Home / اسپيشل افيئر / خانه بدوش، هزارين ورهين کان بي گهر ماڻهو!
above article banner

خانه بدوش، هزارين ورهين کان بي گهر ماڻهو!

جبار ڌاريجو

مونکي مانواري ليکڪ ۽ استاد سائين الهه ورايو بهڻ ٻڌايو ته يار هڪڙي جپسي ڇوڪري جيڪا خانه بدوش آهي ۽ برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي اٿس, جنهن جو نالو ذوئاهيج آهي، ٽافيون ۽ لالي پاپ وغيره وڪڻي يونيورسٽي جي فيس ڀري ٿي. ٻيو هتي سانگهڙ ۾ هڪ جپسي ڇوڪرو جيڪو انٽر پاس ڪري سانگهڙ شهر ۾ گهڻو ڪري الفقراءُ پريس تي نظر اچي ٿو. اهڙي نموني مون به ان ڇوڪري جي ڳولا شروع ڪئي. اتفاق اهو ٿيو ته اهو ڇوڪرو مونکي “افيئر” رسالو ڏيڻ آيو. پڇيومانس ته تنهنجو نالو؟ چيائين محبوب، ذات؟ چيائين سوڍو. مون چيومانس ته تون گرگلو آهين؟ چيائين هائو. پوءِ سوڍو ٿو سڏائين؟ چيائين سائين اسان ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون هجن ٿيون. سوڍا، مرگهٽ، ليڙيا، دلوالي، لڪڙيا، اوٺواڙ ۽ ٻيون به ڪافي ذاتيون آهن. اهو ڇوڪرو محبوب سوڍو (گرگلو) 20- 19 سالن جو انٽر پاس آهي. ساڻس ملاقات کانپوءِ سندس ڳوٺ وڃڻ لاءِ پروگرام ٺاهيوسين. هڪڙي ڏينهن شاهنواز خاصخيلي (دوست) کي ساڻ ڪري سانگهڙ کان نڪتاسون، شاهپور چاڪر ۽ محبوب کي ساڻ کڻي ڀرسان ڳوٺ امان الله ڏاهري وڃي سندس گهر پهتاسين. هڪڙي تبديلي جيڪا مون ڏٺي اُها ته خانه بدوش هميشه پنهنجو واهيرو ڳوٺن، شهرن ۽ ٻين انساني آبادين کان ڪجهه پري ٺاهيندا آهن. ڳوٺ يا شهر جو ڪو غير آباد ميداني پاسو ڏسي پوءِ اتي پنهنجي عارضي وستي قائم ڪندا آهن، پر هي همراهه ڳوٺ امان الله ڏاهري جي مستقل رهندڙ آبادي سان گڏ رهي ٿو ۽ گهر ڪکائون ضرور اٿس پر روايتي طريقي سان جيئن لاڏاڻو قبيلا رهندا آهن، انهن کان مختلف ۽ مستقل گهر  آهي.

25

جڏهن محبوب جي پيءَ مٺو ۽ سندن ٻين گهر جي ڀاتين سان ملاقات ٿي ته گهر جا ڪجهه ڀاتي موجود نه هئا. جڏهن مٺو جي گهر واري ملوڪي سان حال احوال ٿيو ته ان ٻڌايو ته آئون گذريل 6 سالن کان شديد بيمار آهيان، رت جي گهٽتائي هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا ملوڪي ڪل 12 ٻارن کي جنم ڏيڻ کان پوءِ بيماري، غربت ۽ سماجي روين سان جنگ جوٽي آهي. ملوڪي کي جيڪي 12 ٻار آهن انهن مان 6 نياڻيون ۽ 6 پٽ آهن. هي مٺو ولد پنجابي گرگلو پنهنجا نه صرف پٽ پڙهائي ٿو پر سندس نياڻيون به پڙهن ٿيون، جيڪي ڇوڪريون جوان اٿس اهي پڙهيل نه آهن ۽ اهي پنهنجو روايتي ڪم، هلڪو ڦلڪو ميڪ اپ جو سامان. چانهن ڇاڻڻ جون ڇاڻيون، رانديڪا، چوڙيون ۽ ٻيو سامان ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانهن پيرين پنڌ وڃي وڪڻي وري گهر موٽي اينديون آهن. اسان اڃا هنن سان ڪچهريءَ ۾ محو هئاسين ته محبوب جون ٻه جوان ڀينرون ريحانا ۽ ميرا موٽي آيون. وڏي گرم جوشي سان مٺو ۽ سندس پٽ محبوب اسانجي خدمت ڪرڻ لاءِ آتا هئا.

مونکي بيمار ملوڪي جي حالت ڏسي تمام گهڻو ڏک پيو ٿئي ته اسانجو سماج به ڏاڍو عجيب آهي.مٺو گرگلي زميني حقيقتن کي ڏسي، خانه بدوشي ته ترڪ ڪئي جيڪا هن جي وس  هئي پر اسانجي سماج  ۾ هضم ڪيئن ٿئي. اهو پاسو مٺو جي وس جو ناهي. اهو وري سماج جو ڪم آهي ته جڏهن هن روايتي خانه بدوشي ترڪ ڪئي آهي ته هاڻ هنن صدين کان ڊوڙايل، ڌڪاريل ۽ ڄاڻي واڻي خانه بدوشي طرف ڌڪيل ماڻهن کي سماج جو ڪم آهي ته پاڻ سان سلهاڙي. ملوڪي جي ڪمزور جسماني حالت خطرناڪ بيماريون اڪيلي سر مٺو ته برداشت ڪو نه ڪري سگهندو. جڏهن اسان زماني جا ماڻهو هٿ هٿ ڪنداسون ته اسپتالون، دوائون علاج ٿي سگهندو ۽ سندس بي وسي جي سورن، بيمارين ۽ ڏکن کان پاند آجو ٿي سگهي ٿو.

سائين الهه ورايو بهڻ هنن خانا بدوشن لاءِ چوي ٿو: ته جڏهن هي ڌرتي تمام گهڻو صحت مند ۽ تواني هئي ۽ ان سان گڏ آبهوا به تمام گهڻي صحت مند، متوازن ۽ انسان دوست هئي فطرت پنهنجي عروج تي هئي. تمام گهڻا جهنگ، وڻ ٽڻ، ٻوٽا جهنگلي جيوت ۽ گهٽ انساني آبادي هئي. تڏهن ته هنن معصوم رولاڪن کي ڌرتي پنهنجي لاتعداد نعمتن سان پئي پاليو. پر هاڻ جڏهن اها ڌرتي، آبهوا ۽ قدرت خود سڪرات واري حالت ۾ آهن ته رولاڪ ڪٿان پلبا. تنهن زماني جا خانه بدوش ڪڏهن ڄم ڪرائڻ يا علاج ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽرن يا اسپتالن جو رخ نه ڪندا هئا. ڇاڪاڻ جو سندن متوازن غذا جيڪا فطرت هنن کي مهيا ڪندي هئي. اها ايتري طاقتور ۽ صحت بخش هوندي هئي جو انسان جو قوت مدافعت جو نظام جهڙي تهڙي بيماري کي ويجهوئي اچڻ نه ڏيندو هو. هي ماڻهو جهنگلي جانورن گدڙ، ٻلو، نور، ڳوهه، گلوئي، هرڻ، ڦاڙهو سوئر وغيره جو شڪار ڪري کائيندا هئا ۽ تمام گهڻو توانا هئا. ان ڪري خانا بدوشن کي گهڻو ڪري اسپتالن، ڊاڪٽرن، اختيار ڌڻين وغيره جي درن تي اچڻو ڪو نه ٿي پيو. پر اڄ جڏهن تمام گهڻي انساني واڌ ويجهه، سائنسي ترقي سڄي دنيا کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڌرتي ۽ آبهوا پنهنجو وجود وڃائيندي نظر پئي اچي. ٻيلا، جهنگ وڻ ٽڻ ٻوٽا وڍجي رهيا آهن، زمين کي ڀاڻ ۽ دوائن صفا بنجر ڪري ڇڏيو آهي. انسانن تي بيمارين جا حملا هر هنڌان پيا ٿين ته انهن خانا بدوشن به پنهنجا روايتي ماڳ، جهر جهنگ ڇڏي اچي سائنسي ترقي واري سماج ۾ پناه ورتي آهي. سوال ٿو پئدا ٿئي ته هنن کي ڪير ٿو خانه بدوشي تي مجبور ڪري. جيئن ته ننڍي کنڊ ۾ صدين کان وٺي زندگي گذاريندڙ انسان ڪيترائي مذهب رکن ٿا. خاص ڪري هندو مذهب جيڪو برصغير جو سڀ کان وڏو ۽ پراڻو مذهب آهي. ان ۾ جيڪا اونچ نيچ واري تربيت، رسم يا رويو آهي، ان ڪري جين مت، ٻڌ مت ۽ گرو نانڪ وارو خالصا فرقو وجود  ۾ آيو پوءِ هي به هزارين سالن کان ان اونچ نيچ جي مت ڀيد جا شڪار سدائين  Main Stream کان پري جهنگلن، بيابانن برپٽن۾ پنهنجو گذر سفر ڪندا رهيا آهن. هنن مظلومن کي نه مذهبن جيئڻ ڏنو نه فاتحن، بادشاهن ۽ سماج. هنن خانا بدوشن کي پاڻ سان گڏ سماجي ڪمن ۾ گڏ رکيو نه گڏ وٺي هليا نه سندن ڏک سور ڀائي ٿيا. الٽو کين حقارت ۽ نفرت آميز سمجهي کين پنهنجي دنيا کان پري رکيو. ايتري تائين ساڻن انسانيت سوز ظلم، قتل ۽ ناحق ڪندا رهيا آهن.

خانه بدوشن جي مالڪي ڪندڙ ۽ مٿن تحقيق ڪندڙ مرحوم خورشيد قائم خاني لکي ٿو ته: جپيسين تي يونيسڪو جي هاڻوڪي تحقيق مطابق يورپ ۽ دنيا ۾ پکڙيل جپسي ڪو هزار سال اڳ هندستان کان وچ ايشيا ۽ يورپ ڏانهن آيا آهن ۽ انهن جا اڌ نسل اڃا تائين هند ۽ سنڌ ۾ موجود آهن. هي هر سال جپسي راما پير تي (ٽنڊو الهيار) پنهنجي روايتي انداز سان مذهبي ميلو ملهائڻ اچن ٿا. اهڙي طرح 24 مئي تي هر سال يورپ جا خانه بدوش فرانس جي ارهون درياءَ جي ڊيلٽائي علائقي ۾ هڪڙي ننڍڙي شهر سينٽ اين ميري ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن. سڄي يورپ ۾ هي ڏينهن جپسين جي مشهور ڏينهن (تهوار) طور ملهايو ويندو آهي. مختلف ملڪن کان هي خانه بدوش گهوڙن ۽ گٽارن سميت وڏن وڏن قافلن جي صورت ۾ هتي گڏ ٿين ٿا ۽ پنهنجو مخصوص (فليمينڪو) ناچ ۽ گيتن جو طوفان برپا ڪندا آهن. جتي هي پنهنجي اوتار ڪالي ميڊونا سارا (ڪالي ماتا) جي مورتي ڪڍي جشن ملهائين ٿا. هن ميلي جي تاريخ ڪا پنج سو 500 سال پراڻي آهي. يورپي پوليس ته انهن جي مردن جو قانوني شڪار ڪندي رهي آهي. هنن جي زالن کي ڪاريون جادوگرڻيون (ڏائڻون) چئي زنده ساڙيو وڃي ٿو. ٻي جنگ عظيم ۾ پنج لک جپسي قتل ڪيا ويا. صاف ظاهر آهي ته 50 لک يهودين جي قتل عام تي سڄي دنيا انهن کان معافيون وٺرايون ۽ معاوضا به ورتا. پر جپسين جو ڪو به اوهي ناهي واهي اڄ تائين، نه ته اهو هڪ انسانيت سوز ورتاءُ آهي، جنهن تي دنيا اڄ تائين خاموش آهي. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان وٺي سڄي دنيا ۾ پکڙيل جپسي، مذهبي، سماجي، نسلي ۽ اقتصادي متڀيد جو شڪار رهيا آهن. اهڙو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي ناهي مليو.

رفيليس گرانڊ لکي ٿو ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هندستاني خانا بدوشن اهو درد ناڪ سفر ڪڏهن شروع ڪيو پر اهو چوڻ ممڪن آهي ته 5 هزار سال پهرين اهي خانا بدوش انتهائي امير ۽ مهذب تهذيب جا امين هئا. خانه بدوشن جو هندستان کان سرحد پار ڪرڻ جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي پر يورپ جي هزار سالن ۾ انهن کي يورپين به قبول ناهي ڪيو ۽ نه پنهنجي سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ ڏنو آهي. اڇو تن ۽ ڌڪاريل انسانن وانگر هنن کي پاڻ کان پري رکيو. اتي دنيا کي تهذيب جا سبق سيکاريندڙ يورپين هنن خانا بدوشن کي حيلي بهاني غلام منڊين ۾ وڪڻڻ، جيلن ۾ وجهڻ ۽ ملڪ بدر ڪرڻ انهن جي هڪ عام روايت آهي. بيٺڪي دور ۾ ڪالونيل طاقت انهن کي گنهگار چئي ٻيڙين ۽ بحري جهازن ۾ ڀري هنن کي ملڪ بدر ڪري ماريو، گهڻا ظلم ڪيا، ايتري تائين جو آمريڪا کي آباد ڪرڻ لاءِ هنن کي رڍن ٻڪرين وانگر پڪڙي بحري جهازن ۾ ڀري اتي بيٺڪيتي ملڪ قائم ڪيو.

ايران جو حمزه اصفحاني لکي ٿو ته: ڏهين صدي عيسوي ۾ ڪي ٻارنهن هزار فنڪار هندستان مان آيا انهن ۾ نچڻ، ڳائڻ وارا، قسمت جو حال ٻڌائڻ وارا، گهوڙن ۽ قالينن جا سوداگر. فرائر سيمون لکي ٿو ته هنن خانا بدوشن کي “ڪريٽ” (يورپ جو شهر) ۾ ڏٺو جتي هو ڪارن خيمن ۾ رهندا هئا ۽ انهن کي حام جو نسل سمجيو ويندو هو. يونان ۾ هي ننڍن جهوپڙين ۾ رهندا هئا. هي اعليٰ درجي جا لوهار، قلي گر، پتل جو ڪم ڪندڙ، ٽوڪريون ٺاهيندڙ ان کان سواءِ ڪيترن ئي فنڪارانا صلاحيتن سان مالامال هي خانه بدوش مصري سڏجڻ لڳا پوءِ اهو لفظ (ايجيپشن) ۽ پوءِ آهستي آهستي تبديل ٿيندي جپسي ٿي ويو. 1499ع ۾ اسپين جي بادشاهه فرڊينند ۽ راڻي ازابيلا هڪڙو قانون پاس ڪرايو ان مطابق خانه بدوشي گناهه هئي ۽ ان کي ڪوڙا هڻڻ، هٿ پير وڍڻ، عمر قيد ڪرڻ، زنده ساڙڻ ۽ جلا وطن ڪرڻ شامل هو. هٽلر لکين جپسين کي قتل ڪرايو ۽ انهن کي گرفتار ڪري نازي ڪيمپن ۾ بند ڪيو. نازي ايس ايس جي هنن تي نوان نوان تجربا ڪيا ۽ آخر ۾ نازي ايس ايس راءِ ڏني ته سڀني جپسي مردن کي خصي ڪيو وڃي ته جيئن جرمن آريا نسل کي پاڪ رکي سگهجي ۽ انهن مردن کي پڻ خصي ڪيو وڃي جن جپسي عورتن سان شادي ڪئي آهي. انهن جو قانون جپسين لاٰءِ صاف هو ته انهن کي ڍڳن وانگر خصي ڪري ڇڏيو ته جيئن نسل روڪي سگهجي. يورپ ۾ اڄ به جپسي رومانوي ٻولي ڳالهائين ٿا. جيڪا هندي، مارواڙي. گجراتي، سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جو ميلاپ آهي. سندن ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي اڄ به هندستاني خانه بدوشن سان تمام گهڻو ملندڙ آهن. جڏهن ته ظلمن ۽ مصيبتن کان بچڻ لاءِ هنن اتي عيسائي مذهب پڻ اختيار ڪيو آهي.

ڪولمبس جڏهن آمريڪا ۾ بيٺڪيت جي صلاح ڏني ۽ اتي جا فائدا ٻڌايا. يورپين اتي معدنيات، وسيلا ۽ ڌرتي تي قبضو ڪرڻ جو سوچيو ته ان غير آباد ملڪ کي آباد ڪرڻ لاءِ افرادي قوت جي ضرورت پئي. اتي اڳئي آباد جيڪي اڄڪلهه ريڊ انڊين سڏجن ٿا انهن کي نيست و نابود قتل ۽ تباهه ڪرڻ لاءِ ڪو به يورپين تيار نه ٿيو. تڏهن يورپ جي عمر قيد وارا قيدي چور لوفر ۽ جپسي زوري ٻڌي پڪڙي جهازن وسيلي کڻي آمريڪا جي ويران ڀٽن تي کڻي ويا ۽ آمريڪا کي آباد ڪيو. مذهبي متڀيد هجي يا رنگ نسل ڳالهه هزارين سالن جي هجي يا اڄ جي، خانا بدوش اڄ به خانه بدوش آهي. ان سان سماج جو رويو اڄ به ساڳيو آهي. کڻي ڪيتري به سائنسي ۽ سماجي ترقي ٿي هجي پر انسان اڄ به احترام، محبت، مدد،  امن ۽ ڀائيچاري، سهپ وارن سهڻن لفظن ۽ روين لاءِ سڪي ٿو.

وري اچون ٿا محبوب گرگلي جي حالت تي. مون جڏهن سندس گهر واري ملوڪي ۽ سندس پيءُ مٺوءَ کان پڇيو ته سنڌ ۾ مزدوري تمام گهڻي موجود آهي مثلاََ ڪمند جي واڍي، ڪڻڪ جو لابارو، ڦٽيون چونڊڻ، فصلن ۾ گُڏ ڪرڻ وغيره ڇاڪاڻ ته اُهي ڪم زراعت سان لاڳاپيل آهن ۽ ٻهراڙين ۾ ٿين ٿا. ان سوال جو جواب مٺو تمام دلچسپ ڏنو ته سائين اسان اهي ڪم صدين کان وٺي ڪو نه ڪيا آهن. هاڻي جڏهن اسان رلڻ پنڻ ۽ خانه بدوشي ترڪ ڪئي آهي ته اسان جڏهن ڦٽيون چونڊڻ وياسون ته اسانکي ڦٽيون چونڊڻ نه پيون اچن ۽ اسان بجاءِ جو صرف ڦٽي ڪڍي سگهون (سونگڙي) (وونئڻ جو ڏينو ۽ اهو جڏهن ڦاٽندو آهي ته ان کي سونگڙي چئبو آهي) ان سونگڙيءَ مان احتياط سان ڦٽي ڪڍبي آهي. هنن چيو ته اسان اها سڄي ٽاري پئي روڙي ان ڪري بجاءِ صاف ڦٽيءَ جي ڪچرو به گڏ ٿي آيو ۽ نقصان به ٿيو پئي. ان تي زمين جي هاري اسان کي ڦٽين چونڊڻ کان منع ڪئي. اهڙي نموني ڪمند جي ڪٽائي کان وٺي فصلن جي گُڏ به اسان نه پيا ڪري سگهون. اهڙي طرح سارين، ٽماٽن، بصرن ۽ مرچن جي رونبائي به اسان نه پيا ڪري سگهون. هاڻي اسان آهستي آهستي اهي مزوريون سکون پيا ته جيئن پيٽ گذر ڪري سگهجي. ان کان سواءِ اسان جو انٽر پاس پٽ به ڪيترن سالن کان نوڪري چاهي اها سرڪاري هجي يا پرائيوٽ لاءِ ڌڪا پيو کائي. بقول هنن خانا بدوشن جي ته جيستائين اسان کي سماج پنهنجو نٿو ڪري تيستائين اسان جديد سائنسي دور جي ساڳئي انساني جهنگل ۾ بي وس ۽ لاچار پيا ڀٽڪنداسون. اسان جڏهن پنهنجي سماج تي نظر ڦيرائينداسون ته خبر پوي ٿي ته خانه بدوش ته ڪيترين صدين کان ڌڪيل، تڙيل ۽ ڌار ڪيل آهن پر هن وقت  جيڪي ماڻهو ڀوتارن جا ووٽر آهن. جيڪي خانه بدوش نه پر Main Stream جو حصو آهن اهي به نيم خانه بدوش ٿي ڪري وجود جي جنگ پيا وڙهن. انهن جي به واهر نٿي ٿئي. ڀوتار، ڪامورا ۽ سُکيا ستابا ماڻهو خبر ناهي ڇو ايترا خود غرض ۽ لاپرواهه ٿي ويا آهن جو ڪير ڪنهن کي سنڀالڻ وارو ناهي.

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو جنهن حيدرآباد ڄام شورو روڊ تي 1974ع ڌاري هڪ پڪي “ڪولهي ڪالوني” تعمير ڪرائي اُتي ڪجهه جپسي آباد ڪيا ڇاڪاڻ ته شهيد ڀٽو کي انهن لوڪن سان هڪ فطري تعلق هيو. هاڻ ته شايد ان ڪولهي ڪالوني تي به لالچي قبضي خورن قبضو ڪري ڇڏيو آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو سماج جي نفرت وارن روين جي ڪري هزارن سالن کان رُلندڙ نسلن کي هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪٿي مستقل وسڻ جو موقعو ڏئي، ڀٽڪندڙ نسلن کي آباد ڪيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو