Home / سياسي افيئر / جمهوريت جو عوام کان بهترين انتقام!!
above article banner

جمهوريت جو عوام کان بهترين انتقام!!

رام اوڏ

 جمهوريت جي معنيٰ اڪثريت جي حڪومت آهي، جڏهن ته اڪثريت غريبن جي آهي، جيڪڏهن غريبن جي بجاءِ اميرن جي “تاج پوشي” ٿئي ته انهي عمل کي جمهوريت چوڻ مفروضو آهي. جمهوريت ان اعتبار کان عملي ٿي سگهي ٿي، جڏهن سڀ شهري حڪومت ۾ شامل ٿين. اقتداري ايوان رڳو اميرن جي حوالي نه هجن.جيڪڏهن حڪومت عوام منجهان نه آهي، سندن بنيادي حقن جو تحفظ نٿي ڪري ته ان جي ابتدا ۽ انتها آمريت جهڙي هوندي آهي. جيڪڏهن جمهوريت اوچ نيچ کي ڄڻي ٿي، قانون ۽ انصاف جي تقاضا پوري نٿي ڪري ته سٺي حڪمراني وارو تصور بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو.ٻه ڳالهيون اهم آهن: صرف سيڪيولر رياست ئي جمهوري رياست ٿي سگهي ٿي. ۽ ٻيو ته جاگيردار سماج ۾ جمهوري نظام قطعي ممڪن ئي ڪونهي.

RAM

جاگيرداراڻي جمهوريت پنهنجي قول ۽ فعل ۾ بلڪل آمريت جي تقاضا پوري ڪري ٿي. جيڪڏهن عوامي نمائندا جاگيردار آهن ته پوءِ ميرٽ جو قتل عام ٿيندو، بدعنواني وڌندي، نااهلي چوٽ چڙهندي، پنهنجا نوازي ۽ سفارش ڪلچر اڳي کان مضبوط ٿيندو، ادارا تباهه ٿيندا. بدامني پيدا ٿيندي، ماڻهو پنهنجي تحفظ لاءِ ناجائز دولت گڏ ڪرڻ لاءِ سڀ ڪَسرون پوريون ڪرڻ لڳندا. جاگيرداراڻي جمهوريت ۾ سياست جي اخلاقيات جاگيرداري جي دائرن ۾ ريڙهيون پائيندي ته امير ۽ غريب جو فرق مٽجڻ ديواني جو خواب هوندو. جيڪڏهن پارٽين جي ليڊرشپ ۽ عوامي نمائندگي اهڙن فردن وٽ هوندي جيڪي قبائليت، نسل پرستي ۽ سرداري نظام جا حامي آهن ته پوءِ يقيني طور تي جمهوريت جو تصور چِڪنا چُور ٿيندو. دراصل عوامي نمائندگي جي شڪل ۾ اهو استحصال آهي. هر روز هزارين ماڻهو احتجاج ڪن ٿا، ڌرڻا هڻن ٿا، ڇا سندن مطالبن کي ڪا مڃتا ڏني وئي آهي؟ سندن حق تسليم ڪيا ويا آهن؟ عوام جي مرضي جي عين بر خلاف نجڪاري کان ذوالفقار آباد رٿا جي عمل کي روڪيو ويو آهي؟ اڄ حالت اها آهي ته ڀوتارن جي مرضي کانسواءِ پکي به پر نٿو هڻي. ڀوتارڪي سماج انساني آزادي کسي سندن حق گوڏي هيٺ ڏنا آهن، عام ماڻهو وٽ کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي ،تن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ناهي لکين ماڻهو بي گهر آهن، لکين ماڻهو بُک ۽ بيمارين جو شڪار آهن، متوازن غذا ته پري جي ڳالهه آهي ، پر بُک ختم ڪرڻ لاءَ ماني گرهه ناهي ٻارڙن ۽ عورتن کان جبري پورهيو ڪرايو وڃي ٿو. لکين ماڻهو پنڻ تي مجبور آهن،اميرماڻهو امير تر ۽ غريب ماڻهو غريب تر ٿيندو وڃي، ڇا اهڙي نظام حڪومت کي جمهوريت چئي سگهجي ٿو؟ اسان وٽ جمهوريت ائين آهي،جئين ڪينسر جي مريض کي ڊسپرين جي گوري ڏجي! عوام جي نفسيات کي غلاما نه ڪيو ويوآهي، هاڻي ماڻهو پڙهڻ ۽ پرکڻ جي بجاءَ نوڪرين لاءِ وڏيرن حاضري ڀرڻ کي اوليت ڏين ٿا جيڪو جيتري وڌيڪ خوشامد گيري ڪري ٿو اهو وڌيڪ نوڪريون، ٺيڪا ۽ ٻيون مراعتون حاصل ڪري ٿو، ائين مخصوص طبقا ۽ من پسند ماڻهو ئي فائدو حاصل ڪن ٿا باقي عوام کي ڏنڊي جي زور تي هلايو وڃي ٿو.

جيڪڏهن اقتدار تي صرف جاگيردار ۽ سردار قابض آهن، ته اُتي گهڻو ڪري ائين ٿيو آهي جو قانون، پاليسيون ۽ ادارا جاگيردار طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪندا آهن، باقي عام ماڻهو اهڙي نظام جي بدولت عوام بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ جي بجاءِ پسماندگي، غربت ۽ جهالت جي ور ورتل هوندو آهي. ڪجهه ماڻهن وٽ جڏهن اختيار اَچي ويندا آهن ته اِهي اڪثريت لاءِ آزار بڻبا آهن. سياست اُها آهي، جيڪا عوام جي ڏک ۽ سُور کي سمجهي. حقيقت ۾ سياست سوچ جي آهي. سوچ ۾ جيڪڏهن اقتدار پرستي آهي، سوچ ۾ ڪرپشن آهي ۽ سوچ ۾ غريبن سان همدردي ناهي ، ته اهڙي سياست مان ڪجهه به ورڻو ناهي.

جمهوريت ۾ رنگ، نسل، مذهب، ٻولي، جنس وغيره جو فرق نه رکيو ويندو آهي. هر شهري کي برابر موقعا هوندا آهن. هتي عورتون ۽ مذهبي اقليت جيڪي مخصوص سيٽن تي اچن ٿا، اُهي به پٺتي پيل علائقي ۽ پيڙهيل طبقي جي نمائندگي نٿا ڪن، ڇو ته اهي سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي مان کنيا وڃن ٿا. تنهنڪري اِقتدار جي منصفانه وِرڇ واري ڳالهه، جيڪا جمهوريت جي تضاضا پوري ڪري ٿي، تنهن تي ڪاري ضرب لڳي وڃي ٿي. ائين ترقي جي ڊوڙ ۾ اهي گروهه محروم ٿي وڃن ٿا. هنن پوئتي پيل هيڻن طبقن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت زوال پزيري ڏانهن وڌندي ويندي آهي.

جيڪڏهن جمهوري حڪومت ۾ به ادارن ۾ نااهل ماڻهو چور دروازن کان داخل ٿين ته پوءِ اهي عوام جي لاڀ بجاءِ آزار بڻبا آهن. هوڏانهن، هي سرمائيدار ۽ جاگيرداراقتدار جا حامي آهن. هنن جون وفاداريون صرف اقتدار لاءِ آهن. چاهي آمريت هُجي يا نام نهاد جمهوريت، پر هنن کي اقتداري ڌُر جو ساٿ ڏيڻو آهي. هنن وٽ سياسي اصول ۽ اخلاقيات فقط “ڪرسي” آهي!!

هتي جيڪي اقتدار پرست پارٽيون آهن، اُهي جاگيردارن جون ذاتي جاگيرون ٿي ويون آهن. هنن جو نسل در نسل تسلط پئي رهيو آهي. هي ڪنهن به صورت ۾ نواڻ قبول نه ڪندا آهن. نسل در نسل اها خانداني هڪ هٽي دراصل عوام کي قانون جي پاسداري بجاءِ اَسير بڻائي ٿي. آزادي، برابري ۽ انصاف جي بجاءِ غلامي، طبقاتي اوچ نيچ ۽ نا انصافي کي هٿي ڏيئي ٿي. اهڙي حالت ۾ هڪ بهترين سماج جي بدران بُراين ۽ بُڇڙاين وارو ماحول جُڙي ٿو. چور، ڌاڙيل جنم وٺن ٿا.

سرمائيدار ۽ جاگيردارجي سوچ پنهنجي آهي. هنن رياست اندر رياست قائم ڪري ورتي آهي! هي هر اَڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهن. هنن جي “حد” ۾ ڪنهن کي مجال آهي جو قانوني ۽ اصولي ڳالهه ڪري. هنن ادارن کي پنهنجي “روايتن” جو پابند ڪيو آهي. هنن جي حد ۾ عورتون ڪاريون ڪري بي موت ماريون وڃن ٿيون، قبيلائي ويڙهاند ڪَر کڻي اُٿي ٿي، ڪيئي ڳڀرو نوجوان مارجي وڃن ٿا. هنن جي دِلي تمنا سان جرڳو ٿي سگهي ٿو، پر اِهو ساڳيو مامرو عدالت ۾ ڪيس جي صورت ۾ ڪين هلي؟ هي ڀوتار جتي ڪاروڪاري جي واقعن جي سرپرستي ڪن جرڳا ڪن، ادارن کي پنهنجي اِشارن تي هلائين، انهن سڀني ڳالهين تي پنهنجو “سماج” هِنن سان متفق آهي!

هنن جو ارادو آهي ته عوام سياسي، سماجي ۽ معاشي طور ڪنهن به صورت ۾ ترقي نه ڪري. عوام کي هر حال ۾ محتاج رکڻو آهي، گِروي ڪرڻو آهي، سندن حقن کي گوڏي هيٺ ڏيڻو آهي.! جيڪڏهن ماڻهو جهالت جي دائري ۾ رهندا ته سندن غلامي پيا ڪندا. جيڪڏهن سياسي ۽ سماجي طور شعور اَچي ويو ته سندن “بادشاهت” برقرار ڪيئن رهندي؟ تنهنڪري لازمي آهي ته هي ماڻهو اڻ پڙهيل ۽ جاهل هُجن! ائين ماڻهو جِي حضُوري ۽ غلامي جو روستو وٺن ٿا. جاگيردار ۽ سردار پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ ڊڪٽيٽر هوندو آهي. انهي وٽ عوام تي مرغوب ٿيڻ جو وڏو فن آهي. هو سڀ کان اول پنهنجي سماجي رُتبي کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ذهني آلودگي جي اهڙي رَوَش هٿان عوام خوف جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل رهندو آهي.

هتي ماڻهو سماجي ۽ معاشي طور تي بنهه ويا ڪل ٿي چڪو آهي تعليم، صحت کان وٺي روزگار تائين کيس موقعا نه هئڻ برابر آهن. جيڪڏهن مفاد جاگيردارن سان گڏ ورتا آهن ته اُهي صرف موقعي پرست مڊل ڪلاس ورتا آهن، جن پنهنجي “عقل ۽ فهم” جو عاليشان استعمال ڪري، ٺيڪيداريون، نوڪريون، قبضا گيريون ڪيون آهن. جاگيردارن مڊل ڪلاس کي استعمال ڪري هڪ “زبردست” رشوت ۽ سفارش ڪلچر متعارف ڪرايو آهي. محنت، ايمانداري ۽ قابليت جھڙن انساني خوبين کي ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائي بدنيتي کي جاندار ڪيو آهي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڪثر پارٽين جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي ڀرتي پئي ڪيو آهي. اهي پارٽيون تبديلي جي بجاءِ دراصل “حوسِ اقتدار’’ جون حامي رهيون آهن. جاگيرداري جي جَڙن کي مضبوط ڪري هڪ مخصوص طبقي کي مراعتون ڏيئي مچائي مواڙ ڪيو ويو آهيتاريخ جي پوئين دور ۾ جمهوريت جي اخلاقيات چنڊ خاندان تي طئه ڪندا رهيا. ذاتي مفادن تائين محدود اهڙي خانداني اجاره داري مدي خارج سياسي ميراث جو وڏو ثيوت آهي. خانداني موروثيت جو جئين جو تئين فعال هُجڻ سبب سماج شعوري ڏيوا لپئي جوشڪار رهيو آهي. مطلب ته هڪ ڀوتارڪي سوچ جو تسلسل آهي، جيڪو سالن کان پيو پاسا ورائي ۽ جاگيردارانه جمهوريت جي اِن چرخي ۾ عوام عدم تحفظ جو شڪار رهيو آهي. جمهوريت جاگيردار۽ سرمائيدار طبقي وٽ گِروي رهي آهي.

اسان وٽ موروثي سياست جي مرض جمهوريت جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن کان اهي ساڳيا چند خاندان اقتدار جي محبوبه ماڻيندا رهيا آهن. سياست جو چرخو انهن جاگيردار خاندانن جي منشا کان ٻاهر ڦِري نه سگهيو آهي. اِهي خاندان بنيادي طور تي رجعت پرست آهن. سياست ۾ موروثيت ۽ انهن خاندانن جي اَجاره داري ۽ هڪ هٽي جي ڪري سماج بُري طرح جمود جو شڪار ٿيو آهي. انهي صورتحال۾ سماجي ۽ سياسي تبديلي جي ڳالهه نڪري ٿي ته پوءِ سڀ دعوائون دم ٽوڙي ڇڏين ٿيون. پنهنجا خيال، خواب ۽ اَحساس اغوا ٿيل آهن. پنهنجي ذهنيت غلامي تي سهمت آهي.! جڏهن هنن جي رضا ۽ مرضي کانسواءِ پکي به پَر نٿو هڻي ته پوءِ پاڻ ڪير ٿيندا آهيون نئين صبح جي ڳالهه ڪرڻ وارا!

جلي ڪيسين جوت، واچوڙا ويڙهي ويا،

ڳاراڻا ڳڻ ڳوت، لتاڙي ويا لاٽ کي. (شيخ اياز)

Oad.ram@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو