهي هئي. هڪڙي اهي هئا جيڪي پاڪستان کي 1940ع جي ٺهراءُ جهڙو گهڻ، قومي، لبرل وطن رکڻ جا حامي هئا، تن کي “امروز” ، “الوحيد” ۽ اهڙين خبارن جي پذيرائي هوندي هئي ۽ ٻيا هئا ڪٽر، تصعب پرست سياستدان جن کي جنگ ۽ نواءِ وقت گروپ جو ڪلهو مليل هيو.may 31-2015       21

وفاقي سرڪار جنگ، نواءِ وقت جي سرپرستي ڪئي. ٻنهي ادارن هڪڙن کي غدار ۽ ٻين کي محب وطن جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ شروع ڪيا. قوم پرستن ۽ ڪميونسٽن جي ملڪ سان وفاداري مشڪوڪ ڏيکاري سندن مٿان اسٽيبلشمينٽ جا عتاب جائز قرار ڏنا ويا. گذريل 65 سالن کان اها مشڪري هلي رهي هئي. اڃا به جاري آهي. پر ڀلو ٿئي حامد مير جو جنهن عملن رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو. حامد مير اڌ حياتي ملائيت جي خدمت ۽ نظريه پاڪستان جي غدارن جي ڳولا ۾ گذاري الائي ڪڏهن نوانوي ڪوئا کائي ڀلي پار زيارت لاءِ هليو ۽ سندس نانءُ ڪيل گولي اچي کيس لڳي. ممڻ متو. جيو ڏچي ۾ اچي وئي.

پر ان سڄي قصي ۾ ڪٿي به اهو بحث نه ٿو ٿئي ته هن ملڪ سان وفاداري جي تقاضا ڇا آهي؟ ڪير طئي ڪندو ته ملڪ جي ڀلي ۾ ڇا آهي ۽ بري ۾ ڇا؟ مثال طور جنرل ضيا جڏهن اهو طئي ڪيو ته جهادي تيار ڪرڻ قومي مفاد ۾ آهي ته ڇا اهو فوجي آمر ان پاليسي ۾ ٺيڪ هيو يا جنرل مشرف جنهن جهادي پڪڙڻ ۽ ڊالر وٺي آمريڪا حوالي ڪرڻ کي قومي مفاد سڏيو ۽ پاڪستان کي مذهبي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ فرنٽ لائين اسٽيبليمنيٽ جو درجو ڏياريو؟ جيو ۽ نوائي وقت جي نظريه دانن لاءِ ٻئي محب وطن رهيا.

سو، منهنجا سائين، هڪ سوچ، هڪ ذهيت جنهن کي سالن کان جنگ، نواءِ وقت، مذهبي سياسي پارٽين ملڪ تي قابض ٽولي جي سگهه وڌائڻ لاءِ پالي تاتي وڏو ڪيو آهي، جيڪا جماعتي، انصافي ليگي وغيره وغيره فڪر سان مُنهن تار آهي. ساهاڻ سٿري جان ڪو نه ڇڏيندي. جيو پاڻ هاڻ اهڙن فتوائن کي منهن ڏيئي رهي آهي جهڙيون سندس ڪارخاني ۾ اسان پارن لاءِ تيار ٿينديون رهيون. جيو ڀل هاڻ ان سوچ جي ڪمبل مان جند ڇڏائي پر اهو ڪمبل به ته هاڻ سندس جان ڇڏي نه !

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو