Home / دنيا / دنيا جي نئين سر جوڙجڪ آباديءَ جي اهرام جو خاتمو!
above article banner

دنيا جي نئين سر جوڙجڪ آباديءَ جي اهرام جو خاتمو!

جان پارڪر

2015ع ۾ ماهر، استاد ۽ سياستدان آبادي جي اهرام جي ڳالهه ترڪ ڪري آبادي جي مناري جو حوالو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندا. اصطلاحن ۾ مٽا سٽا سماج جي شڪل ۽ بيهڪ ۾ وڏي تبديلي جو عڪاس هوندو. اها تبديلي جيڪا 50 سالن کان جاري آهي ۽ اڃا تائين اڌ مڪمل ٿي آهي.

اهرام ڪنهن به سماج جي عمر جي بيهڪ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو روايتي طريقو آهي. جيڪڏهن هڪ چارٽ ٺاهيو وڃي جنهن ۾ عمر جي هر گروپ کي هڪ پٽي سان ظاهر ڪيو وڃي ۽ هر پٽي ٻي پٽي جي مٿان هجي، سڀ کان هيٺان تمام گهٽ عمر، سڀ کان مٿان ضعيف ترين ۽ ٻئي جنسون جدا جدا، ته هڪ سادي شڪل اڀرندي. 1970ع ۾ اها شڪل اهرام جي هئي ڇو ته عالمي آبادي جو سڀ کان وڏو حصو تمام گهٽ عمر هو (0 کان 5 سال، مجموعي تعداد جو 14 سيڪڙو)، جنهن کان پوءِ ان کان اڳ ئي گهٽ عمر طبقي جو نمبر اچي ٿو (6 کان 10 سال، 13 سيڪڙو)، پوءِ اهڙي طرح اهو سلسلو 85 سالن کان مٿي ويندو هو جتي ايترا گهٽ عمر ماڻهو هئا جو اها شڪل هڪ ٽُٻڪو ٿي ڪري غائب ٿي ويندي هئي. اهو اهرام ان وقت کان انساني آبادي جي خاصيت هو جڏهن کان منظم سماج وجود ۾ آيو. اڳ ۾ حياتي ننڍي هوندي هئي ۽ موت جي شرح وڌيڪ هئي، ان ڪري سڀ کان وڌيڪ انگ سدائين ٻارن جو هوندو هو ۽ پوڙهن جو انگ سڀ کان گهٽ.

ليڪن 2015ع ۾ عالمي آبادي جو چارٽ واشنگٽن ۾ ڪيپٽل هل جي عمارت جي مناري جهڙو آهي. هاڻي به سڀ کان وڏو گروپ ننڍن ٻارن جو آهي پر هاڻي اهي آبادي جو فقط 10 سيڪڙو آهن ۽ انهن کان مٿيون گروپ به تقريباََ ايترو ئي وڏو آهي يعني 9.4 سيڪڙو. عمر جا گروپ 40 سال جي عمر ۾ پهچي ڪٿي واضح طور ننڍا ٿيڻ شروع ٿين ٿا. ان ڪري اهرام ۾ گهٽتائي ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي مٿي وڃي شروع ٿئي ٿي. 1970ع ۾ انتهائي گهٽ عمر وارو گروپ سڀ کان وڏو گروپ نه هو بلڪه آبادي جو سڀ کان تيزي سان وڌڻ وارو حصو به هيو پر 1970ع ۽ 2015ع جي وچ ۾ 0 کان 19 سال عمر جي آبادي فقط 42 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته 20 کان 39 سال جي عمر جي آبادي 128 سيڪڙو وڌي وئي. ان گروپ مجموعي تعداد ۾ 20 سال کان گهٽ عمر جي گروپ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو واڌارو ڪيو. هاڻي 85 سال کان وڌيڪ عمر جا 5 ڪروڙ ماڻهو آهن ان ڪري 2015ع جي مناري ۾ هڪ نوڪ پڻ آهي.

1970ع ۾ عالمي آبادي تي گهڻو  اثرفي عورت شرح پيدائش جو هو، جيڪو ان دوران وڏي تيزي سان گهٽ ٿيو، تنهن ڪري دنيا ۾ وڏن ڪٽنبن جي ڀيٽ ۾ ننڍن ڪٽنبن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيو. پر 2015ع کان 2060ع  جي وچ ۾ آبادي تي سڀ کان وڏو اثر پوڙهائپ جو هوندو. هاڻي خاص ڪري اُسرندڙ ملڪن ۾ تقريباََ هر هڪ پنهنجي والدين کان وڌيڪ عمر ماڻي ٿو.

20

جيتوڻيڪ 2060ع تائين منارو به موڪلائي چڪو هوندو ۽ آبادي جي شڪل ٿنبن جهڙي ٿي چڪي هوندي. پر تقريباََ 50 سال جي عمر تائين مختلف پيڙهيون تقريباََ برابر سائز جون هونديون ۽ شڪل جا پهلو لڳ ڀڳ عمودي هوندا.

ڌرتي جي آبادي جو انگ هاڻي به وڌي رهيو آهي ۽ 2015ع ۾ 7.2 ارب کان وڌي 2060ع ۾ 9.5 ارب ٿي ويندو. پر عالمي بينڪ جي ايمي سوزوڪي ۽ وولف گانگ فينگلر مطابق 2060ع ۾ ان واڌ 2.3 ارب مان ٻه ڏهائي ماڻهو 40 کان 79 سال جي عمر جا هوندا. آخري ۽ ضعيف ترين طبقي ۾ واڌارو خاص طور تي واضح آهي. 2015ع ۽ 2060ع جي وچ ۾ 60 کان 79 سال جي عمر جي ماڻهن جو انگ 1.1 ارب يا 131 سيڪڙو وڌي ويندو. ٻارن ۽ نوجوانن جي ڀيٽ ۾، جن جو انگ فقط 22 ڪروڙ يا 9 سيڪڙو وڌندو، اهو واڌارو پنجوڻ تي آهي. پوڙهن ماڻهن (85 سال کان وڌيڪ عمر) جو انگ تيزيءَ سان وڌندو (2015-60ع ۾ 281 سيڪڙو) پر ڇو جو ان جو بنياد تمام ننڍو آهي ان لاءِ هو مجموعي تعداد ۾ ايتري وڌيڪ ماڻهن جو واڌرو نه ڪندا.

پنهنجي سموري تاريخ ۾ انسان اهڙن معاشرن ۾ رهيا آهن جتي گهٽ ۾ گهٽ تعداد جي لحاظ کان ٻار گهڻائي ۾ رهيا آهن. 2060ع تائين 65 سالن جي عمر تائين جي ڪنهن به ٻئي گروپ جي مقابلي ۾ ٻارن جو تعداد نالي ماتر ئي وڌيڪ هوندو ۽ ابن ڏاڏن وغيره جي خدمت ڪرڻ ايتري ئي يا ان کان وڏي سماجي ذميواري بڻجي ويندي جيتري ٻارن ۽ پوٽاڻ وغيره جي پرورش ڪرڻ آهي. 2015ع ان حيرت ناڪ تبديلي جي رستي ۾ لڳ ڀڳ وچ وارو عرصو آهي.

Courtsy: The Economist

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو