Home / سنڌ افيئر / حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي کي ميسارڻ جي ڪوشش!
above article banner

حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي کي ميسارڻ جي ڪوشش!

قديم ۽ تاريخي مشهور پڪي قلعي جي ديوار جو وڏو حصو رات پيٽ ۾ اختيارين جي سامهون ڊاٿو ويو. واضح رهي ته اهو هڪ تاريخي ورثو آهي. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڏاڍ جي زور تي ڪئي ويندڙ ان ڪارروائي تي حڪومت تڪڙو ۽ اثرائتو رد عمل ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. هتي هڪ گدام جي تعمير لاءِ کوٽائي جو ڪم هڪ هفتي کان جاري رهيو. 24 مئي تي ٿيندڙ ان ڏوهه جي ڀيٽ شام ۽ عراق ۾ شدت پسندن طرفان تاريخي يادگارن ۽ نوادرات جي تباهي سان ڪري سگهجي ٿي.

پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي کانپوءِ مٽي ۽ پٿر ان جڳهه تان هٽايا ويا آهن، هاڻي ان پلاٽ کي روڊ جي سطح تائين سڌو ڪرڻ لاءِ مٽي سان ڀرائي ڪئي پئي وڃي. ان پلاٽ جو مالڪ اتي هڪ گدام اڏڻ چاهي ٿو. ميڊيا رپورٽن مطابق اتي قلعي جي ديوار جو ڪو به نشان باقي نه آهي. اتان جي هڪ علائقي واسي ٻڌايو ته “اها کوٽائي مشينن ذريعي گذريل هفتي ٿي هئي، پر کوٽائي جو گهڻو ڪم رات ۾ ڪيو ويو” ان پلاٽ جي مبينه مالڪ شوڪت مطابق هن اها ملڪيت هڪ بلڊر کان پنجاهه لک روپين ۾ خريد ڪئي هئي.

حيدرآباد ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر خالد محمود جنهن کي ايڇ ايم سي جا پراپرٽي جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي شهرت حاصل آهي، جو چوڻ آهي ته هن واسطيدار عملي کي ان جڳهه جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ موڪليو هو ۽ سول انتظاميا سان به رابطو ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته “ليڪن اهو غلط آهي، مون کي ڪچي آبادي جي ڪليمز تي ٻڌل دستاويز ڏسڻا پوندا”.

546c9f55c7d99

ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آثار قديمه جي کاتن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالحق ڀنڀرو جو چوڻ هو ته هن پنهنجي ڊي جي کي ان معاملي جي رپورٽ تي ٻڌل هڪ اي ميل گذريل هفتي موڪلي ڇڏي هئي. سندس مطابق هن پنهنجي اي ميل ۾ چيو هو ته “پڪي قلعي جي اوڀر طرف اسٽريٽ نمبر ون تي تقريبن پنجاهه فٽ جي ديوار جو اصلي پٿر وزني مشينن ذريعي بلڊر مافيا مسمار ڪيو آهي، ۽ زمين جي کوٽائي ذريعي تقريبن 1890 اسڪوائر فٽ جي جڳهه حاصل ڪري ورتي آهي”.

اهو قلعو محفوظ آثار قديمه جي هڪ سائيٽ آهي، پر حڪومت ان جي تحفظ جي لاءِ مختلف سببن جي ڪري ڌيان نه ڏنو. جيتوڻيڪ نوادرات ايڪٽ 1975ع هيٺ اهو قلعو هڪ محفوظ سائيٽ آهي ۽ ان قسم جي ڪنهن به سائيٽ جي احاطي جي 200 فٽ جي اندر اندر ڪنهن به قسم جي اڏاوت جي اجازت نه هوندي آهي، تنهن هوندي به هڪ پوليس اسٽيشن، فرنٽيئر ڪانسٽبلري جي اهلڪارن جا گهر ۽ هڪ اسڪول قلعي جي احاطي ۾ موجود آهي.

ڪيترن ئي سالن کان وٺي قلعي جي ٻاهرين ديوار جون سرون ڀُرندي ٽٽي رهيون آهن ۽ برسات دوران برسات جي پاڻي جي وهڪري جي ڪري ديوار جو وڏو حصو تباهه ٿيندو پيو وڃي. ان تڪراري پلاٽ تي سڀ کان پهريان ان وقت متحده جي ضلعي ناظم ڪنور نويد جميل جو ڌيان ڇڪرايو ويو هو، هن تعلقي ناظم صابر چشتي کي ان جي ليز رد ڪرڻ لاءِ چيو هو. صابر چشتي جعلي دستاويزن سبب ليز جي ڪليم کي رد ڪندي ايڇ ايم سي جي عهديدار کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته اهو عهديدار بعد ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان لاڳاپن جي ڪري بحال ٿي ويو هو.

اهو به معلوم ٿيو آهي ته ليز رد ٿيڻ کانپوءِ ان پلاٽ جي مالڪ سول ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جتي ايڇ ايم سي جي ڪچي آبادي جي عملي ڄاڻي ٻجهي ان معاملي جي پيروي نه ڪئي، نتيجي ۾ فيصلو مالڪ جي حق ۾ ڪيو ويو. پلاٽ جي مالڪ شوڪت ٻڌايو ته “مون اهو پلاٽ ٻه سال اڳ خريد ڪيو هو. مون وٽ واسطيدار سرڪاري کاتن طرفان جاري ڪيل رجسٽري جي طرز جهڙا سمورا دستاويز موجود آهن”. هن چيو ته هو ان ڳالهه کان بلڪل اڻ ڄاڻ هو ته اهو پلاٽ آثار قديمه جو حصو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته “اها لڳ ڀڳ 2600 اسڪوائر فٽ جي جڳهه آهي ۽ هتي صرف ڪچرو پيل هو، جيڪو اسان هٽايو آهي”.

ان پلاٽ سان گڏوگڏ هڪ طرف هڪ فلاحي اسپتال ۽ هڪ سرڪاري اسڪول، جڏهن ته ٻئي طرف رهائشي ڪوارٽرز آهن، جتي رينجر ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين جو قبضو رهيو آهي. رينجرز جي هڪ سب انسپيڪٽر شاهد حفيظ جڏهن هڪ ڀر واري ڪوارٽر ۾ نوي جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ترسيل هو تڏهن انهن ان جڳهه تي قبضو ڪيو هو. تنهن وقت کان وٺي هن وقت تائين اها جڳهه هڪ مالڪ کان ٻئي مالڪ کي منتقل ٿيندي پئي اچي.

546c9f5377231

ڪچي آبادي اٿارٽي جي هڪ رٽائرڊ ملازم جو چوڻ هو ته “قلعي جو حصو ڪچي آبادي ۾ شمار ڪيو ويندو هو، ۽ ايڇ اي سي جي “فرد حقيقت” حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي درخواست ڏيندڙن اسان سان رابطو ڪيو هو، ليڪن اسان انهن کان پاسو ڪيو، ۽ صرف حقيقي ڪيسن تي ڌيان ڏنو، جيڪي ڪچي آبادي جي ضابطن تي پورا لهن پيا.

پڪو قلعو 38 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، ان جي تعمير 1768ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڪرائي هئي، ان وقت ئي هن حيدرآباد شهر جو بنياد رکيو هو ۽ ان کي پنهنجي سلطنت جي راڄڌاني قرار ڏنو هو. انهن بچاءُ ۽ شهري مقصدن جي لاءِ عمارتون تعمير ڪرايون هيون. ان قلعي ۾ هاڻي مهاجر خاندانن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهي آباد آهي، جيڪي هندستان مان غير معمولي حالتن تحت لڏپلاڻ کانپوءِ هتي آباد ٿيا هئا. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومتي دؤر ۾ 27، 28 مئي 1990ع تي پڪي قلعي آپريشن کانپوءِ ان قلعي جو نالو قومي ميڊيا نمايان ٿيو هو. ڪچي آبادي جي بنياد تي اهو قلعو ايڇ ايم سي جي اختيارين جي دائري ۾ پڻ اچي ٿو، جنهن سبب ئي بي ضابطگين ۽ بدعنوانين کي هٿي ملي آهي.

قلعي جو علائقو ايم ڪيو ايم جو مضبوط ڳڙهه آهي. 2012ع ۾ متحده جي قومي اسيمبلي جي ميمبر صلاح الدين قلعي اندر پنهنجي ترقياتي فنڊن مان ٻه ڪروڙ چاليهه لک روپين جي لاڳت مان هڪ جمنازيم ٺهرايو هو. آثار قديمه جي جاين تي قبضي ۽ شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي حوالي سان آثار قديمه جي کاتي ۾ ڀرپور گرفت جو فقدان آهي. ان جو ڪردار حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ايڇ ايم سي جهڙن کاتن ۽ ادارن کي نوٽيسن جاري ٿيڻ تائين محدود آهي، جيڪي ان علائقي کي 1978ع ۾ ڪچي آبادي قرار ڏيڻ کان پوءِ ماڻهن کي “فرد حقيقت” جي پرچي جاري ڪندا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو