Home / ڪور افيئر / سنڌ: ”راهداريءَ“ جو روٽ ۽ پٺاڻن جون پارٽيون
above article banner

سنڌ: ”راهداريءَ“ جو روٽ ۽ پٺاڻن جون پارٽيون

مظهر

هن هفتي ”اڪنامسٽ“ ميگزين ان اقتصادي راهداريءَ کي”اونداهو ڪاريڊور“ سڏيو آهي جنهن ۾ ملڪي تاريخ جي پنجين بغاوت هلي رهي آهي. ميگزين لکيو آهي ته جنوري مهيني ۾ باغين هڪ اهڙو گرڊ اسٽيشن اڏائي ڇڏيو هو جو ملڪ جو 80 سيڪڙو علائقو، بشمول گاديءَ واري شهر جي، اوندهه ۾ ٻڏي ويو هو.اهڙو سنڌائتو ڌڪ هڻڻ مان باغين جي وڌندڙ طاقت جو اندازو ٿئي ٿو. وڌيڪ اهو ته هن ڦڏي واري علائقي مان چائنا جي ”اقتصادي راهداريءَ“ جو پرامن نموني گذرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

پهاڙن تي ۽ ٻين ملڪن ۾ ويل باغين سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو سوال بعد ۾ اچي ٿو، اصل ۾ ڳالهيون ٿيون ئي ڪونهن بلڪه ٿيڻ ڏنيون ئي ڪونهن ويون. مالڪ بلوچ جي نوڪر سرڪار نواز ليگ سان معاهدي مطابق ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ختم ٿيڻي آهي. مالڪ بلوچ ڏاڍ مڙسيءَ جي سرڪار کان ڪنهن ريت اها ڳالهه مڃرائي هئي ته سندس دور حڪومت ۾ هلڪو هٿ رکيو وڃي.بقول حاصل بزنجي جي، ته اسان جي چيف منسٽريءَ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ”بالا حڪام“ بلوچستان ۾ آپريشن کي وڌيڪ ايڪسيلريٽر ڏيندا جنهن کان پوءِ ڪا خبر ڪانهي ته ڪاريڊور ۾ روشني ايندي يا اڳيون انڌيرو به چٽ ٿي ويندو.

pak-chaina

ايندڙ چيف منسٽر جيئن ته نواز ليگ جو ٿيڻو آهي تنهن ڪري ثناءُ الله زهريءَ کي آسرو آهي ته کيس چيف منسٽر بڻايو ويندو پر بدلجندڙ صورتحال ۾ ان جا امڪان گهٽبا پيا وڃن. هڪ ته ڪوليشن پارٽنر پختونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ لاءِ ثناءُالله زهري قابل قبول ڪونهي جو ماضيءَ ۾ ڪوئيٽا شهر ۾ ٿيندڙ عالمو چوڪ واري واقعي ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ جي سينيئر ليڊرشپ جي قتل عام ۾ هو زهريءَ کي ملوث سمجهن ٿا. ٻئي طرف ”بالا حڪام“ کان به ڪونهي وسريو ته پنج ست سال اڳ زهري ٽيمپرري قومپرستي ڏيکاريندي ايف سيءَ تي اعتراض ڪري هوم منسٽريءَ تان استعيفي ڏني هئي.ان پس منظر ۾ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته زهري ”بالا حڪام“ جو فيوريٽ نه رهيو آهي جيڪي هن ڀيري نواز ليگ منجهان صوبائي وزير داخلا سرفراز بگٽيءَ کي چيف منسٽريءَ لاءِ پروموٽ ڪري رهيا آهن. سرفراز بگٽي بلڪل ڊيري بگٽيءَ جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد لاسيءَ جهڙو ماڻهو آهي. لاسي ڪلرڪ هو پر ”بالاحڪام“ کيس پروموٽ ڪرائي ڊپٽي ڪمشنر  ڪري ڇڏيو هو. سو جيڪڏهن سرفراز بگٽي چيف منسٽر ٿيو ته پوءِ  ”ڪاريڊور“ ۾ روشني آڻڻ لاءِ آپريشن تيز ٿيندو.

ٻئي طرف راهداريءَ جي روٽ تبديل ٿيڻ جي خبرن تي مختلف فليورز جي پٺاڻ پارٽين اچي شور مچايو جنهن تي نيٺ ميان نواز شريف آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي فائنل روٽ منظور ڪرائي کين ٿڌو ڪيو آهي. پٺاڻ پارٽين ۾ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، ۽ شيرپائو جي قومي وطن پارٽي شامل آهن. پيپلزپارٽي جيڪا سنڌين جي ووٽن جي پارٽي آهي پر سنڌين جي پارٽي ناهي، تنهن وٽ راهداريءَ جي روٽ بابت ڪوبه موقف ڪونه هو. سنڌين ۽ بلوچن جي ابتڙ پٺاڻن کي ان ڳالهه جو ڪو خدشو ڪونهي ته راهداريءَ جي نتيجي ۾ ”راهه“ ڌارين جي حوالي ٿي ويندي. پٺاڻن جي علائقي ۾ جيئن ته ڪو ٻيءَ قوم جو ماڻهو رهي ڪونه ٿو بلڪه رهي ڪونه ٿو سگهي ان ڪري ٻاهرين آبادڪاريءَ جو کين ڪو ڊپ ڪونهي. وڌ ۾ وڌ ڪجهه نيون ڇانوڻيون ٺهنديون جنهن ۾ جيڪڏهن ٻيءَ قوم جا ماڻهو آفيسر ٿي ايندا ته پٺاڻن کي به ننڍيون نوڪريون بي انداز ملنديون. سو پٺاڻ پارٽيون بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جا وڌ ۾ وڌ ضلعا راهداريءَ جي نقشي ۾ وجهرائڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هاڻي جڏهن سنڌ راهداريءَ جي نقشي مان نڪري وئي آهي ته ڇا سنڌي پارٽين وٽ ڪو موقف آهي ته اهو چڱو ٿيو آهي يا خراب ٿيو آهي؟ ڇا ان جو ڪو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته راهداريءَ اندر هجڻ سان ڪهڙا فائدا يا نقصان ٿي پئي  سگهيا ۽ راهداريءَ کان ٻاهر هجڻ سان ڪهڙا فائدا يا نقصان ٿيڻ وارا آهن.  ڪجهه ايڪسپرٽ چون ٿا ته راهداريءَ جي روٽ جو نقشو رڳو ڏيکارڻ لاءِ آهي. جيڪڏهن ڪو قاعدو قانون ٺاهي ان تي سختيءَ سان عمل نه ڪيو ويو ته پٺاڻ ٽرڪ ڊرائيور کي سوراب وٽ ڪير روڪي چوندو ته مڙا ڪراچيءَ وارو رستو نه وٺ ۽ هروڀرو زوب کان ٿيندو ڊيري اسماعيل خان ڏانهن رخ ڪر. جيڪڏهن مرضي ”ڊليور“ جي هلي، ته پوءِ طئي ٿيل روٽ فائيلن ۾ پيل رهندو ۽ٽرڪون ۽ ٽرالر  سنڌ اندران نيشنل توڻي انڊس هاءِ وي تان پيا گذرندا. جي ايئن ٿيو ته ڇا سنڌي جماعتن وٽ ان جي فائدن ۽ نقصانن جي ڪا assessment موجود آهي؟

هڪ راءِ اها به آهي ته راهداريءَ جي روٽ ۾ شامل هجڻ سان سنڌ کي پنهنجي حقن لاءِ بارگيننگ جو هڪ موقعو ملي ٿي سگهيو جيڪو هاڻي ان کي حاصل ڪونهي. اها راءِ درست آهي يا غلط، اهو به سنڌ جون سياسي پارٽيون ٻڌائين. مٿن اها به تنقيد آهي ته جڏهن سنڌ جو ڪو معاملو بين الاقوامي نوعيت جو هجي ته وٽن ڪابه راءِ ڪانه هوندي آهي. مثال طور سير ڪريڪ بين الاقوامي dispute ۾ اچي ٿي ۽ سير ڪريڪ تي سنڌ ۽ پاڪستان جي حق لاءِ پاڪستان عالمي عدالتن ۾ ڪيس وڙهيا آهن پر سنڌي پارٽين جو ان تي ڪو موقف ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو آهي.

887724-image-1431809756-625-640x480

اسلام آباد ۾ رڳو اهي دهل وڄندا رهيا آهن ته چائنا اسان تي 46 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪندو. مطلب ته اسان کي اربين ڊالر ملندا. ڪو هڪ تجزيو به ان ڳالهه جو ڪونهي ڪيو ويو ته عالمي ڪاروباري قوم چائنيز کي ڇا ملندو؟ چائنا پنهنجي ضرورتن جو 80 سيڪڙو تيل(6.3 ملين بيرل) وچ اوڀر مان گهرائيندو آهي. ان تيل کي اسٽريٽ آف ملاڪا(Strait of Malacca) مان گذاري چائينز بندرگاهن تائين رسائڻ واري ڪم تي روزانو 18 ملين ڊالر خرچ ڪرڻا پون ٿا. موجوده روٽ جو فاصلو 9،912 ميل آهي. جڏهن ته گوادر کان ڪاشغر واري متبادل سان اهو خرچ گهٽجي لڳ ڀڳ 6 ملين ڊالر روزانو جيترو وڃي بيهندو ڇو جو گوادر کان سينٽرل چائنا تائين فاصلو 3،626 ميل بيهي ٿو. اولهه چائنا تائين ته مرڳو 2،295 ميل آهي. ٿلهي ليکي، چائنا تيل جي سپلاءِ تي ٿيندڙ  پنهنجي موجوده خرچ مان ساليانو 4 بلين ڊالر بچائيندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسٽريٽ آف ملاڪا ۾ چائنا جي بحري جهازن جي چرپر آمريڪي نيويءَ جي رحم و ڪرم تي هوندي آهي. مٿان وري سائوٿ چائنا سمنڊ جي مالڪيءَ تي ويٽنام، فلپائين ۽ ملائيشيا جو چائنا سان ڦڏو هلندڙ آهي. ان پس منظر ۾ گوادر وارو ڪاريڊور چائنا جي هر مرض جي دوا آهي.

ايڏن فائدن عيوض چائنا پاڪستان تي جيڪا 46 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪري رهيو آهي تنهن مان 11 ارب ڊالر انفراسٽرڪچر جي تعمير تي خرچ ٿيندا جيڪو نسورو قرض آهي. باقي وارا 35 ارب ڊالر بجليءَ جي منصوبن لاءِ آهن جن جي ادائيگيءَ جي شرطن جو تعين ٿيڻ اڃا باقي آهي. امڪان اهي آهن ته ٽرم شيٽ فائنل ٿي، ته اهي ڏوڪڙ به قرض طور ڄاڻايا ويندا.

يجهڙ ۾ ڪجهه بلوچ سياسي ورڪرن سان ڪچهري ٿي. لڳو پئي ته همراهن چائنا جي ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ڪيل انويسٽمينٽ تي ڪافي ريسرچ ڪئي آهي. ٻين سياسي خدشن کان علاوه همراهن کي وڏي ڳڻتي ان جي به هئي ته چائنا جيئن ته دنيا جو سڀ کان وڏو ماحولياتي گدلاڻ ڪندڙ ملڪ آهي تنهن ڪري ڪاريڊور بلڪه گوادر جا ساحلي علائقاتباهه ٿي ويندا جتي هن وقت Turquoise (فيروزي) رنگ جا پاڻي آهن جيڪي دنيا جي خوبصورت ساحلن ۾ شمار ٿين ٿا. چينين جي کاڌ خوراڪ ۽ هاضمي جي صلاحيت بابت هنن سياسي ڪارڪنن جو چوڻ هو: ”اڙني والي هر چيز کاتي هين سواءِ هوائي جهاز ڪي! رينگني والي هر چيز کاتي هين سواءِ گاڙي ڪي! اور تيرني والي هر چيز کاتي هين سواءِ بحري جهاز ڪي.“ هنن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪمزور قوم جا ”نصيب“ ته ڏسو جو ٻه ٻه ايٽمي طاقتون اسان جي ”ترقيءَ“ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري رهيون آهن.

بلوچ سياسي ورڪرن جي سجاڳيءَ جو اندازو ان مان لڳايو ته هن وقت تائين جيڪي ڳالهيون ڪٿي به بحث هيٺ ناهن آيون، هو انهن تي به مغز کپائي رهيا آهن. مثال طور ڪنهن به انٽيليڪچوئل اها ڳالهه ناهي ڪئي جيڪا ورڪر لڏو ڪري رهيو آهي ته هيڏي وڏي پيش رفت کان اڳ پاڪستان ۽ چائنا ٻه ــ طرفي عهدنامي (Treaty) تي صحيحون ڪن جنهن ۾ مقامي آباديءَ کي ملازمتن ۾ اوليت ڏيڻ، مقامي آباديءَ جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان تحفظ ڏيڻ ۽ ماحول کي بچائڻ جي ڏس ۾ شرطون طئي ٿيڻ گهرجن ۽ ڪجهه عالمي ضمانتون به موجود هجن جيئن سنڌ طاس معاهدي ۾ موجود آهن. واقعي به ڪهڙو ملڪ بنا ڪنهن عالمي عهدنامي جي پنهنجون بندرگاهون ۽ ڪاريڊور ايئن ڪنهن ٻئي ملڪ حوالي ڪندو آهي جيئن هن ملڪ جي حڪمرانن ڪيو آهي؟

مقامي آباديءَ کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان تحفظ ڏيڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن وٽ اها تجويز هئي ته عرب امارتن ۾ نئين تعمير ٿيندڙ بندرگاهه واري شهر جبل عليءَ جي ماڊل جي پوئيواري ڪندي گوادر يا سڄي بلوچستان ۾ ٻاهرين ماڻهن جي پراپرٽي خريد ڪرڻ ۽ ڊوميسائيل حاصل ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽ ۾ نالو شامل ڪرائڻ تي پابندي هجڻ گهرجي.

بلوچ پارٽين نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ اها تجويز تيار ڪئي آهي ته وسيلن جي ورهاست واري پيماني ۾ جيڪڏهن غربت جو weightageموجوده 2 سيڪڙو کان وڌائي 4 سيڪڙو ڪيو وڃي ته به بلوچستان لاءِ گنج ٿي ويندا. سنڌ جي پارٽين پاران ڪا اهڙي تجويز اسان اڃا تائين ته نه ٻڌي آهي. ساڳيءَ ريت آدمشماريءَ تي بلوچ پارٽين جو موقف واضح آهي ته افغان پناهه گيرن کي ڪڍو يا پاسيرو ڪري پوءِ ماڻهن جي ڳڻپ ڪريو. جي ايئن نٿا ڪريو ته آدمشماري ٿيڻ ڪونه ڏينداسين. پختونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ جهڙيون پٺاڻ پارٽيون بلوچستان ۾ پٺاڻن جو انگ وڌائڻ لاءِ اهو موقف رکن ٿيون ته اوريان پريان وارا ٻئي علائقا اصل ۾ افغانستان ئي آهن تنهن ڪري ڪنهن کي به اچڻ وڃڻ جي روڪ رڪاوٽ نه هجڻ کپي. اصل ۾ افغان پناهه گيرن کي جيڪڏهن پاڪستاني طور ڳڻيو ويو ته بلوچستان جي پٺاڻ ضلعن جي آبادي رات وچ ۾ آسمان کي وڃي لڳندي ۽ صوبي ۾ بلوچ آبادي ٻئي نمبر تي ايندي ۽ ايئن صوبي تي حق حڪمراني بلوچن کان پٺاڻن ڏانهن منتقل ٿي ويندو. سنڌ ۾ ڇا ٿيندو، ان جي باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي، البته ايندڙ سال آدم شماريءَ جو معاملو بلوچستان ۾ سياسي اعصابن جي آزمائش هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو