Home / ايڊيٽوريل / سنڌ جي وحدت تي هر ڀيري وار
above article banner

سنڌ جي وحدت تي هر ڀيري وار

MAY 15 2015سنڌ تي هاڻ ته رڳو نوحا ئي لکي سگهجن ٿا.اين ايف سي جي نانوَ تي  سنڌ جي ناڻي تي لڳندڙ ڌاڙي تي لکجي ته به نوحو. اڇي ڪاري ڊيم يا لنڪ ڪئنال جي نالي تي سنڌ جي پاڻي جي حصي تي لڳندڙ ڌاڙي جو بيان به نوحو. زرداري صاحب جي پارٽي جنهن نموني سنڌ کي ملندڙ وسيلن کي ذاتي وسيلن ۾ تبديل ڪري رهي آهي ان تي لکجي ته به رت ٽهڪي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ارڙهن ڪلاڪ بجلي غائب مٿان آرهڙ جا غضب ڏينهن، مٿان روڊن رستن تي مٽي جا واچوڙا، ناليون اٿليل، ان تي لکجي ته به دل ڏکي. سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين جي ٽئين درجي واري حيثيت ڏي ڏسجي ته به دل سڙي. هاڻ خبرون اچن پيون ته ڪراچي ۾ ڌاري آبادي جو توازن ڌرتي ڌڻين مخالف بيهاري سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي هڪ نئون انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي رٿا تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن کي ڪوسٽل يا ساحلي صوبي جو نالو ڏنو ويندو.

 1947 ۽ 1948 ۾ سنڌين کي مذهب جي نانءَ تي ڪراچي نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي سنڌين لاءِ اوپري ئي رهي. ڪنهن ان کي سنڌ جي مارئي سڏيو جيڪا شهري عمر بادشاه جي ڪوٽ ۾ قيد هئي جتان کيس ڇڏائڻو آهي. ڪنهن ان کي سنڌ جي دل قرار ڏنو، ڪنهن ان کي سورج مکي سان تشبيهه ڏني پر بهرحال سنڌ جي هاڻوڪي نسل کي هڪ اميد نظر ايندي رهي ته اهي ڪراچي جي اوپرين ڳلين سان شناسائي ايئن ماڻي وٺندا جيئن ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچي سان سنڌين کي هئي. اها ان سببب ڪري به هئي جو گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌ جو وچولو طبقو پيدا ٿيو جن ڪراچي کي پنهنجو هنڌ کٽولو ٺاهيو ۽ ان جي ڀاڪر ۾ پنهنجائپ محسوس ڪئي. عيد براد هتي ته مرڻا پرڻا به هتي. حالانڪه ان کان اڳ، سٺ يا ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ ڪنهن کي سنڌي ڳالهائيندي ڏسي ايئن ئي حيرت گاڏڙ خوشي ٿيندي هئي جهڙي ريت اڄڪلهه ٽورينٽو يا نيويارڪ  ۾ رهندڙ ڪنهن سنڌي کي بازار ۾ ڪنهن کي سنڌي ۾ ڳالهائيندي ٿيندي هوندي.

 سنڌين 1988 جي لساني جهيڙن کان پوءِ ڪراچي ۾ خاص طور تي ڪافي ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. لاش کنيا. عقوبتون سٺيون. پر سنڌي ڳوٺ ڇڏي ڪراچي ايندا رهيا. ڪلفٽن يا طارق روڊ جي ڪنهن بازار ۾ سنڌي اُچار جو ڪن تي پوڻ عام ڳالهه بڻجي وئي. سنڌي رڳو نوڪرين ۾ نه پر ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندي ۽ رڪشا ٽيڪسيون هلائيندي نظر اچڻ لڳا. چوڪيداري ڪندي ملڻ لڳا. ايئن پئي لڳو ته جي قدرت ۽ وقت ساٿ ڏنو ته حيدرآباد ، نوابشاه ۽ سکر وانگر ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڪراچي به سنڌي رنگ ۾ رڱيل شهر هوندو جتي سنڌي سياسي طور تي ٻين لساني گروهن کان اڳرا هوندا.

 پر رياست جي مالڪن وٽ ٻيو پلان هيو. ڪراچي ۾ ڀارت کان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙ آبادي ، جيڪي پاڻ کي مهاجر سياست جي شاونزم جي خول ۾ بند رکيو ويٺا آهن سي ڪراچي ۾ اڪثريت جي دعويٰ ته ڪونه برقرار رکي سگهيا پر سندن عددي اعتبار سان گهٽجڻ سنڌين کي فائدو نه ڏيئي سگهيو. ملڪ جي اترين علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ آبادي جي منظم آبادڪاري ڪراچي کي هڪ نئون چهرو ڏيڻ لڳي. پٺاڻ، ڪشميري، هزاريوال، ميانوالي، سرائيڪي، پنجابي، گلگتي وغيره ٻوليون ڳالهائيندڙن جو ڪراچي پهچڻ ۽ سندن مڪمل پٺڀرائي ٿيڻ سان اهو عين ممڪن لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه ئي سالن ۾   سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ملائي ڪري به ڪراچي ۾ ٿورائي ۾ هجن. شهر وچان ڪنهن ٽين نسلي قوت وٽ هجي.

ڪراچي جي ان شڪل جي ذميواري سنڌين کان وڌ مهاجر قيادت تي ٿئي ٿي جيڪي  ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادڪاري روڪڻ لاءِ ارباب غلام رحيم جي حڪومت  ڀيري اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي رهيا هيا، 2010 ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ ڪراچي لڏي ايندڙ سنڌين تي ارها رهيا پر سوات آپريشن کانپوءِ سنڌ لڏي ايندڙن پٺاڻن لاءِ ديڳيون پئي چاڙهيون.

“افيئر” جي ڪور اسٽوري ان موضوع کي بحث ۾ آڻڻ جي هڪ ڪوشش آهي ته  سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ان لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري مان ڪو خطرو ته ڪونهي. ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي پٺاڻ آبادين جو ڦهلاءَ پاڻهي پاڻ ٿيو آهي يا ان پٺيان ڪا رٿا آهي. سپر هاءِ وي ۽ ملير ۾ ڌاري آبادڪاري واسطي نيون نيون رٿائون، گوادر، ذوالفقار آباد جا شهر اڏجڻ “معمول جي ڪاروائي” آهي يا ان پٺيان به ڪا ڊيسڪ ڪم ڪري پئي؟

سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي رڳو ڪراچي جي شاونسٽ مهاجر سياست کان خطرو ڪونهي بلڪه ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ به ان لاءِ پنهنجي رٿا رکن ٿا. سنڌ جي مستقل آبادي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ غلط فهمين ۽ ٽڪراءُ جو نتيجو ان شڪل ۾ لازمي نڪرڻو هيو يا ان کي ٽاري سگهجي پيو؟ هاڻ ڇا ٿيندو؟ سنڌي ڪيول مڪوڙي جي رفتار سان چرپر ڪندا يا ستل شينهن جيان ڪنڌ موڙي جاڳي پوندا؟

 اسان انهن سوالن جو جواب ڳولڻ جو ذمو اوهان تي ڇڏيون ٿا.  اسان جو ڪم فتوا ڏيڻ ناهي. هي هڪ بحث لائق موضوع آهي جنهن تي اوهان وٽ به ڪا متبادل راءِ يا معلومات آهي ته اڳتي اچو ۽ هن بحث ۾ شريڪ ٿيو، ڄاڻ ڏيو، ڪاغذ هٿ ڪيو ته سنڌ جي وحدت کي ڪٿان ڪٿان چئلينجز درپيش آهن. سنڌ جي صالح نسل کي پيدا ٿيڻ ۾ اڃا ڪو وقت هوندو پر اسان توهان اهو ته ڪري سگهون ٿا ته ان نسل کي سندن وڏڙن جو وطن موجوده شڪل ۾ ته ڏيئي وڃون. ان امانت ۾ ته خيانت نه ڪريون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو