Home / سنڌ افيئر / سنڌ، جتي جهنگ جو قانون هلي ٿو!
above article banner

سنڌ، جتي جهنگ جو قانون هلي ٿو!

ايم بي عرساڻي

پاڪستان ٺهڻ سان ئي سنڌ جي مسئلن نئون رخ اختيار ڪيو مهاجرن کي رهائڻ ۽ ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جا مسئلا کڙا ڪيا ويا، انڪار ڪرڻ تي پهرئين وزير اعليٰ محمد ايوب کهڙي کي عهدي تان هٽائي پير الاهي بخش کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو وفاق جا مطالبا تسليم ڪري مهڻي هاب ٿيو جڏهن ته محمد ايوب کهڙي کي شيرِ سنڌ جو لقب ڏنو ويو. تاريخ گواهه آهي ته غدار کي غدار بڻائيندڙن ساڻس ڪڏهن به نه نڀايو آهي، انگريزين ٽيپو سلطان جي غدار مير صادق ۽ سراج الدولهه جي غدار مير جعفر کي اهو چئي ٽڪرايو هو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي محسنن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان سچائي نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان سان ڪهڙي چڱائي ڪندو؟! پير الاهي بخش سان به اهو ٿيو ۽ کيس 10هن مهينن بعد هٽايو ويو، 1954ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٺاهڻ جو وقت آيو ته محمد ايوب کهڙي شيرِ سنڌ جي لقب تان هٿ کڻي ون يونٽ ٺاهڻ جو واعدو ڪري ٻيهر وزير اعليٰ بڻيو ۽ 102 ميمبرن مان 98 ميمبرن کي ڊيڄاري ۽ لالچائي ووٽ وٺي ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين اتي وري پير الاهي بخش، عبدالحميد جتوئي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي شيخ خورشيد احمد وانگر ون يونٽ خلاف ووٽ ڪري پنهنجو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته کهڙو صاحب شير سنڌ مان ڦري غدار سنڌ سڏجڻ لڳو. ان دؤران سائين جي ايم سيد به سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هيو، پر کيس قيد ڪيو ويو هو.

1

سنڌ جي موجوده تباهيءَ جو دؤر بنگال جي جدائيءَ کان شروع ٿيو، جيستائين بنگال گڏ هو تيستائين هتان جان حڪمران مرضيءَ جو آئين نه پئي ٺهرائي سگهيا، جنهن ڪري بنگال کي هٿ سان جدا ڪري بنگلاديش ٺهرايو ويو، اھا ڳالهه به غور طلب آهي ته جنرل ٽڪا خان جڏهن بنگال ۾ فوج جي اڳواڻي ڪري رهيو هو ته هن چيو ته مونکي بنگال جي زمين کپي ۽ ماڻهو نه! جنهن ڪري بنگال ۾ بغاوت جنم ورتو ۽ ٽڪا خان کي رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. بهرحال موجوده پاڪستان ۾ هڪ سولين ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽو کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻائي ويهاريو ويو، پوءِ کيس صدر بڻايو ويو۔ ان بعد کائنس 1973ع جو آئين ٺهرائي 1974ع ۾ آدمشماري جي بنياد تي ٻڌل اين ايف سي ايوارڊ ڏياري ٻين صوبن ته ٺهيو پر سندس اباڻي صوبي کي به ناقابل تلافي نقصان پهچرايو ويو. هن ئي آئين ۾ اهو لکيل آهي ته پاڪستان جو ڪو به شهري ڪٿي به رهي سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌ حڪومت چوندي آهي ته اسان ٻين صوبن جي ماڻهن کي نيڪالي ڏئي نه ٿا سگهون، ڇو ته آئين مطابق پاڪستان جو ڪو به شهري ڪٿي به رهي سگهي ٿو، پر افسوس جو ڪو به کين اهو چئي نه ٽوڪيندو آهي ته ظالمو، اهو آئين به ته توهان جو ٺهيل آهي، جنهن تي افسوس ڪرڻ بجاءِ فخر ڪندا آهيو!! هن صاحب کي اقتدار جو ايترو ته شوق هو جو گهڻن ووٽن واري صوبي کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ جو تيل صاف ڪرڻ لاءِ ملتان ۾ ريفائنري قائم ڪيائين، پورٽ سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ پر خشڪ گودي وري لائلپور (فيصل آباد) ۾ قائم ڪيائين، جڏهن ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا ڪئنال ٺهرايائي سنڌ جو پاڻي پنجاب کي ڏيارئين، نه صرف ايترو، پر هن سنڌين کي پنهنجيون رڍون ٻڪريون سمجهي ڪراچيءَ ۾ ڪي ٽي سي (يعني ڪراچي ٽرانسپورٽ اٿارٽي) باقي سنڌ ۾ ايس آر ٽي (سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي) قائم ڪيائين سندس پارٽيءَ جي شاگرد ونگ به ڪراچي ۾ پپلز اسٽوڊنش فيڊريشن (پي ايس ايف) جڏهن ته باقي سنڌ ۾ سنڌ پپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سپاف سڏجي ٿي معنيٰ سندس نظر ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ۾ شامل نه هئي ان جي باوجود به ساڻس پير الاهي بخش ۽ محمد ايوب کهڙي کان به خراب حشر ڪيو ويو، انهن کي ته صرف عهدن تان لاٿو ويو، پر ڀٽي صاحب کي ته ڦاسي ڏني وئي ان ڦاسيءَ ڪري ئي شايد سنڌي ماڻهن کيس ايوب کهڙي جهڙو لقب نه ڏنو، پر سندس همدردي ۾ اکيون ٻوٽي سندس پارٽي کي ووٽ ڏيندا پيا اچن. ان عقيدت ۽ سنڌ ۾ ووٽ جي اميد نه هجڻ ڪري ٻين صوبن جا سياسي اڳواڻن هنن جي ڀلي لاءِ نه ٿا سوچين جڏهن ته سندن محبوب پارٽي جا اڳواڻ وري کين رڍون ٻڪريون پيا سمجهن. انڪري بينظير صاحبان وري آر بي او ڊي ٺاهيو، جنهن نه صرف سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين برباد ڪئي پر ٻين صوبن جو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ ڪري ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ ”منڇر“ کي به تباهه ڪري ڇڏيو، مشرف وري گريٽر ٿل ڪئنال جو ڪم شروع ڪرايو ۽ زرداري صاحب وري ان کي تڪڙو مڪمل ڪرائي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هنن حڪمرانن جي نه کٽندڙ بک سبب سنڌ جا روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، اڻ پڙهيل کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو، اسپتالن ۾ دوائون ڪونهن ۽ مڪاني ادارن جا فنڊ چونڊيل نمائندا کايو پيا وڃن، پنجاب جي صنعتي علائقن کي بجلي ڏيڻ لاءِ لوڊشيڊنگ وڌائي پئي وڃي قيمتون به وڃن ٿيون چوٽ چڙهنديون، عام استعمال جو شيون به وڃن ٿيون مهانگيون ٿينديون سنڌ جي پنهنجي گئس پنجاب موڪلي سنڌ کي مهانگي ۽ بيڪار گئس ڏني پئي وڃي ۽ سنڌ جو هر ڏينهن اڳئين ڏينهن کان برو ٿيندو پيو وڃي. ان تباهي جو اصلي سبب اهو آهي ته 70 کان 90 تائين سنڌين جا اقتداري اڳواڻ حڪومت جا ۽ هاڻي وارا پيسن جا بُکيا آهن، انهن مان ڪن حڪومت / جمهوريت خاطر ته ڪن ذاتي ڏوهن ۾ جيل ڪاٽيا، پر ڪڏهن به سنڌ سندن ايجنڊا تي نه رهي آهي. نه صرف انهن جي ايجنڊا جو حصو نه رهي آهي، پر ووٽر جي ايجنڊا به سنڌ نه آهي، اهي پنهنجي فائدي لاءِ يا پنهنجي لوڪل مخالف تي فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ يا سندس فوقيت کان بچڻ جي حساب سان ووٽ ڪندا آهن. سنڌين جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته اُهي جنهن مخصوص پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندا آهن، ان جا چيئرمن سنڌي ڳالهائي نه سگهندا آهن، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪي سنڌي سکڻ ۽ ڳالهائڻ جي زحمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اهي ڪهڙي نموني سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪندا. انهن جا وڏا ته اهو به چوندا هئا ته اهي اصل ۾ پنجابي آهن سندن قبيلو آرائين آهي، خام خواهه سندن محبت ۽ ٻين جون به همدرديون وڃايون ويٺا آهن!! ميڊيا تي ڦڙڪيون هڻڻ ۽ اڳواڻن جون ورسيون ملهائڻ سان سڌارا نه ايندا آهن پر ان لاءِ خوف خدا ۽ عملي ڪم گهرجن.

اهي ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته سنڌ مهاجرن بلوچن ۽ سماٽن ۾ ورهائجي ويندي ۽ سنڌي هڪ ٻئي کي کائي ماريندا، ڌاڙيلن وارو دؤر موٽي ايندو، سنڌي ماڻهن سان اهو حشر ڪندا جيڪو بي نظير صاحبه جي واقعي وقت ڪيو هين، وري به دفاعي ادارو اچي عام سنڌين جي جيالن مان جان ڇڏائي نه ته اهي آفيسون ساڙڻ بعد گهرن تائين پهچي چڪا هئا، هاڻي به رينجرس ئي آهي جنهن ڪافي حد تائين امن ڪرايو آهي، جيڪڏهن وفاق نه هجي ها ته موجوده سپريم ڪورٽ به اسلام آباد جي بجاءِ ڪراچيءَ ۾ هجي ها، ته پوءِ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر جمهوريت ۽ عوام جي عظيم تر مفاد ۾ وزير اعليٰ کي اهو به اختيار ڏئي ڇڏين ها ته هو ڪنهن کي به سندس گهر مان ڪڍي اهو گهر ڪنهن ٻئي کي الاٽ ڪري ڏئي سگهي ٿو، جيئن ڏهه اپريل تي سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973 ۾ ترميم ڪري ڪيو ويو آهي.

سنڌ جا ٻيا گهڻ گهرا وري چون ٿا ته پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهي سنڌ جي حقن ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ڪي ماڻهو وري موجوده پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا حال ڏسي چون ٿا ته يار ڍڪي ڀلي آ ڇو ته جيڪا اضافي بجيٽ سنڌ کي ملندي سا به سنڌ تي خرچ ڪونه ٿيندي، عام ماڻهو کي ڪجهه به ملندو اهو به ڪرپٽ ٽولو کائي ويندو، جنهن وٽ هڪ شگر مل هئي اهو 17 شگر ملون بڻائيندو، جنهن هڪڙو پئٽرول پمپ خريد ڪيو آهي سو وڌيڪ ٺاهيندو، جن کي وفاق وارا به ڪجهه به نه ٿا چون. سنڌ دشمني ڪري وفاق وارا به مفاحمت جي نالي تي هنن جي ڪرتوتن تي اکيون ٻوٽيو ويٺا آهن پر حقيقت ۾ اهي چاهن ٿا ته پيپلز پارٽي وارا ڀلي ڪرپشن ڪن جيئن ته کين هٿڪڙين کان ڊيڄاري سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪي سگهجي، انڪري ئي اهي پ پ پ کي ٽوڙڻ يا ڪمزو ڪرڻ نه ٿا چاهين، ڇو ته سندن خيال ۾ جيڪڏهن پ پ پ ٽٽي ته پوءِ ننڍا ننڍا گروپ ٺهي پوندا پوءِ اهي ڪنهن ڪنهن سان ڊيل ڪندا، هنن کي اها ڳڻتي به آهي ته ان خال پيدا ٿيڻ سان الله بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، عبدالمجيد جتوئي ۽ سيد امداد محمد شاهه جهڙيون شخصيتون به اڀري سگهن ٿيون ان ڪري سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرپشن کي برداشت ڪري سندن پارٽي کي ٽٽڻ کان بچايو وڃي ته جيئن سنڌ جي وسيلن تي قبضو برقرار رکي سگهجي نه ته اهڙيون عياشيون ڪيئن ڪبيون؟!

سو جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جو اهو ڳٺ جوڙ ڇهه –ست سال هليو ته سنڌ جي گئس ۽ بجلي پنجاب جي صنعتي علائقن کي ملندي، هتي نه گئس هوندي، نه بجلي، نه پاڻي ۽ نه پيسو، جنهن جي عيوض پپلز پارٽي وارن کي نه صرف آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري مرضيءَ جا ڏنا ويندا، پر کين سنڌ اندر ظلم ۽ لاقانونيت ڪرڻ جي مڪمل ڇوٽ حاصل هوندي، کين سخت ڊسپلين وارن ادارن کان به رعايتون ڏياريون وينديون ۽ پوري سنڌ کنڊر جو ڏيک ڏيندي جنهن ۾ جهنگ جو قانون هلندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو