Home / سنڌ افيئر / سنڌ جي جديد سياسي ۽ سماجي مارڪيٽ اڪانامي
above article banner

سنڌ جي جديد سياسي ۽ سماجي مارڪيٽ اڪانامي

اعجاز سنڌي.

هي دور مارڪيٽ اڪاناميءَ جو آهي. جنهن ماڻهوءَ يا  طبقي جو آواز جيترو وزنائتو هوندو، يعني ان ماڻهوءَ يا طبقي جي سماج ۾ جيڪا حيثيت يا اهميت هوندي ته انجو آواز به اوترو ئي وزنائتو هوندو آهي، ۽ سرڪاري توڙي ڪاروباري طبقن ۾ سندن اهميت ۽ ملهه به آواز جي وزن جي آڌار تي هوندو آهي. سنڌ جي هاڻوڪي مارڪيٽ اڪاناميِءَ ۾ آباديءَ جي اڪثريت يا اقليت وارو ماپو ڪم ڪون ڪندو آهي. بس، آواز ۾ وزن هجڻ گهرجي.

اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي سنڌ اسيمبليءَ جي ويب سائيٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ نه هجڻ جي خلاف تحريڪ هلي رهي آهي. ان تحريڪ جو بنيادي سوال اهو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ويب سائيٽ صرف انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ڇو آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي؟ هن تحريڪ جا اڳواڻ سنڌ مان چونڊيل عوامي نمائندن، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ سيڪريٽريءَ کي خط لکي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن، ۽ مطالبو ڪري رهيا آهن ته سنڌ اسيمبليءَ جي ويب سائيٽ صوبي جي اڪثريتي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ضرور هجڻ گهرجي.

23

اچو ته ڪجهه تاريخي پس منظر تي به نظر وجهون:

سنڌ ۾ جولاءِ 1972 جي ٻوليءَ وارن فسادن کانپوءِ سنڌي قومپرستيءَ جو هڪ اهڙو طوفان اٿيو جنهن سموري سنڌ ۾ ٻوليءَ بابت سجاڳيءَ جي هڪ تمام مضبوط تحريڪ کي جنم ڏنو. اِهو اُهو دور هيو جنهن ۾ هر سنڌيءَ جي زبان تي هڪ ئي نعرو هوندو هيو، ”قوم زنده ٿي رهي، پر جي زبان زنده هجي“.

ٻوليءَ وارن انهن فسادن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ان تحريڪ کي سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور، صحافي، ۽ سمورا پڙهيل لکيل طبقا غير سياسي بنيادن تي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ وجود جي علامت طور تمام مٿاهين ليول تي وٺي ويا. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قوم کي سندن جائز ۽ آئيني حق وٺي ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سمورين اخبارن، ۽ رسالن، سياستدانن ۽ غير سياسي شخصيتن طرفان احتجاجي مطالبا ڪيا ويا، حڪومت کي خط لکيا ويا، علامتي بک هڙتالون ڪيون ويون، ۽ سموري سنڌ ۾ وال چاڪنگ ڪئي وئي. اهم ڳالهه اها هئي ته ان تحريڪ جو ڪو اڳواڻ ڪون هيو. سڀ ڪارڪن هئا.

1972 کان اڳ پي آءِ اي ۾ مسافرن لاءِ سنڌي اخبارون ڪون هونديون هيون. سنڌ جي سڄاڻ ۽ ساڃهه وند ڌرين پي آءِ اي کي سندس جهازن ۾ مسافرن لاءِ سنڌي اخبارون مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ تمام ڊگهي (اٽڪل لڳاتار ٻه سال) ۽ مِضبوط تحريڪ هلائي.

پي آءِ اي جي خلاف تحريڪ سان گڏو گڏ سنڌ ۾ ڪاروبار ڪندڙ واپاري ادارن جي خلاف بائڪاٽ تحريڪ هلائي وئي. ان تحريڪ جو مطالبو هيو ته سنڌ جا ڪروڙين گراڪ انهن ڪمپنين کان اربين رپين جو مال ته خريد ڪن پيا، پر ان مال جي ائڊورٽائيزمينٽ صرف اردوءَ ۾ ڪئي ٿي وئي. ڪاروباري ڪمپنين کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ سندن مال جي سنڌيءَ ۾ ائڊورٽائيزمينٽ نه ڪئي وئي، سنڌي اخبارن ۾ اشتهار نه ڏنا ويا، ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي سنڌي ڪمرشل نه هلايا ويا ته سموري سنڌ ۾ سندن مال جي خلاف بائڪاٽ ڪيو ويندو. شروعات ۾ ڪاروباري طبقن انهن مطالبن ۽ چتائن تي ڪو ڌيان ڪون ڏنو. پر پوءِ سموري سنڌ ۾ سندن خلاف بائڪاٽ شروع ٿي ويو، جنهن انهن ڪاروباري ادارن لاءِ صورتحال کي فڪرمند بڻائي ڇڏيو.

1972 کانپوءِ وارين انهن تحريڪن جي آواز ۾ ايڏو ته وزن هيو ۽ اهي تحريڪون ايڏيون ته منظم ۽ مضبوط هيون جو پي آءِ اي پنهنجي مسافرن لاءِ سنڌي اخبارون رکڻ تي مجبور ٿي پئي. شروعات صرف هڪ  سنڌي اخبار، هلال پاڪستان ٿي، پر اها به ان تحريڪ جي هڪ وڏي ڪاميابي سمجهي ويندي هئي.  ان سان گڏ تمام واپاري طبقا سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي نه صرف اشتهار ڏيڻ لڳا، پر اشتهارن ۽ ڪمرشلن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال پڻ ڪرڻ لڳا. ان وقت جا سرڪاري ۽ ڪاروباري طبقا سنڌ جي مارڪيٽ اڪاناميءَ ۾ اڪثريتي سنڌي قوم جي آواز جي ماپي کي تسليم ڪرڻ لڳا هئا.

هيءُ هيو 1972 کان 1980 جي وچ واري دور جو احوال جڏهن آواز ڪراچيءَ مان اٿندو هيو ته انجو پڙاڏو ڪشمور مان ٻڌڻ ۾ ايندو هيو.

هيءَ آهي اڄوڪي سنڌ: منهنجي خيال ۾ اڄوڪي دور ۾ جتي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي قومپرست شهر قاسم آباد جي هڪ دڪان تي ”ڏهيءَ“ جي بدران ”دهي“ لکيل هجي، جتي 100 سيڪڙو گراهڪ به سنڌي هجن ۽ دڪاندارُ به سنڌي هجي، پر دڪان تي سائين بورڊ ۽ ائڊورٽائيزمينٽ اردوءَ ۾ هجي، جنهن صوبي جي هڪ ڪنڊ کان وٺي ٻي ڪنڊ تائين شهرن، واهڻن ۽ وستين ۾ دڪانن جا سائين بورڊ اردوءَ ۾ هجن، اتي سنڌ اسيمبليءَ جي ويب سائيٽ ڀلا سنڌيءَ ۾ ڇو هجڻ گهرجي؟ ٻيو سوال، ۽ اهم ترين سوال وري اهو به آهي ته، ان ويب سائيٽ کي وزٽ ڪرڻ وارن جي مارڪيٽ اڪاناميءَ ۾ ڪيتري اهميت آهي؟

لاڙڪاڻي مان چونڊيل سنڌي نمائندو نثار احمد کهڙو جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو ته سنڌي اڪثريتي ايوان جي ڪاروائي اقليتي ميمبرن کي خوش ڪرڻ  خاطر اردوءَ ۾ هلائيندو هيو. يعني مارڪيٽ اڪانامي اهو طي ٿي ڪري ته ڪهڙي طبقي کي ڪيتري قانوني ۽ آئيني اهميت ڏيڻ گهرجي.

ساڳيءَ طرح  ڳڙهي ياسين مان چونڊيل سنڌي نمائندو آغا سراج دراني جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو ته ان به پراڻي روايت کي برقرار رکندي اڪثريتي سنڌي نمائندن جي پرواه نه ڪندي ڪاروائي اردوءَ ۾ ئي هلائي ۽ مارڪيٽ اڪاناميءَ جي اصولن کي برقرار رکيو.

مون ڪڏهن به ڪنهن مهاجر نمائندي کي اسيمبليءَ ۾ سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندي ڪون ٻڌو پر ڪيترا ئي سنڌي نمائندا ترقي يافتا هجڻ جو ڏيکاءُ ڪندي اردوءَ ۾ تقرير ضرور ڪندا آهن.

سوشل ميڊيا تي هڪ تجويز اها به گردش ڪري رهي آهي ته ان مسئلي کي عوامي سطح تي هاءِ لائيٽ ڪجي، اسيمبليءَ جي ٻاهران مظاهرا ڪجن، ۽ ميڊيا جي ذريعي به ان مسئلي کي پڌرو ڪجي. پوءِ هميشه وانگيان ٿيندو ائين ته ڪجهه سنڌي ماڻهو ايوان جي ٻاهران احتجاج ۾ ٻه ڏينهن جهنڊا کڻي، بينر ٽنگي بيهندا ۽ جذباتي تقريرون ڪري وڃي ڪنهن ايراني هوٽل تي چانهه پي، دل جو اوٻر ڪڍي هليا ايندا، ۽ وري انهن پينا فليڪسن ۽ جهنڊن تي ڪا نظر به ڪون وجهندا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سنڌين لاءِ مارڪيٽ اڪاناميءَ وارو اصول برقرار رهندو.

ڪا به تحريڪ تيستائين خاطر خواه نتيجو ڪون ڏئي سگهندي جيستائين ان ۾ وفادار، ۽ محنتي ماڻهو هڪ تنظيم جي  طور تي ڪل وقتي ڪم نه ڪندا. تنظيم سازيءَ لاءِ پئسا گهرجن ۽ سنڌي ماڻهو 100 رپين خرچ ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهن.

نتيجو اهو نڪرندو جو ڪجه جذباتي نوجوان اهو اشو کڻي اٿندا، ٻه ٽي ڏينهن زنده باد ۽ مرده باد ٿيندي، پر پوءِ همراه ٿڌا ٿي ويهي رهندا. سندن قوت ۽ جذبا بنان نتيجن جي ضايع ٿي ويندا، ۽ هوريان هوريان مايوسي ۽ نا اميديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندا. ڇاڪاڻ ته سندن تحريڪ به تنظيمي طور تي يتيم هوندي. پوءِ سنڌ جا مخالف ۽ وقت جا حاڪم سنڌي ماڻهن جو وڌيڪ پاڻي ڪڇي وٺندا ۽ سنڌين کي مارڪيٽ اڪاناميءَ ۾ سندن وزن مطابق اهميت ڏيندا. يعني نتيجو ٻُڙي.

aijazsindhi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو