Home / اسپيشل افيئر / سنڌين کان وسري ويل سنڌ يونيورسٽي!
above article banner

سنڌين کان وسري ويل سنڌ يونيورسٽي!

علي لاشاري

سنڌ يونيورسٽي جي سونهن کي هتان جا ملازم تباه ڪري رهيا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي دل آرٽس فيڪلٽي جتان ڪنهن دور ۾ امرجليل ۽ طارق عالم ابڙو جهڙا ليکڪ ۽ امداد حسيني جهڙا شاعر پيدا ٿيا اڄ اتي جهالت جو واسو آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري، آرٽس فيڪلٽي ڊپارٽمينٽ ۽ هاسٽلن ٻاهران گند ڪچري جا ڍير ڏسي ۽ گٽرن جو وهندڙ گندو پاڻي روڊن تي ڏسي يقين ئي نه ٿيندو آهي ته ڪو هي ايشيا کنڊ جي پراڻي يونيورسٽي آهي. اربين رپين جي هن جي ڪا بجيٽ به آهي. گند ڪچرو ڏسي لڳندو آهي ڄڻ هي ڪو رتيديري يا لاڙڪاڻي جي ڪا مڇي مارڪيٽ هجي.

سنڌ يونيورسٽي جا روڊ ۽ رستا به موهن جي دڙي جهڙو منظر پيش ڪن ٿا هتان جي روڊن ڏسڻ کانپوءِ موهن جي دڙي جو خاڪو ذهن ۾ ٺهي ٿو اچي ٿو، سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ ۽ هاسٽلن جي بلڊنگن جا چاپڙ به ٻهراڙي جي اسڪولن جيان ڪرڻ لڳا آهن.

هتي هاڻي اهل ماڻهن جي به تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي آهي جو ڪٿي به ڪو مستقل آفيسر مقرر نه آهي جتان جي آفيسر جي پڇا ڪرايون ٿا اهو صاحب عارضي طور مقرر ٿيل آهي.

شاگردن جا ته مسئلا هتي حل ٿيڻا ئي ناهن ڇو ته اهي ناجائز مسئلا آهن انتظاميه جي لاءِ جيئن انٽرنيٽ جي سهولت گهرڻ ناجائز مطالبو آهي. سنڌو جي ڪناري تي قائم يونيورسٽي جي هاسٽلن تي هر وقت ٿر جهڙي صورتحال بڻيل آهي جيڪڏهن پاڻي جو بحران ٿيو ۽ شاگردن ان لاءِ ڪو احتجاج ڪيو ته ان جي لاءِ هاسٽل انتظاميه پهرين  وردي وارن کي فون ڪري گھرائيندي ۽ پوءِ پاڻي گھرڻ جهڙي ناجائز مطالبي تي شاگرد گرفتار ٿيندا ۽ انکان  پوءِ ردعمل ۾ ٿيندڙ احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل پرووسٽ پنهنجي بنگلي مان ڪار ۾ چڙهي ايندو ۽ اهو چئي مسئلي مان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائيندو ته بابا شاگردن قانون هٿ ۾ کنيو تڏهن گرفتار ٿيا ان ۾ ڪو منهنجو ڏوه ته ناهي نه………!

40

سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي جيڪي جڏهن ليڪچرار آهن ته شاگردن کي پڙهائڻ کان وڌيڪ ٽائيم سنڌ يونيورسٽي کي ملندڙ پرڏيهي اسڪالرشپس جي ڳولا تي ڏين ٿا ته يونيورسٽي جي پئسي تي ( پي ايڇ ڊي ) جي بهاني سان هلي چين ، لنڊن ، جاپان ، ملائيشيا ، آسٽريليا يا آمريڪا گھمي اچجي ، ۽ پوءِ جڏهن اهي استاد حضرات پرڏيهه مان موٽن ٿا ته پنهنجي استادن جي تنظيم سوٽا ( سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن ) جو پاسو وٺن ٿا ته سائين هاڻ اسان کان پڙهائڻ ڪونه پڄندو انڪري مهرباني ڪري اسان کي به رجسٽرار  ، اسسٽنٽ رجسٽرار ، ڪنٽرولر ايگزمينشن ، ٽرانسپورٽ آفيسر  يا پرووسٽ جهڙي ڪا ايڊمنسٽريٽر  جي پوسٽ وٺي ڏيو ته اسان به هاڻ ڪو پوسٽ جون مزو وٺون.

 انهن استادن جي تنظيم مان به ڪهڙيون اميدون رکجن جيڪي انهن جا اڳواڻ آهن اهي ته سڄو ڏينهن اين جي اوز جي پروگرامن ۾ ڪڏهن مهمان ته ڪڏهن مهمان خاص جي حيثيت سان وتن ٿا تقريرون ڪندا ، انهن سوٽا جي اڳواڻن جو ديدار به تڏهن نصيب ٿيندو آ جڏهن سائين جن يونيورسٽي جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ استاد تنظيم جو ڪو تنظيمي اجلاس رکندا آهن باقي ٽائيم سائين جن ۽ ميڊمون ڪٿي هونديون آهن ، اها خبر انهن کي ئي هوندي.

 استادن کي جڏهن به ڪو احتجاج ڪرڻ جو بهانو ملندو آ ته تمام وڏي مطالبن جي لسٽ ٺاهيندا آهن انهن ۾ مطالبا هوندا آهن ته اسانجي استادن کي 18 هين گريڊ مان 19 هون گريڊ ڏيو. استادن کي ايڊمنسٽريشن ۾ برابر جو حصو ڏيو، پلاٽ ڏيو وغيره ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه پر ڪڏهن به اهو مطالبو نه ڪيو اٿائون ته موهن جي دڙي جيان بڻجي ويل سنڌ يونيورسٽي جا روڊ رستا ٺهرايو شاگرن کي هاسٽلن تي انٽرنيٽ جي سهولت ڏني وڃي ، نوان ڪورس متعارف ڪرايا وڃن، اهو ڪم اصلي نه ڪندا اڃا به اهو چوندا ته اهو ڪم شاگردن جو آهي اهي پنهنجي حقن لاءِ پاڻ  جدوجهد ڪن .

 شاگرد تنظيم هاڻ اها ڪيڏانهن آڻجي جيڪا 1967ع ۾ هئي جنهن جي جدوجهد سان اقتداري ايوانن جا شيشا به لرزندا هئا، پوءِ انهي شاگرد جدوجهد جو وقار ڪيرائڻ لاءِ  آر اي شاه ۽ نظير مغل جهڙن نااهل ماڻهن کي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻائي فل ڇوٽ ڏني وئي ته شاگرد سياست جو خانوخراب ڪري ڏيو، پوءِ ته سائين وارن اهو ڪم وڏي ايمانداري سان سرانجام ڏنو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي جو اسيمبلي مان بل پاس ڪرائيندڙسنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 30 سالن تائين جيلن ۽ نظربندي جون تڪليفون برداشت ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ تحريڪ جي ذيلي ونگ جساف ( جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ) ۾ ٻن اترادي شاگردن کي ايترو ته آزاد ڇڏيو جو سنڌ يونيورسٽي ڌاڙيلن جي مضبوط پناهگاه بڻجي وئي. ان وقت جي نامي گرامي ڌاڙيل صدوري شيخ جهڙا ماڻهو سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن تي رهڻ لڳا پر نازڪ مزاج رکندڙ آريسر جي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ تي پابندي لڳل رهي ۽ پوءِ مقبوليت جي حدن تائين پهتل شاگرد جدوجهد ائين ختم ٿيندي وئي جو ڪنهن کي ان ڳالهه جو اندازو به نه هو ته ڪو اهڙو زوال به ايندو ۽ پوءِ شاگردن جو يقين ختم ٿيندو ويو ۽ پوءِ آخرڪار شاگرد يونين تي پابندي لڳي ۽ پ.پ.پ جي قائدين کان تعليمي ادارن اندر جساف سان جهيڙا ڪري ماحول خراب ڪرائڻ لاءِ سپاف جهڙي سرڪاري تنظيم ٺاهي وئي جنهن جو عذاب اسان اڃا تائين ڀوڳيون ٿا هونئن به آمريتي دورن سنڌ جي تعليمي ادارن کي نقصان ڏنو آ پر جيترو نقصان هاڻوڪي ادي ۽ ادِي جي گورنمينٽ ڏنو آ انجو ڪو مثال نٿو ملي. ادِي طرفان سپاف جي ڪامريڊن کي اهڙي ته ڇوٽ ملي وئي جو سنڌ يونيورسٽي اندر استادن کي چماٽون لڳڻ لڳيون ۽ سرعام ڏينهن ڏٺي جو شاگردياڻيون ائين اغوا ٿيڻ لڳيون ڄڻ ڪو هرڻي جو ٻچو شڪار ڪندا هجن. انهن سڀني خلاف قدم کڻڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي ڇاڪاڻ ته هتان جي ڪامريڊن کي هروقت سائين قائم علي شاه ۽ ادِي تائين رابطن جي رسائي هئي ، انهن يارن اداري کي کائڻ جو هر طريقو اختيار ڪيو جيئن محترمه جي ورسي تي 10  پوائنٽ بسون وٺي ڪري انهن جي اٺن گاڏين مان تيل ڪڍي وڪرو ڪيو ٿي ويو ۽ گاڏيون انتظاميه کي واپس ٿي ڪيون ويون. پوءِ انهن ڪڌن ڪمن جي ڪري جنهن به وائيس چانسلر نظير مغل  خلاف  ڳالهائڻ جي جرئت ٿي ڪئي انهن مان ڪنهن تي غداري جو ڪيس هڻي ان کي ڳجھن ادارن هٿان کنڀرائي سخت تشدد بعد انهن جا لاش ڪڏهن ڪوٽڙي مان ملڻ لڳا ته ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ۽ ڪنهن جو وري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان ، ته وري ڪن معصوم شاگردن تي دهشتگردي ۽ بم ڌماڪن جا ڪيس هڻي انهن کي روپوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. پوءِ محب وطن شاگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ هتي هڪ وردي واري صاحب کي يونيورسٽي جي هيٺين ملازم کان ويندي وائيس چانسلر تائين جا اختيار ڏيئي يونيورسٽي ۾ عملي طرح مارشلا نافذ ڪئي وئي  ۽ پوءِ هتي پاڻي گھرڻ تي به گار ملندي رهي ٿي ،  گهير واري سلوار پائڻ تي به تذليل ٿيندي رهي ٿي،  پر اهو سڀ ڪجهه صاحب ڇو نه ڪري ……! ان کي به ته خبر آ ته هي سنڌ يونيورسٽي ننڌڻڪي آ، هن جو ڪو وارث ئي ڪونه.

 سنڌ يونيورسٽي کان اڄ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن  توڙي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کي قلم جي طاقت سان اقتداري ايوانن ۽ عوام تائين پهچائيندڙ صحافي دوستن به ايئن لاتعلقي جو اعلان ڪري خاموش ٿي ويهي رهيا آهن جيئن ڪنهن قرضي يا تباه ٿي ويندڙ اولاد کان والدين ڪري ويهندا آهن. سنڌ يونيورسٽي اڄ به اوهان جي مالڪي جي ائين منتظر آهي جيئن ٿر جي پيٽ بکايل ٻارن جي ماءُ پنهنجي ٻچن لاءِ آڻيندڙ ڳڀي واري هٿن جي منتظر هوندي آهي ، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين سنڌ جي انچ انچ جي وارث هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ سنڌيو اچو هن ننڌڻڪي بڻجي ويل سنڌ يونيورسٽي جي وارثي ڪريو، پيدا ٿيل حرامخورن کان آزاد ڪرايو سنڌ يونيورسٽي جي خزاني کي ائين کائي رهيا آهن ڄڻ ڪو مال غنيمت هٿ آيو هجين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو