Home / ڪور افيئر / سنڌ: ساحلي صوبي جي سازش؟
above article banner

سنڌ: ساحلي صوبي جي سازش؟

ڊاڪٽر برڪت نوناري

پاڪستان ٺهڻ وقت ڪراچي شهر ۾ 51 سيڪڙو هندو رهندا هيا . انهن سان گڏ ڪراچي جا قديم رهواسي جت (هوت، گبول، ڪلمتي) مهاڻا (مير بحر) ۽ جوکيه ملائي ڪري ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ جو تعداد 80 سيڪڙو کان مٿي هيو. مارڪيٽ جي ٻولي سنڌي هئي. سنڌين کان پوء ٻي اڪثريت گجراتي مسلمانن جي هئي جيڪي سنڌ ۽ گجرات صوبن جي سرحدي علائقن ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ راجستان جي سرحدي علائقي مارواڙ جا رهندڙ هيا. 1947ع کان اڳ ڪراچي شهر ۾ ڪڏهن به مذهبي فساد نه ٿيا هيا

مهاجر سڏيا ويندڙ ماڻهو هندستان جي مختلف صوبن مان ورهاڱي وقت لڏي آيل مسلمان هيا جيڪي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ هيا. سندن وچ ۾ صرف هڪ ڳالهه گڏيل هئي ته اهي سڀ ڀارت مان لڏي سنڌ پهتا هيا. سنڌ ۾ مذهبي فساد سيپٽمبر 1947ع ۾ نوابشاھ شهر ۾ هندستاني مهاجرن جي پهچڻ سان شروع ٿي ويا. نوابشاھ شهر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ سکن جو وڏو تعداد رهندو هيو جن تي هندستاني پنجاب مان آيل مسلمان مهاجرن حملو ڪيو. مسعود کدر پوش نالي تعصبي آفيسر نوابشاه ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هيو جنهن فسادين جي مدد ڪئي. حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ان وقت جي سنڌ جي وزير اعلي ايوب کهڙي طرفان نوابشاھ ۾ 4 سيپٽمبر تي ڪرفيو لڳائي سنڌ مينٽيننس آف پبلڪ سيفٽي آرڊيننس جاري ڪيو ويو. ايوب کهڙي جي آرڊيننس تي مسلم ليگ جي اردو ڳالهائيندڙ قيادت ۽ هندستان مان آيل مهاجرن کي سخت ڪاوڙ لڳي جن حيدر آباد ۽ ڪراچيء ۾ وڳوڙ شروع ڪري ڏنا. 4 جنوري 1948ع تي ڪراچيء جي علائقي گرو مندر ۾ هندستان مان آيل مهاجرن سنڌي سکن جو قتل عام شروع جنهن کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي وزير اعلي ايوب کهڙي پوليس فورس جو استعمال ڪيو. ان وقت پاڪستان جو وزير اعظم لياقت علي خان، ايوب کهڙي تي ناراض ٿيو ته تون ڪهڙي قسم جو مسلمان آهين؟ هندستان ۾ مسلمان ڀائر مرن پيا ۽ تون سنڌ ۾ ڪافر هندن ۽ سکن جو تحفظ ڪرڻ ۾ پورو آهين؟ جنوري1948ع جي ٽئين هفتي ۾ مسلم ليگ ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي گڏيل اجلاس ۾ ان وقت جي پاڪستاني وزير اعظم لياقت علي خان مطالبو ڪيو ته ايوب کهڙو پنهنجي سنڌ حڪومت سميت حيدر آباد وڃي، حيدر آباد کي سنڌ جو گادي جو هنڌ مقرر ڪري ۽ ڪراچي شهر کي وفاقي سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي جنهن تي ايوب کهڙي احتجاج ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح خاموش رهيو. 10 فيبروري 1948ع تي سنڌ اسيبلي هڪ قرارداد منظور ڪري وفاقي سرڪار جي طرفان ڪراچي شهر وفاق جي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. وفاقي سرڪار سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کي رد ڪندي اپريل 1948ع ۾ ڪراچي شهر جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ کڻي ايوب کهڙي کي پنهنجي ڪابينا سميت حيدر آباد وڃڻ تي مجبور ڪيو ۽ حيدر آباد سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو.

new

ڪراچي شهر جو ڪنٽرول وفاقي سرڪار جي هٿن ۾ اچڻ کان پو ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سنڌي هندن ۽ سنڌي سکن کي هندستان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. سنڌي هندن ۽ سنڌي سکن طرفان ڇڏيل ملڪيتن کي وفاقي سرڪار جي ملڪيت قرار ڏئي هندستان مان آيل مهاجرن ۾ ورهائي وئي. جيتوڻيڪ ان وقت به ڪراچي شهر ۾ سنڌي مسلمان وڏي تعداد ۾ رهندا هيا پر کين سنڌي هندن ۽ سنڌي سکن جي ڇڏيل ملڪيتن جي ويجھو اچڻ نه ڏنو ويو.

1947ع کان 1951ع تائين هندستان مان ڪل 65 لک مسلمان مهاجر ٿي پاڪستان آيا جن کي پاڪستان مان لڏي ويل هندن ۽ سکن جي ڇڏيل ملڪيتن تي آباد ڪرڻ جي فارمولي هيٺ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ورهايو ويو. جنهن مطابق پنجاب کي 53 لک مهاجر ڏنا ويا ۽ سنڌ جي حصي ۾ 12 لک مهاجر آيا (ڇو ته پنجاب مان 70 لک جي لڳ ڀڳ سک لڏي ويا هيا ۽ سنڌ مان ڏھ لک جي لڳ ڀڳ سنڌي هندو هندستان ويا. 1950ع ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت اعتراض ڪيو ته پنجاب ۾ پهريان ئي آبادي جو دٻاءُ وڌيڪ آهي تنهنڪري مهاجرن کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڌو اڌ ڪري رهايو وڃي. پنجاب جي صوبائي حڪومت پاڻ وٽ آيل مهاجرن کي لاهور، راولپنڊي، ملتان، بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعن ۾ ورهائي باقي 5 لک مهاجر 1950ع ۾ سنڌ موڪلي ڇڏيا. پنجاب پهتل مهاجرن جي اڪثريت پوکيءَ جي هنر کان اڻ واقف هئي، پنجاب طرفان ڳوٺاڻن علائقن ۾ خالي ٿيل سکن جون ملڪيتون ڏئي کين رهايو ته آهستي آهستي انهن جي اڪثريت وري به سنڌ اچڻ لڳي.

1947ع تائين ڪراچيء جي آبادي ساڍا چار لک هئي جيڪا 1951ع ۾ 13 لک ٿي وئي. مسلم ليگ جي قيادت مهاجرن وٽ هجڻ ۽ بيوروڪريسي ۾ مهاجرن جي اڪثريت هجڻ جي باوجود فوج ۾ پنجابي ۽ پٺاڻن جي اڪثريت هئي. سيويلين ۽ فوجي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي، راولپنڊي ۾ مهاجر پاڪستاني وزير اعظم لياقت علي خان جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اها اقتدار جي ڇڪتاڻ ڪنهن حد تائين نسلي طور اڀري آئي . 1958 ۾ جنرل ايوب خان جي صدر ٿيڻ کان پوء ڪراچي ۾ پٺاڻن جو اچڻ به شروع ٿيو جيڪي پهريان ته سرڪاري عمارتن ۾ رهندا هيا پر سندن آبادي وڌڻ جي ڪري انهن پنهنجون ڪالونيون ٺاهڻ شروع ڪيون. مهاجرن ۽ پٺاڻن ۾ پهريون ڀيرو جھيڙو مارچ 1958ع ۾ پاڻيء جي ورهاست ۽ زمينن تي قبضي سان شروع ٿيوجنهن ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ 800 ماڻهن کي گرفتار ڪري شهر ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي. 1965ع ۾ فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب خان جي وچ ۾ ٿيل صدارتي اليڪشن جي نتيجي ۾ ڪراچيء جي اندر مهاجر پٺاڻ نسلي ڇڪتاڻ وري اڀري آئي.

فاطمه جناح جي اليڪشن هارائڻ کان پوء مسلم ليگ جي قيادت هميشه جي لاء مهاجرن جي هٿن مان نڪري پنجاب منتقل ٿي وئي، جنهن جي رد عمل طور ڪراچي جا مهاجر مولانا مودودي جي جماعتِ اسلامي ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ کان پوء جڏهن جنرل ضياءُ الحق جي خلاف سنڌي ماڻهن ۾ نفرت اڀري ته جنرل ضياء رد عمل طور مهاجرن ڏانهن جھڪاءُ رکيو، مهاجرن جي ان وقت نمائنده سمجھي ويندڙ تنظيم جماعت اسلامي نه صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مخالف هئي پر پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ختم ڪرائڻ جي تحريڪ ۾ به شامل هئي. جنرل ضياء جو ساٿ ڏيڻ جي عيوض جماعت اسلامي کي ڪراچي شهر جو اختيار ڏنو ويو. جيتوڻيڪ ڪراچي جي اندر پنجابين جي آبادڪاري 1950ع کان ئي شروع ٿي وئي هئي ۽ 1960ع تائين ڪراچي جي فوجي ادارن، نيوي ۽ صنعتي ادارن ۾ پنجابي وڏي اڪثريت ۾ اچي چڪا هيا پر مهاجرن ڪڏهن به پنجابين جي مخالفت نه ڪئي جنهنجو سبب اهو هيو ته فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ اڪثريت پنجابين جي هئي جيڪي فوجي ڇانوڻين، رٽائر ٿيل فوجين کي ملندڙ پلاٽن ۽ وفاقي ادارن ۾ ملندڙ ملازمتن ملڻ جي ڪري اهڙن علائقن ۾ آباد ٿي رهيا هيا جيڪي علائقا مهاجرن آبادين جي ويجھو نه هيا ۽ انهن پنجابين جي اڪثريت فوج علائقن جي حفاظت ۾ رهندي هئي. هن وقت به پٺاڻن ۽ مهاجرن کان پو پنجابي ڪراچي شهر جي ٽين وڏي آبادي جي حيثيت ۾ موجود آهن.

ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جو جھيڙو بنيادي طور تي ڪراچي جي تيزيءَ سان بدلجندڙ ڊيموگرافيڪل تبديلي جي نڪتي تان شروع ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اندر موجود سخت گير نسل پرست اردو ڳالهائيندڙن جو موقف آهي ته ڪراچي جي اندر مهاجرن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. 1981ع جي آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ 54 سيڪڙو مهاجر هيا، جيڪي 1998ع ۾ گھٽجي 48 سيڪڙو ٿي ويا ۽ هينئر 2015ع ۾ مهاجر 36 سيڪڙو تي پهتا آهن جنهنجو سبب پنجابي، پٺاڻ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪراچي شهر ۾ آبادڪاري آهي. پنهنجي گھٽجندڙ طاقت کي بچائڻ جي لاء ايم ڪيو ايم سنڌ جي شهري علائقن تي مشتمل هڪ نئون صوبو (مهاجر صوبو) جي گھُر ڪندي رهي آهي جنهنجي ٺهڻ کان پوء ٻين صوبن مان ايندڙ ماڻهن تي پابندي لڳائي سگھجي. ڏٺو وڃي ته ايم ڪيو ايم جي طرفان سنڌ جي ورهاست جي مطالبي (سنڌ ٽُو) جي سازش جي پٺيان مهاجرن کان وڌيڪ پنجابين ۽ پٺاڻن جي طرفان تيزي سان سنڌ جي سامونڊي پٽي تي ٿيندڙ آبادڪاري آهي جنهن جو مقصد سنڌين ۽ مهاجرن جي وچ ۾ موجود علائقي تي قبضو ڪري سنڌين جي امڪاني آجپي جي تحريڪ کي روڪي سگھجي ۽ مهاجرن جي سياسي قوت کي به ختم ڪري سگھجي.

هن وقت پنج لک افغاني پناهگير ڪراچي ۾ رهن ٿا. انهن کان سواءِ 10 لک اهڙا افغاني آهن جيڪي هاڻي مستقل پاڪستاني ٿي ويا آهن. ڪجهه سال اڳ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد پريس ڪانفرنس ڪندي اهو اعلان ڪيو هيو ته ڪراچي دنيا ۾ پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ هاڻي ڪير به اسان کي ڪراچي مان بيدخل نٿو ڪري سگھي

اسٽيبلشمينٽ ڪراچي جي اندر ڪنهن به امڪاني نسلي ڇڪتاڻ کان پنجابي آفيسرن، صنعتڪارن ۽ واپارين کي محفوظ رکڻ جي لاء ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي مختلف رهائشي اسڪيمن، بحريه ٽائون ۽ هاءِ وي لڳ نيون ڪالونيون قائم ڪري باقي بچيل شهر پٺاڻ آبادڪاري جي لاءِ ڇڏي ڏنو آهي. انهن پٺاڻ آبادڪارن کي نه صرف روزگار جا موقعا ڏئي کين ڪراچي جي وڏين وڏين صنعتن (ڪي پي ٽي، ڪي ڊي ايل بي، اسٽيل مل، پورٽ قاسم)، ننڍن وڏن صنعتي ڪارخانن ۾ مزدوري، ٽرانسپورٽ، سيڪيورٽي ڪمپنين ۾ نوڪرين سان گڏ مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري خالي پيل پلاٽن تي قبضي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر ان سان گڏ ٿوري ئي عرصي ۾ انهن قبضي ڪيل پلاٽن کي ليز تي الاٽ ڪري يا ڪچي آبادي جي قانون هيٺ نيون ڪالونيون رجسٽر ڪرائڻ جي به سهولت ڏني وڃي ٿي.

هن وقت به بن قاسم ٽائون، گڏاپ ٽائون، لياري ٽائون، ڪياماڙي ٽائون، بلديه ٽائون، اورنگي ٽائون، سائيٽ ٽائون، گلشن ٽائون ۽ لانڍي ٽائون ۾ سوين نيون ڪالونيون ريگيولرائيز ڪري لکين پٺاڻن کي ڪراچي شهر جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن.

هونئن ته سنڌين کي سدائين اها ڳڻتي رهي آهي ته ايم ڪيو ايم (مهاجر نسل پرست) سنڌ جي ورهاست جي سازش ۾ شامل آهي پر اسٽيبلشمينٽ کي سدائين اهو خدشو رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌي قومپرستن سان گڏجي سنڌ جي آجپي جي تحريڪ هلائي سگھي ٿي. انڪري صرف ڪراچي کي الڳ حيثيت ڏيڻ جي بدران اسٽيبلشمينٽ گوادر، ڪراچي ۽ ذوالفقار آباد جي سامونڊي پٽيء تي ٻڌل هڪ نيم خودمختيار انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ چاهي ٿي جنهن کي “ساحلي صوبي”جو نالو ڏنو ويندو. ڪوسٽل پراونس جي پراجيڪٽ کي عملي صورت ڏيڻ جي لاء گوادر کان ڪراچي ۽ ذوالفقار آباد جي ڊيموگرافي (نسلي نسبت) تبديل ڪئي پئي وڃي ته جيئن انهي نئين صوبي ۾ ڪنهن هڪ نسل جي بالادستي نه ٿئي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين گوادر، ڪراچي ۽ ذوالفقار آباد جون اڪثر زمينون پنجابي سرمائيدارن خريد ڪري ورتيون آهن پر گوادر جي بلوچن، ڪراچي جي مهاجرن ۽ ذوالفقار آباد جي سنڌين جي طرفان ٿيندڙ ڪنهن به امڪاني مزاحمت جو رخ ڦيرائڻ جي لاء گوادر، ڪراچي ۽ ذوالفقار آباد ۾ پٺاڻ آباد ڪيا پيا وڃن.

ڪراچي شهر جي اندر ايم ڪيو ايم کي سينٽرل ضلعي (گلبرگ ٽائون، لياقت آباد ٽائون، ناظم آباد ٽائون ۽ نارٿ ناظم آباد ٽائون) تائين محدود ڪيو ويو آهي. اولهه ضلعي (بلديه ٽائون، اورنگي ٽائون ۽ سائيٽ ٽائون) ۾ ايم ڪيو ايم اڌ حصيداري ڪري ٿي باقي اڌ کان وڌيڪ حصو پٺاڻن ۽ پنجابين جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. اوڀر ضلعي (جمشيد ٽائون ۽ گلشن ٽائون) ۾ پنجابي، سنڌي ۽ پٺاڻ اڪثريت ۾ آهن. ڪورنگي ضلعي (ڪورنگي ٽائون، لانڍي ٽائون ۽ شاھ فيصل ٽائون) ۾ ايم ڪيو ايم اڌ کان به گھٽ حصيداري ڪري ٿي، باقي پنجابي، پٺاڻ ۽ سنڌي آهن. ملير ضلعي (بن قاسم ٽائون، گڏاپ ٽائون ۽ ملير ٽائون) ۾ اڪثريت پنجابين جي آهي جيڪي اڌ کان وڌيڪ آهن، ٻئي نمبر تي سنڌي رهن ٿا، ملير ضلعي ۾ پٺاڻ وڌي رهيا آهن پر مهاجر گھٽ آهن. ڏکڻ ضلعو (لياري ٽائون، صدر ٽائون ۽ ڪياماڙي ٽائون) ڪراچي جو اهو اڪيلو ضلعو آهي جنهن مان ايم ڪيو ايم کي ذري گھٽ نيڪالي ڏنل آهي. لياري گئنگ سان هلندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري ايم ڪيو ايم لياري ٽائون مان تڙجي وئي ۽ اي اين پي ڪياماڙي ٽائون تي قبضو ڪري ورتو، صدر جو علائقو هونئن ته پٺاڻن جي قبضي ۾ آهي پر واپاري مرڪز هجڻ جي ڪري هن علائقي کي رينجرز ۽ پوليس ڪنهن به ڇڪتاڻ جو مرڪز ٿيڻ نه ٿي ڏئي.

هڪ پاسي ڪراچيء جي سامونڊي پٽيء تي پٺاڻن جي آبادڪاري وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي لياري گئنگ جي ذريعي ڪياماڙي ٽائون ۽ لياري ٽائون مان قديم سنڌي ڪڇين کي لڏائڻ جو ڪوششون ٿي رهيون آهن. ڪراچي شهر ۾ ٿيل ڌاري آبادڪاري کي پنجن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جيتوڻيڪ هر دور ۾ ٿيل ڌاري آبادڪاري ۾ آيل ماڻهن جا رنگ، نسل، لساني بنياد مختلف هيا پر هر دور ۾ ٿيل ڌاري آبادڪاري نه صرف ڪراچي شهر پر پوري سنڌ جي سياست تي اثر انداز ٿي آهي.

ڪراچي ۾ ڌاري آبادڪاريء جو هاڻوڪو دور سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان خطرناڪ حد تائين لساني بنيادن تي ٻڌل آهي. 1999ع کان 2015ع تائين جاري هن دور ۾ نه صرف ڪراچي شهر پر سموري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي. نائين اليون جي واقعي کان پوءِ جڏهن پاڪستاني سرڪار آمريڪي دٻاءُ هيٺ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ موجود القاعده ۽ طالبان جي دهشتگردن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ته انهن علائقن ۾ موجود سويلين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. حڪومتي اعلانن موجب ته انهن جي اڪثريت کي خيبر پختونخواھ جي مختلف شهرن ۾ عارضي رهائش ڏني ويندي پر امدادي ڪئمپن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ روزگار جي ڳولها سبب انهن جي اڪثريت ڪراچي شهر جو رخ ڪيو جنهن جا بنيادي طور تي ٻه سبب هيا، هڪ ته اي اين پي پنهنجي سياسي حيثيت وڌائڻ جي لاءِ کين ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ ۾ مدد ڏني، ٻيو ته ڪراچي شهر ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا هجڻ جي ڪري ڪراچي انهن جي لاء بهترين پناھگاھ بڻجي وئي.

1954ع کان 2015ع تائين هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پٺاڻ ڪراچيء ۾ آباد ٿي چڪا آهن، ڪراچيء جي تيزيء سان بدلجندڙ ڊيموگرافيء سبب مهاجر اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جنهن سبب ايم ڪيو ايم سڌي طرح اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪرا جي صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪراچي جي مهاجرن ۽ خاص طور تي ايم ڪيو ايم طرفان ڪنهن به ردِ عمل کي روڪڻ جي لاء اسٽيبلشمينٽ ڪراچي شهر جي اندر ئي ايم ڪيو ايم مخالف گروپن کي منظم ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف مختلف سياسي ۽ سماجي محاذ کولي ڇڏيا آهن. جنهن ۾ هڪ طرف پٺاڻ نسل پرستن کي اي اين پي جي پليٽفارم تي گڏ ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف اسٽريٽ پاور پئدا ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم مخالف ڪراچي ۾ رهندڙ پنجابين، وچٿري سوچ رکندڙ پٺاڻن، سرائڪين، ڪشميرين، هزاريوالن ۽ ايم ڪيو ايم کان ٿوري گھڻي بيزاري رکندڙ مهاجرن کي تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تي گڏ ڪري ايم ڪيو ايم جي متبادل پارلياماني پارٽي ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي.

ايم ڪيو ايم جي خلاف ٻيو مضبوط محاذ پيپلز امن ڪاميٽي عرف لياري گئنگ جي طرفان کڙو ڪيو ويو آهي. ذوالفقار مرزا کي مهري طور استعمال ڪندي اسٽيبلشمينٽ عزير بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي بلوچ پيپلن، پنجابي ڏوهاري نيازي گئنگ، افغاني منشيات فروش ڇوٽو افغاني جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي لياري ٽائون ۽ ڪياماڙي ٽائون مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. .

جيتوڻيڪ ڪراچي شهر جي سياست 1947ع کان لساني بنيادن تي هلندي پئي اچي پر ڪراچي ۾ نسلي يا لساني سياست جي شروعات ايم ڪيو ايم ناهي ڪئي.

1984ع جي پٺاڻ مهاجر ويڙھ ۽ 1986ع جي سنڌي مهاجر جھيڙي جي پٺيان ته ايم ڪيو ايم جو هٿ هيو پر ايم ڪيو ايم جي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ڪراچيء ۾ لساني سياست جا بنياد پئجي چڪا هيا. 1958ع ۾ پٺاڻ مهاجر جھيڙي وقت ڪراچي جا مهاجر مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ هيا. 1972ع ۾ ٿيل سنڌي مهاجر جھيڙي وقت ڪراچي جا مهاجر جماعت اسلامي سان گڏ هيا.

1839ع ۾ ٿيل انگريزن جي قبضي کان وٺي 2015ع تائين جاري ڌاري آبادڪاري جي پٺيان سڀ کان وڏو سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ خاص طور تي ڪراچي پورٽ تي پنهنجو قبضو قائم ڪرڻ ۽ قبضي ۾ آيل سامونڊي پٽي تي پنهنجو قبضو وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ئي رهيو آهي. پاڪستان جي اصل واڳ ڌڻين جي لاء سنڌي سدائين مشڪوڪ رهيا آهن ۽ مهاجر سدائين مٿي جو سور رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ جي لاء وري به پنجابي پٺاڻ شراڪتداري جو فارمولو قابلِ قبول آهي.

ڪراچيء جي اندر وڌندڙ ڌاري آبادڪاريء ۾ سڀ کان وڏو هٿ قومي سلامتي جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پنجابي آفيسرن جو آهي جيڪي حاضر سروس توڙي ريٽائر آفيسرن کي ڪراچيء ۾ مختلف ڪالونيون تعمير ڪرائي ڏين ٿا، جنهن کان پوء سندن نسل ڪراچيء جا شهري بڻجي وڃن ٿا.

ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ بد امنيء جي نتيجي ۾ ڊگھي عرصي کان رينجرز مقرر ڪئي وئي آهي،

سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاء رينجرز کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ سان گڏ وڌيڪ رعايتون پڻ ڏئي رهي آهي جنهن ۾ مختلف سرڪاري پلاٽن تي رينجرز جون ڪالونيون ۽ رهائشي اسڪيون پڻ آهن. رينجرز ۾ گھڻو تعداد پنجابين جو هجڻ جي ڪري انهن جا نسل به ڪراچيء ۾ آباد ٿي رهيا آهن.

ڪراچيء جي اندر وڌندڙ ند امنيء جي نتيجي ۾ جڏهن پوليس آفيسرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ وڌي ته سنڌي پوليس آفيسرن پنهنجون بدليون ڪرائڻ شروع ڪيون جنهن کان پوء وڏي تعداد ۾ پنجابي پوليس آفيسرن کي ڪراچيء ۾ مقرر ڪيو ويو، پوليس آفيسرن کي پڻ رهائشي سهولتون سنڌ سرڪار ڏئي پئي جن ۾ سرڪاري ڪوارٽرن کان سواء سرڪاري پلاٽ به شامل آهن.

ڪراچيء جي ڊيموگرافيء جي تبديلي نه صرف ڪراچيء جي سياست تي اثر انداز ٿي رهي آهي پر ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي اندر ڪنهن انتظامي ۽ جاگرفيائي تبديليء کي پڻ پئدا ڪري سگھي ٿي.

ڪراچي جي تاريخ

 ڪراچي يونيورسٽيء جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي تحقيق سان ڪراچي يونيورسٽي جي سامهون مُلري جي ٽڪرين تي پٿر جي دور جا آثار مليا آهن، جنهن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته ڪراچي سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب جو تسلسل آهي.
ڪراچي جو تاريخي طور ذڪر پهريون ڀيرو يوناني تاريخي حوالن ۾ 325 قبل مسيح ۾ ملي ٿو جڏهن يوناني حملي آور سڪندر اعظم (اليگزينڊر دي گريٽ) مهم جوئي تي ڪراچي جي هڪ سامونڊي ٻيٽ منهوڙي ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا لنگر انداز ڪيا. منهوڙي کي يوناني ليکڪن مونو ٽوبرا ٻيٽ ۽ موجوده ڪراچيء جي سامونڊي ڪناري تي قائم هڪ قديم بندر کي ڪروڪولا (ڪُرڪ بندر) ڪري لکيو آهي. جيتوڻيڪ اڪثر ڏيهي توڙي پرڏيهي محققن جو خيال آهي ته چچ نامي ۾ ذڪر ٿيل سنڌ جو ديبل بندر ٺٽي ۾ هيو جنهن تي 712ع ۾ عربن حملو ڪيو هيو، پر عرب تاريخدان بلاذريء جي لکيل ڪتاب جو حوالو ڏيندي برطانوي محقق سر هينري ايليَٽ چوي ٿو ته عربي ۾ اُچاريل لفظ ديبل اصل ۾ سنڌيء جي لفظ ديول (ديوتا يا خدا ڏانهن نسبت رکندڙ جڳهه) آهي. سر هينري ايليَٽ جو چوڻ آهي ته جن بحري ڌاڙيلن سرانديپ (سري لنڪا) مان ايندڙ عرب جهاز کي اغوا ڪيو هيو انهن جو تعلق ڪراچي جي ڀرسان هڪ ننڍي سامونڊي ٻيٽ منهوڙي جي مهاڻا يا مير بحر (ميد) قبيلي سان هيو. سري لنڪا مان نڪتل بحري جهاز سنڌ جي ڪُرڪ بندر (موجوده ڪراچي بندرجي ڀرسان لياري ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾) يا لهري بندر يا لاري بندر(موجوده پورٽ قاسم جي ڀرسان ملير ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾) مان نه گذرندو هيو پر انهن جهازن جو لنگهه منهوڙي جي ٻيٽ جي ڀرسان ٿيندو هيو ۽ عربن جو بحري جهاز به منهوڙي جي ٻيٽ جي ڀرسان ڦريو ويو هيو.

KHIجڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو ته اهي شامي لشڪر وٺي دمشق مان زميني رستي موجوده سعودي عرب ۽ اتان مسقط پهتا هوندا ۽ مسقط جي سامونڊي بندر تان بحري جهازن جي ذريعي مڪران جي سامونڊي پٽي سان هلندي سنڌ جي ديبل بندر (ڪراچي بندر) تي حملي آور ٿيا هوندا. (حوالو؛ دي اينشينٽ جيوگرافي آف انڊيا، ليکڪ سر اليگزينڊر ڪننگھم، صفحو 298)
ڪُرڪ بندر سترهين صدي عيسوي تائين ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيائي رياستن کان مسقط جي ذريعي عرب ملڪن سان واپار جي لاءِ اهم گذرگاھ طور استعمال ٿيندو هيو. 1720ع ۾ ڪُرڪ بندر جي آسپاس رهندڙ سنڌي ڳوٺاڻن هڪ ننڍو قلعو تعمير ڪيو جنهن جو هڪ دروازو لياري ندي طرف کلندو هيو جنهن کي مٺو در (ميٺادر) چوندا هيا ۽ ٻيو دروازو سمنڊ طرف کلندو هيو جنهن کي کارو در (کارا در) چوندا هيا.
1728ع ۾ وڏين برساتن جي نتيجي ۾ ڪُرڪ بندر لٽُ چڙهڻ جي ڪري ڦٽي ويو جنهن کان پو موجوده ڪراچي پورٽ واري هنڌ بحري جهاز لنگر انداز ٿيڻ لڳا. 1729ع کان 1839ع تائين شاھبندر ۽ ڪيٽي بندر به لٽ چڙهڻ جي ڪري ڦٽي ويا جنهن کان پوءِ انهن بندرن تي بحري جهازن جي اچ وڃ بند ٿي وئي. ڪُرڪ بندر، شاھبندر ۽ ڪيٽي بندر جا مهاڻا ڪراچي بندر تي گڏ ٿيڻ لڳا جن گڏجي مائي ڪولاچيء جو ڳوٺ آباد ڪيو. مائي ڪولاچي جا وارث اڄ به ڪراچي پورٽ جي ڀرسان عبد الله ڳوٺ ۾ آباد آهن.
ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن جي هٿان والي قلات (خان آف قلات) جي ڀاءُ جي قتل ڪرڻ سبب ڪلهوڙا حڪمرانن مائي ڪولاچي جو ڳوٺ خان آف قلات کي خون بها طور ڏنو. خان آف قلات ڪراچي بندر تان لنگھندڙ بحري جهازن ۽ ماهيگيريء مان ٿيندڙ آمدني جي اوڳاڙي جي لاءِ پنهنجي وفادار مڪراني بلوچن کي ڪراچي بندر جي ڀرسان لياري ندي جي ڪناري آباد ڪيو، انهن کي سنڌ ۾ عام طور تي شيدي چيو ويندو آهي پر اصل ۾ انهن جي نسلي وابستگي آفريقي ملڪن سان هجڻ جي ڪري کين عربي ۾ سِيدي چوندا هيا (شيدي اهي آفريقي غلام هيا جن کي پورچوگيز سامراجي آفريقا مان قيد ڪري مختلف ملڪن ۾ وڪڻندا هيا. اهي غلام عربي ڳالهائيندڙ آفريقي ملڪن سان تعلق رکندا هيا ۽ پنهنجي مالڪن يا آقائن کي سِيدي يعني منهنجا سائين يا منهنجا آقا ڪري سڏيندا هيا جنهنڪري کين سِيدي جي نالي سان سڏڻ لڳا، شيدي عربي ٻوليء جي لفظ سِيدي جي سنڌيء ۾ بگڙيل صورت آهي).
1795ع ۾ خان آف قلات مائي ڪولاچي جو ڳوٺ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن کي واپس ڪيو. پوري هندستان تي قبضي ڪرڻ کان پو برطانوي سامراج جي نظر سنڌ تي ۽ خاص طور تي سنڌ جي سامونڊي بندر تي هئي، جنهن جو سبب اهو هيو جو هندستان کان عرب ملڪن سان بحري جهازن جي ذريعي ڪاروبار ڪرڻ جو لنگھه سنڌ جي سامونڊي پٽي مان گذرندو هيو. سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان امن معاهدي عيوض برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي 1799ع ۾ ڪراچي شهر اندر پهريون ڪارخانو کولڻ جي اجازت ڏني وئي جنهن جو نالو ڪُراچي سالٽ ڪمپني هيو. اهو لوڻ جو ڪارخانو ڪراچي شهر جي ڪياماڙي ٽائون جي علائقي ماڙيپور ۾ قائم ڪيو ويو هيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي تڪرار سبب اهو ڪارخانو هڪ سال جي اندر بند ڪرايو ويو. (حوالو؛ ڪُراچي، پاسٽ پريزنٽ اينڊ فيوچر، ليکڪ اليگزينڊر فرانسس بيلي صفحو 18)
3 فيبروري 1839ع تي برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪراچي تي قبضو ڪيو ۽ چئن سالن کان پوءِ 17 فيبروري 1843ع تي برطانوي فوج سر چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ مياڻيء جي ميدان تي سنڌي فوج کي شڪست ڏئي پوري سنڌ تي قبضو ڪيو. 1840ع ۾ انگريز سرڪار ڪراچي کي سنڌ جي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو. 1847ع ۾ سر چارلس نيپيئر جي وفات کان پوءِ برطانوي سرڪار سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوء 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري برٽش انڊيا جي هڪ صوبي جو درجو ڏنو ويو.
جنهن وقت انگريزن ڪراچي تي 1839ع ۾ قبضو ڪيو ان وقت ڪراچي جي آبادي 14000 هئي. جن ۾ اڪثريت سنڌين جي هئي.. 1878ع ۾ ڪراچي کان ريلوي لائين ڪڍي انڊيا جي ٻين رياستن (راجستان ۽ پنجاب) سان ملايو ويو. ڪراچي ۾ ريلوي لائين ۽ ننڍين وڏين سرڪاري عمارتن جي تعمير ٿيڻ سان ڪراچي شهر جي ترقي ٿيندي رهي ۽ ڪاروباري سرگرميون وڌڻ جي ڪري نه صرف حيدر آباد جا سنڌي هندو، ٺٽي جا اسماعيلي خواجه ۽ ڪڇ جا ڪڇي سنڌي ڪراچي ۾ آباد ٿيا پر ايراني پارسي (زرتشت)، لبناني يهودي، مراٺي (ڪونڪا)، برطانوي انگريز ۽ گجراتي ڪراچي ۾ آباد ٿيا.

سنڌي-مهاجر ڇڪتاڻ جي تاريخ

سنڌ ۾ سنڌي مهاجر ڇڪتاڻ جي اصل شروعات 1969ع ۾ ٿي جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب جي خلاف پنهنجي سياست جو بنياد رکي پيپلز پارٽيء کي منظم ڪرڻ لڳو. 1947ع ۾ آيل مهاجرن کان پوءِ معاشي وسيلن جي ڳولها ۾ پٺاڻن به سنڌ جو رخ ڪيو. پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ جي ڪري سويلين توڙي فوجين ادارن مان ريٽائر ٿيل پنجابين کي پڻ سنڌ ۾ زمينون ڏئي آباد ڪيو ويو. انهن ٽنهي غير سنڌي لساني گروهن کي استعمال ڪري جنرل ايوب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي ئي اٻاڻي صوبي سنڌ ۾ الجھيل رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حيدر آباد سان تعلق رکندڙ نواب مظفر حسين جي اڳواڻيء ۾ مهاجر_ پنجابي_پٺاڻ محاذ قائم ڪرايو، جنهن جو مقصد صرف پيپلز پارٽي کي سنڌين تائين محدود رکڻ هيو. مهاجر پنجابي پٺاڻ محاذ پيپلز پارٽي جي اليڪشن تي ته اثر انداز ٿي نه سگھيو پر 1970ع ۾ حيدر آباد بورڊ طرفان سنڌي ٻولي جي پيپر کي لازمي قرار ڏيڻ تان حيدر آباد سميت پوري سنڌ ۾ ٻولي جا فساد شروع ٿي ويا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ ممتاز علي ڀٽو جي وڏ وزارت ۾ جڏهن 3 جولاء 1972ع تي سنڌ اسيمبلي سنڌ ٻولي جي سرڪاري حيثيت جو بل پاس ڪيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي مهاجر فساد شروع ٿي ويا جنهنجي نتيجي ۾ پوليس ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن تي حملا ڪيا ويا. حڪومت حيدر آباد ۽ ڪراچيء ۾ ڪرفيو هڻي حالتن تي ڪنٽرول ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مداخلت کان پوء سنڌ سرڪار 16 جولاء 1972ع تي سنڌي ۽ اردو سرڪاري ٻوليون قرار ڏنيون، جنهن کان پوء سنڌي مهاجر ڇڪتاڻ ختم ٿي.

altaf

30 سيپٽمبر 1988ع تي حيدر آباد ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ 250 مهاجر مارجي ويا جنهن کان پوءِ پهرين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ 65 سنڌين کي قتل ڪري، هزارين سنڌين کي بي گھر ڪيو ويو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جڏهن پيپلز پارٽيء جي حڪومت قائم ٿي ته پي پي_ايم ڪيو ايم اتحاد جڙيو جنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو.

پر اهو اتحاد گھڻي دير هلي نه سگھيو ۽ جولاء 1989ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪجهه مهاجر ڇوڪرن جي مارجڻ کان پوء سنڌي مهاجر فساد ۾ تبديل ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 81 ماڻهو مارجي ويا. 27 مئي 1990ع تي حيدر آباد جي پڪي قلعي ۾ دهشتگردن جي اطلاع تي جڏهن پوليس ڇاپو هنيو ته قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن مزاحمت ڪئي ۽ پوليس تي فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي حملي ۾ هڪ درجن ماڻهو مارجي ويا پر پوليس پڪي قلعي ۾ اندر داخل ٿي نه سگھي، هڪ هفتو پڪي قلعي جو گھيراءُ جاري رهيو جنهن کان پوء فوج سڌي مداخلت ڪري پوليس جو گھيراءُ ختم ڪرايو. پڪي قلعي جي آپريشن جي رد عمل ۾ ڪراچيء جي اندر 200 جي لڳ ڀڳ سنڌي ماريا ويا.

لياري جنهن جو ڌڻي  نه سائين!

 لياري ٽائون ڪراچيء جو قديم علائقو هجڻ جي باوجود سدائين پٺتي پيل رهيو آهي. جنهن وقت انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪيو ته ان وقت انگريزن ڪراچي شهر کي گورن ۽ ڪارن جي علائقن ۾ ورهائي ڇڏيو. لياري جي بلوچن کي چاڪيواڙا کان بندر روڊ تائين اچڻ جي اجازت هئي جنهن ۾ هو مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري سگھندا هيا، جتن (گبولن، هوتن ۽ ڪلمتين) ۽ جوکين کي ملير جي ڳوٺن کان اڳتي وڌڻ جي اجازت نه هئي. ملير جي ڳوٺن ۽ ڪراچي شهر جي وچ ۾ صرف جھنگ ۽ زرعي زمينون هيون. ڪراچي جي مهاڻن (ملاحن) کي سامونڊي پٽي تائين محدود ڪيو ويو.
اوڻويهين صديء ۾ جڏهن گجراتي واپاري ڪراچي آيا ته اهي پاڻ سان گڏ ڪڇي سنڌي ملازم ۽ مزدور ساڻ وٺي آيا. (ڪڇ ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ جو هڪ ضلعو هيو جيڪو ڪلهوڙن کان بغاوت ڪري هڪ الڳ رياست طور 1947ع تائين ڌار رهيو ۽ 1947ع ۾ ڀارتي رياست گجرات جو ضلعو بڻجي ويو، ڪڇ ۾ اڄ به 90 سيڪڙو سنڌي رهن ٿا جيڪي سنڌي ٻولي جو ڪڇي لهجو ڳالهائين ٿا). گجراتين جي اڪثريت هاڻوڪي صدر ٽائون ۽ موجوده لياري ٽائون ۾ آباد ٿي، ڪڇي سنڌي موجوده لياري ٽائون ۽ موجوده ڪياماڙي ٽائون ۾ رهڻ لڳا.
پاڪستان ٺهڻ کان پوء لياري جي بلوچن ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيل مهاجرن جي وچ ۾ پهريون ڀيرو ان وقت ڇڪتاڻ ٿي جڏهن لياري جي علائقي عثمان آباد ۾ بلوچن هندستان لڏي ويل سنڌي هندن جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو ۽ اهو علائقو مهاجرن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهنجي نتيجي ۾ ڪراچي شهر تي حاوي ٿيل مهاجرن لياري جي بلوچن کي ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ڪارين ۽ بنيادي سهولتن کان محروم رکيو. لياري جا بلوچ جيڪي 1970 تائين اڇوتن واري زندگي گذاريندا هيا انهن وٽ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهتو ته لياري جي بلوچن ڀٽو صاحب کي نه صرف پنهنجو ووٽ پر پنهنجي جان به ڏيڻ جو وچن ڏنو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کان پوء لياري جا بلوچ وري اڇوت بڻجي ويا جنهن کان پوء لياري مڪمل طور تي منشيات فروشن جي هٿ ۾ اچي ويو.

11لياري گئنگ وار ته اصل ۾ رحمان بلوچ جي پيءُ شير محمد (شيرو) ۽ بابا لاڏلا جي پيءُ داد محمد (دادل) جي وچ ۾ چرس جي وڪري تان شروع ٿي پر لياري گئنگ وار ۾ شدت 1980ع ۾ ٿي جڏهن افغاني منشيات فروشن جي هٿان هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف لياري جي منشيات فروشن تائين پهچائي وئي جنهن کان پوء بلوچن جي مختلف گروپن هڪٻئي سان وڙهڻ شروع ڪيو. شروعاتي دور ۾ ته رحمان بلوچ پاڻ به هڪ گئنگسٽر هيو ۽ لياري جي بدنام ترين منشيات فروش حاجي لالو جي گئنگ ۾ ڪم ڪندو هيو. حاجي لالو کي ايم ڪيو ايم پئسن ۽ پوليس پروٽيڪشن جي لالچ ڏئي لياري ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيم ڪاري ۽ جلسو ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جو چيو. رحمان بلوچ حاجي لالو جي مخالفت ڪئي۽ لياري مان ايم ڪيو ايم جا جھنڊا لاهڻ شروع ڪيا ته ٻنهي گروپن ۾ جھيڙو ٿيو.رحمان بلوچ جڏهن لياري جي نوجوانن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ته شروعاتي دور ۾ کيس هر پاسي کان ننڍن وڏن منشيات فروشن جي طرفان مزاحمت ٿي پر رحمان بلوچ لياري جي عورتن ۽ بزرگن کي ميڙ وٺي پنهنجي مخالفن بابا لاڏلا ۽ غفار ذڪري کي به پرچائڻ ۾ ڪامياب ويو. جنهن کان پوءِ رحمان بلوچ لياري جي بلوچن جي لاء پير مرشد بڻجي ويو ۽ کيس هر ماڻهو سردار رحمان بلوچ چوندو هيو. رحمان بلوچ نه صرف لياري پر پوري ڪراچي ۾ رهندڙ بلوچ نوجوانن کي پيپلز امن ڪاميٽيء ۾ گڏ ڪيو. رحمان بلوچ پنهنجي زندگيء ۾ ئي عزير بلوچ کي پنهنجو جا نشين مقرر ڪري ويو. رحمان بلوچ جي مارجي وڃڻ کان پوء لياري هڪ ڀيرو ٻيهر گئنگ وار جي ور چڙهي ويوآهن.
ايم ڪيو ايم دشمنيء ۾ ذوالفقار مرزا لياري ٽائون ۾ پنجابي آبادڪاريء ۾ نيازي گئنگ جي مدد ڪئي. لياري ٽائون جو علائقو عثمان آباد لياريء جي بلوچن ۽ کارادر جي مهاجرن جي وچ ۾ ڄڻ ته هڪ سرحد بڻيل آهي جنهن ۾ هيئر لکين پنجابي ميانوالي نيازي آباد ٿي چڪا آهن، اهو ئي سبب آهي جو لياريء جي انهيء علائقي مان جاويد ناگوري ايم پي اي چونڊجي آيو.

 ڪياماڙي،جتي پٺاڻن کي منشيات فروشن آباد ڪرايو!

ذوالفقار مرزا ۽ عزير بلوچ ڪياماڙي جي مشهور افغاني منشيات فروش ڇوٽو پٺاڻ جي ذريعي ڪياماڙي جي اختر جدون (پيپلز پارٽي) ۽ سليم جدون (اي اين پي) جي مدد ڪئي جن ٻنهي گڏجي سوات ۽ فاٽا جي فوجي آپريشن وقت ڪراچي پهتل پٺاڻن کي آڻي ڪياماڙي ٽائون ۾ آباد ڪيو ۽ کين ڪياماڙي جي نادرا آفيس مان شناختي ڪارڊ جاري ڪرايا جنهن کان پوءِ ڪياماڙي ٽائون جي ٻن صوبائي تڪن (پي ايس 89 ۽ پي ايس 90) تان ٻه پٺاڻ ايم پي اي چونڊجي آيا.

ڪياماڙي ٽائون سنڌي هندن جي طرفان قائم ٿيل ڪراچي جي پهرين ڪالوني هئي، ڪراچي پورٽ جي لڳو لڳ هجڻ جي ڪري ڪياماڙي ٽائون جي ننڍن وڏن علائقن ۾ سنڌي هندن جون واپاري ڪوٺيون قائم هيون جنهن سان گڏ ڪڇي سنڌين جي هڪ ڪالوني اڃا به قائم آهي جنهن کي ڪڇي پاڙو چون ٿا. سنڌي هندن جي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ به مهاجرن ڪياماڙيء تي قبضو نه ڪيو، ڇو ته شروعاتي دور کان وٺي ڪراچي جا مهاجر سنڌي ڪڇين کي پنهنجو حصو سمجھن ٿا. ملڪ جي اترين علائقن ۾ طالبان خلاف شروع ٿيل آپريشن کان پوءِ جڏهن قبائلي پٺاڻ ڪراچي پهتا ته نه صرف سنڌين ۽ مهاجرن سندن مخالفت ڪئي پر انهن جي پنهنجن افغاني، شمالي ۽ جنوبي پٺاڻن به کين پنهنجن علائقن ۾ اچڻ نه ڏنو، جنهن کان پوء جدون قبيلي سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن (اختر جدون، بادشاھ جدون ۽ هارون جدون) انهن کي ڪياماڙي ٽائون ۾ آباد ڪرڻ شروع ڪيو.

10

 پهريان ته اهي ڪي پي ٽي جي خالي ڪرايل ڪوارٽرن ۽ فليٽن تي قبضو ڪري ويهي رهيا (اهي ڪوارٽر ۽ فليٽ ڪرڻ تي هيا جو ڪي پي ٽي انتظاميه خالي ڪرائي پنهنجي ملازمن کي نئين ڪالوني ۾ شفٽ ڪيو)، ان سان گڏ ڪي پي ٽي جي خالي پلاٽن تي قبضو ڪري گھر تعمير ڪيائون ۽ جڏهن منظم طريقي سان آباد ٿيا ته سنڌي هندن جي ڇڏيل ملڪيتن تان ڪڇي سنڌين کي اٿڻ تي مجبور ڪيائون. هن وقت ڪياماڙي ٽائون مڪمل طور تي پٺاڻن جي قبضي ۾ آهي جنهن ۾ مساڻ (شمشان گھاٽ) چوڪ، ڀُٽا وليج، تاراچند روڊ، ڪي پي ٽي گرائونڊ، ريلوي ڪالوني، اولڊ ڪي پي ٽي ڪالوني، نگينه سئنيما،جيڪسن بازار جو علائقو ۽ نئون آباد ٿيل گلشن سڪندر آباد جو علائقو شامل آهي.

ڪياماڙي ٽائون ۾ پٺاڻ سامونڊي ڪريڪ کي لٽڻ شروع ڪيو آهي جنهن تي هاڻي هزارين گھر تعمير ڪيا ويا آهن ۽ اها سمنڊ تي قبضي گيري ايتري ته وڌي وئي آهي جو ڪجهه ئي سالن ۾ ڪياماڙي کان مائي ڪولاچي با پاس تائين سمنڊ لٽجي ويندو.  سنڌ سرڪار هڪ حڪم نامي هيٺ پٺاڻن جي آبادڪاري لاءِ ڀڳڙن مٺ ۾ پلاٽ پٺاڻن حوالي ڪيا. جن جي تفصيل هن ريت آهي.

 ڊاڪس ڪالوني 18 ايڪڙ زمين (هڪ هزار گھر)، مجيد ڪالوني 10 ايڪڙ زمين (750 گھر)، سڪندر آباد 244 ايڪڙ زمين (8500 گھر)، نيازي ڪالوني 39 ايڪڙ زمين، محمدي ڪالوني 280 ايڪڙ زمين (9800 گھر)، مڇر ڪالوني 69 ايڪڙ زمين (4200 گھر).

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو