Home / اسپيشل افيئر / جنگاڻ ۾ ورتل دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي؟
above article banner

جنگاڻ ۾ ورتل دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي؟

ثناءُالله عتيق چنجڻي

موجوده دور جي ٻن اهم سياسي مرڪزن يعني اولهه ۽ اوڀر اندر لڳي ٿو ته طاقت جو توازن مسلسل لُڏي لمي رهيو آهي. توڙي جو ٻنهي سياسي پلڙن اندر برابري جا امڪان ته برابر موجود رهيا آهن. پر، لڳاتار هڪ صدي اڳ جهڙيون حالتون جوڙيندڙ تعصباڻيون حرڪتون موجوده دنيا جي انساني وسيلن اندر هيجان انگيز حالتون پيدا ڪري چڪيون آهن. کنڀيءَ جيان ڦٽندڙ مسئلن سان گڏوگڏ دنيا هن وقت ايٽمي طاقتن واري گولي جي حيثيت پڻ رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت عالمي حالتون ذهني هيجان وارين ڪيفيتن منجهان گذري رهيون آهن. ٻئي طرف دنيا اندر هر طرف جبر ۽ ڏهڪاءَ وارو ماحول جيئن جو تيئن موجود پيو نظر اچي. هر طرح جي موتمار امڪانن سان سٿيل ايڪويهين صديءَ واري دنيا جي پليٽ هزارين ايٽمي هٿيارن، هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مارڪندڙ ڪيميائي ميزائلن سان سجايل نظر پئي اچي. طاقت جي عسڪري شڪل ايتري تبديل ٿي چڪي آهي جو صرف آمريڪا جهڙي ملڪ جي جنگي قوت جو اٺ هزار سالن جي فوجي طاقت اندر ڪو مثال نه ٿو ملي. دنيا جي معاملن اندر چوڪسي رکڻ توڙي معاشي مقصدن واري خفت سبب آمريڪا عسڪري خرچ برداشت ڪندو نظر پيو اچي. روسي رڇ پنهنجي مخصوص سردي ۽ برف اندر هينئر به دنيا جي طاقتور ايٽمي قوت بڻيل آهي. بيني نڪ وارا چيني، جپاني، ڪورين ۽ ملائشين علائقا دنيا جي جاگرافيائي بيهڪ سان گڏ سڌرندڙ معاشرا بڻجڻ جو آغاز ڪرڻ چاهن ٿا. باوجود سونهري موقعن جي دنيا اندر جاري هٿيارن جي واپار وارو موتمار ٽڪساٽ دنيا اندر امن کي درپيش شديد خطرن اڳيان ڪا حيثيت ئي نه ٿو رکي.

عالمي طور تي يورپ جو ذهني انتشار هينئر هڪ ٻرندڙ مسئلو بڻجي رهيو آهي. يورپين يونين پنهنجي جديديت جي سمورن لوازمات سان گڏ نيٽو پاور سان همڪنار نظر پئي اچي. اهو ئي سبب آهي جو ڪرائميا سان الحاق کان پوءِ پنهنجي مزاج جو نئون ڏينهن ڏسڻ جو خواهش مند روس نيٽو کي پنهنجي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏئي چڪو آهي. ايٽمي طاقت رکندڙ اتر ڪوريا پڻ آمريڪا جي هڪ ڪمپني خلاف  حملي جون ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي. تنهنڪري، عالمي سياسي منظرنامي اندر مختلف مرحلن اندر ترقي يافته سمجهيو ويندڙ يورپ پڻ بذات خود پنهنجن مسئلن جو منجهيل سُٽ ڪونه سلجهائي سگهيو آهي. توڙي جو يورپ اندر هر انساني معيار اندر جديديت جو رجحان موجود آهي. پر معاشي ڪرتب بازين سان گڏ عالمي آبادي کان ويندي موتمار بيمارين جي زد ۾ عالمي آبادي جو ويڙهوٽو عجيب خطرن جي لامارن ۾ جئي رهيو آهي.

19

جڏهن وچ عرب بهار جو جهونڪو گهليو ته سموري دنيا ان اٿل پٿل طرف متوجهه ٿي هئي. اوچتو دنيا جا وڏا فنڊ ڏيندڙ ادرا دنيا جي مختلف خطن اندر پنهنجا انساني خدمتن وارا ڪم اڌ ۾ ڇڏي وڃي وچ اوڀر رسيا هئا. شام ملڪ جي سياسي حالتن جو پلڙو آخرڪار روس جي ايشيائي اهميت سان گڏ سندس عالمي طاقت جو اهم مهرو بڻجي ويو. هر روز سي.اين.اين تي ٻڌوسين پئي ته آمريڪي بحري ٻيڙا خليج فارس ۾ پهتا ڪي پهتا. پر ان حقيقت جي ابتڙ سياسي روسي قيادت پيوٽن جهڙي بهترين اڳواڻ جي صلاحيتن منجهان پنهنجي عالمي پوزيشن کي برقرار رکي ڏيکاريو. آمريڪا ڪنهن به متوقع اڻ وڻندڙ واقعي کان بچاءَ لاءِ پنهنجي هوڏ تان لهي ويو. اهو سلسلو اڃا جاري ئي هو ته اوچتو ايران عالمي ڌارا جو اثر قبول ڪندي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ميدان تي پنهنجي ايٽمي پروگرام متعلق سخت گير روئي منجهان پاند ڇڏائي سپر طاقتن سان ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنياد تي هڪ ٽيبل تي اچي ويٺو. اڃا اهڙو سلسلو بس ئي ڪونه ٿيوهيو جو شام کان عراق تائين داعش جو اڀار القاعده جي بيرحم حالتن جو ملبو کڻي علائقي کي ڪوس گهر ۾ تبديل ڪندو رهيو.

امڪاني جنگين جي عالمي خطرن سميت دهشتگردي وارو ممڻ دنيا جي انيڪ خطن کي هٿياربند تڪرارن طرف ڌڪو ڏئي رهيو آهي. عرب دنيا اندر داعش جو اڀار مذهبي ڪٽرپڻي جو هڪڙو ننڍڙو پر بي رحم نمونو آهي. تبت جا امن پسند ٻوڌي پنهنجي گياني مُک گوتم ٻڌ جي نرواڻ کان مخالف سمت نڪرندي مسلم اقليتن کي موري ۽ گجرن جيان وڍي رهيا آهن. اهو منظر به دنيا لاءِ ڪنهن حيرت کان گهٽ نه هيو جڏهن بابا گرونانڪ جي گولڊن ٽيمپل اندر سک مذهبي شخصيتن پنهنجون ترارون مياڻ کان ٻاهر ڪڍي ڏيکاريون هيون. عرب دنيا ۾ فرقيواريت تي مشتمل مذهبي تشدد ڪنهن ٻرندڙ جبل جي لاوي جيان رکي رکي اُٻڙڪا کائيندي پيو نظر اچي. خاص طور تي يمن اندر جاري رتوڇاڻ علائقائي طاقتن جي بادشاهت واري شوق جي تڪميل لڳي رهي آهي. تنهنڪري، مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ وارو انتهاپسند رويو دنيا جي پُرامن حالتن کي فساد ۽ ڏڦيڙن ۾ منجهايو بيٺو آهي.

جيئن ته يورپ جون اڪثر حڪومتون پارٽي سياست جون محتاج آهن. عرصي کان وٺ يورپ ڏيئي هيٺان اونداه مثل پنهنجي سياسي ڌارا ۾ وڏا سياسي احتجاج منعقد ڪندو رهيو آهي. يورپ کي درپيش وڏن خطرن منجهان هڪ اهم خطرو نئين نسل جي بگڙيل مجرماڻين حرڪتن منجهان به ظاهر ٿيندو نظر اچي ٿو. بي. بي. سي جي ويجهڙ ۾ ڪيل هڪ سروي موجب يورپ جي عوام کي دهشتگردي کان به وڌيڪ پنهنجي نوجوان ڏوهاري طبقن منجهان خطرو نظر پيو اچي. هن وقت يورپ اظهار جي آزادي جي نانءَ تي پنهنجن غلطين کي ٻين مذهبي معاشرن خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ جهڙيون حرڪتون پڻ ڪري رهيو آهي. فرانس کي دنيا جي انتهائي لحاظ رکندڙ قوم سمجهيو ويندو آهي. سندس سنجيده مزاجي کيس عالمي سياست ۽ خاص طور يورپي سياست جو اهم مهرو بڻائي ڇڏيو آهي. موجوده سياسي ڌارا اندر سندس مذهب خاص طور تي اسلام کي منجهيل سُٽ بڻائيندڙ فرانسيسي رويو ڪيتري عرصي کان خاموش ڪٽرپڻي جو ڏيکاءَ ڏيندو رهيو آهي. دراصل فرانس ۾ رهندڙ  مسلم آبادي پنهنجن مذهبي ثقافتن سان گڏ جيئڻ چاهي ٿي پر تاريخي طور تي سموري يورپ جيان ڪليسائيت جي دردناڪ اذيتن هٿان ڏنگيل فرانس به مسلم ڪلچر جي مذهبي اڀار کان ڊپ ۾ وٺجي نمايان طور تي عورتن جي اسڪارف پهرڻ واري عمل کي به ننديندو ۽ دٻائيندو رهيو آهي. اهوئي سبب هيو جو عيسائين جي اهم مذهبي شخصيت پوپ تڪراري خاڪن واري عمل جي ورجاءَ کي ننديندي ان واقعي کي دنيا جي ڪروڙن انسانن جي دل آزاري ۽ سندن مذهبي حقن خلاف ڪريل حرڪت قرار ڏئي چڪو آهي. ساڳي ريت چين پڻ پنهنجي سرخ جلون سان مسلم اقليتن کي مذهبي آزادي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

تنهنڪري، هڪ طرف سياسي ۽ معاشي طور تي دنيا مسلسل قلابازين ۾ آهي ته  ٻي طرف موسمياتي تبديلين سبب دنيا اندر زندگيءَ کي شديد خطرا پيا نظر اچن. دنيا اندر قدرتي آفتن توڙي خظرناڪ بيمارين جا انگ اکر ئي گڏ ڪجن ته ڪيئن نه اڄ جون عالمي حالتون تيزي سان انيڪ خطرن ۾ وڪوڙيل پيون نظر اچن. ٻوڏن، لڳاتار زلزلن ۽ ڏڪارن سبب مجموعي طور تي انسان ذات ڏکين حالتن اندر ساهه کڻي رهي آهي. تنهنڪري، معاشي، سياسي، مذهبي ۽ ثقافتي محاذن تي هيجان ۾ ورتل موجوده عالمي حالتون پوري دنيا جي قومن کان توقع رکن ٿيون ته قدرتي آفتن جي زد ۾ آيل ڌرتيءَ جي گولي تي سمورين قومن کي گڏجي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته، انساني هٿن سان پيدا ڪيل موتمار خطرن توڙي جنگين، بيمارين،غربت، جهالت، ڪٽرپڻي وارين حالتن کان نڪرڻ لاء دنيا کي پرامن ثقافتن، سائنسي کوجنا ۽ انساني مساوات واري واٽ  تي هلڻو پوندو ته جيئن جڳ کي امن ۽ سلامتيءَ جو مرڪز بڻائي سگهجي.

 sanaullahchinjni@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو