Home / اسپيشل افيئر / سامونڊي ويرن جي ور چڙهيل لاوارث مهاڻن جي درد ڪٿا!
above article banner

سامونڊي ويرن جي ور چڙهيل لاوارث مهاڻن جي درد ڪٿا!

زاهد اسحاق سومرو

سنڌ عجيب خطو آهي، هتي قدرتي آفتون به ديرو ڄمائي ويٺل آهن ته وري قدرتي وسيلن سان مالامال به هي علائقو آهي. ملڪ ٺهڻ بعد 60، 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن توڙي ويجهڙائي واري عرصي ۾ مسلسل زلزلا هن خطي کي لوڏيندا رهيا آهن. موسمي تبديلين يا ملڪ ۾ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ سبب پاڻي جي کوٽ ۽ سوڪهڙي جي سزا به هي علائقو سن 90ع ۽ ٻه هزار واري ڏهاڪن ۾ ڀوڳي چڪو آهي. ته ساڳي طرح 90ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪي سال 1999ع دوران خوفناڪ سامونڊي طوفان انتهائي گهڻي تباهي ڪئي ته وري 2010ع ۾ سنڌو دريا جي ڪوٽ عالمون بند ٽٽڻ سبب هي علائقو مڪمل طور ٻڏي ويو. هن جوءِ کي جاتي چئجي ٿو، جنهن اهي ڏينهن، اها تباهي ۽ اهي قدرتي آفتون ڏٺيون آهن. جاتي ته خوشنصيبي ڏانهن به سفر ڪندي قدرتي وسيلن سان ڀرپور هئڻ جي سڃاڻپ ڪرائي آهي. هن وقت به جاتي تعلقي ۾ تيل جا اٽڪل 40 کوهه آهن ۽ گئس جو وڏو مقدار نڪري رهيو آهي. قدرتي آفتن ۾ ٻه آفتون نهايت وڏيون آيون، هڪ سامونڊي طوفان ۽ ٻيو سنڌو دريا مان آيل ٻوڏ پر سامونڊي طوفان تمام وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿيو.

19 مئي 1999ع  ۾ آيل سامونڊي طوفان جاتي جو جُهڳو جهڻ ڪري ڇڏيو. جتي جتي انسان جي نظر پئي ٿي ته اتي الڳ الڳ ڪهاڻي ۽ قصو مليو ٿي. اڄ به ان جا اثر باقي نظر اچن ٿا. اٽڪل 439 انساني جانيون ضايع/لاپتا ٿيڻ، 18 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين اڃا تائين آبادي لائق نه هئڻ، قدرتي ڍنڍون چوٻٽي.تل، ڇاڻ ٻيلو، ڪڙ، ڪلڪان ڇاڻي ۽ ٻيون سمنڊ جو حصو بڻجي متاثر ٿيڻ، علائقي واسين جي زورگار جا ذريعا متاثر ٿيڻ، تقريبن 200 لاپته ملاحن جا لاش اڃا تائين هٿ نه اچڻ سميت مختلف ڏکوئيندڙ معاملا هن سڄي قصي جو حصو آهن پر هي علائقو هن وقت به قدرتي آفتن جي نشاني تي موجود آهي.  ڪڙ ملڪ جي رهواسين عبدالرحمان ڌانڌل، نور محمد چالڪو، عبدالرحمان ٿهيمور ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن لاءِ اهو وڏو الميو هو ته هڪ ئي وقت سندن گذر سفر جا هوڙا، گهر، زمينون، گاڏيون، چوپائي مال هٿ مان نڪري ويو پر سندن پيارن جا ٿڌا ٿي ويل لاش ڪيترن ڏينهن تائين ڳولڻ دوران ملندا رهيا يا وري ڳولڻ باوجود اڃا تائين ملي نه سگهيا.

Indian-fisherman

ويهين صدي جي ڌنڌلي ورق  ۾ اهي عڪس اڃا به چٽا آهن، جن ۾ ڳوٺ لونگ ابڙو جون اهي ڀينرون پنهنجي ڀائرن غلام حسين، عبدالله. ابراهيم جي مقرر تاريخ تي رٿيل شادين لاءِ هٿ سان جوڙيل چادرون ۽ رنگين رليون پنهنجي هٿن مان اڃا به ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. اهي رليون جيتوڻيڪ 16 سال پراڻيون ٿيڻ باوجود گهوٽن جي موٽڻ جي اميدن تان لوهي پيتين ۾ موجود آهن. هنن ڀينرن جي ڀنل اکين ۾ اهو اوسيئڙو اڄ به موجود آهي ته وڻجارن جي وطن ۾ سندن موٽڻ ضرور ٿيندو ۽ شادمانه ملهائبا. ڏکن ۽ ڏاکڙن جي هن ڏيهه ۾ جهور پيرسن عارو ڀاڏائي پنهنجي پيري ۾ جسم جي خاموش ٿي ويل بازون جو ڪو احساس ناهي پر هُو پنهنجي وڃايل اکين جي نور کانپوءِ گهر جي چائنٽ ۽ درن تي هٿ ڦيريندي پنهنجي وڃائجي ويل 4 چار جوان جماڻ جگر جي ٽڪرن جو وڍ وجهندڙ انتظار ڪري ٿو ۽ هر هر پڇي ٿو ته ٻڌايو ته يوسف، محمد، حسن ۽ هاشم موٽڻ ۾ اڃا دير ڇو ڪئي آهي…… هو رڳو انهن ئي لفظن ۾ روز مري ٿو ۽ روز جئي ٿو.

ڀلي هن واقعي جاتي جي انهن واپارين تي اثر نه ڇڏيا هجن، جن واپارين طوفان ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي تڏهوڪي ۽ اڄوڪي وزير اعظم نواز شريف طرفان معاوضي جي مليل 10- 10 هزارن جا چيڪ فوتين جي قرض ۾ وارثن ڦري ورتا يا انهن چونڊيل نمائندن سياسي اڳواڻن  کي ڀلي ڪجهه ياد ڪجهه وسري ويو هجي جيڪي هرڀيري ووٽ وٺڻ لاءِ طوفان متاثرين جي درن تان پنهنجي وڏين گاڏين جا چڪر هڻڻ باوجود هن معاملي تي ڳالهائڻ جي زحمت نٿا ڪن آهي. ڳوٺ محمد خان پٺاڻ ۾ فوتي حسين جي ڀيڻ آسي اهو وساري نه سگهي آهي، جڏهن حسين کيس آخري ڀيرو مڇي جي شڪار تان موٽڻ بعد ڪراچي مان سندس لاءِ ڪپڙن جو جوڙو وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر وحشتناڪ سامونڊي طوفان دوران سمنڊ جي وات مان نڪتل حسين جي لاش لاءِ ڪفن جو ڪپڙو به نٿي ملي سگهيو.

يوسي ڪڙ ملڪ جي غلام حسين، يار محمد، شفيع ٿهيمور جا لاش به وارثن جي هٿن ۾ پهتا هئا ته قيامت صغرا جا منظر چوڏس نظر آيا پئي. رڳو لاش تي لاش، روڄ، راڙو، سڏڪو، واڪا ۽ خوف جا منظر هڪٻئي ڏانهن ڊوڙن پائي رهيا هئا. سامونڊي طوفان هن علائقي واسين کي جتي گهڻا ڏک ڏنا اتي اهو سبق به سيکاريو ته قدرتي آفتون هن علائقي لاءِ هميشه خطرو بڻيل رهنديون.

دنيا ۾ وڌندڙ ترقي لاءِ ريڙهيون پائيندڙ ملڪن ۾ هڪ وڇوٽي اها به آهي ته ترقي يافته ملڪ آمريڪا، چين، برطانيه، ڪيناڊا جاپان ۽ ٻيا موسمي تبديلين جا اثر ڀوڳيندا ملڪن ۾ ٿيندڙ نقصانن جا معاوضا ڀرڻ واري “ڪيوٽو پروٽوڪول” تي صحيحون ڪرڻ کان انڪاري آهن. اهي نقصان ڪهڙا آهن؟ موسمي تبديلين جا ڪهڙا اثر آهن؟ اهي اثر 1999ع تي سامونڊي طوفان A 2 آهي يا 2010 جي مها ٻوڏ ۾ سنڌو جي ٽٽندڙ بندن ۾ ٻڏندڙ شهر جاتي آهي. ٻنهي واقعن جي متاثرن کي اها خبر ناهي ته هو ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڀوڳين پيا يا وري دنيا جي ان ترقي جي سزا پيا ڀوڳين، جنهن ترقي جو راز هاڻي هن سامونڊي پٽي جو طوفان سٽيل ملاح نٿو ڄاڻي، جيڪو ملاح پنهنجي ڪن تي رکيل موبائل فون تي سماجي اڳواڻن کان طوفان ۾ لاپته ملاحن بابت خبرون چارون پڇي ٿو. شايد هنن طوفان سٽيلن کي اها به خبر ناهي ته زمين جو ڪلراٺو ٿيڻ موسمي تبديلين جو حصو آهي. جاتي جي ڪلراٺي مٽي جا ماڻهو انهي ڳالهه کان پڻ بي خبر آهن ته دنيا جي 75 ملڪن جي ڪلراٺي زمين جي ايراضي 831 ملين هيڪٽر آهي، جڏهن ته دنيا جي ڪل آبپاشي هيٺ آيل زمين مان 20 سيڪڙو زمينون ڪلراٺيون آهن ۽ انهن ڪلراٺين زمينن سبب ساليانو اٽڪل 12 ارب ڊالرز جونقصان ٿي رهيو آهي، پاڪستان (سنڌ ۾ ) 2.11 ملين هيڪٽر زرعي زمين ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي. جاتي ۾ موسمي تبديلن ۾ شمار ڪيل زمين جو ڪلراٺو ٿيڻ وارو معاملو به قدرتي آفتن ۾ اضافو ضرور آهي پر سامونڊي طوفان جي زد ۾ آيل وڻجارن جي وڻجارين ۽ وارثن جي تڪليف ۽ ڏکن ۾ ڪا به ڪمي نه اچي سگهي آهي. 19 مئي جو ڏهاڙو ڪجهه سماجي سطح تي ملهائڻ به هاڻي رسم دنيا بڻيل آهي.

life0681@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو