Home / ويندي ويندي / سنڌ ڪڏهوڪو شهيدن جو قرض لاهي چڪي!
above article banner

سنڌ ڪڏهوڪو شهيدن جو قرض لاهي چڪي!

گلگت بلتستان جي اسيمبلي جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سان اهو ئي ٿيو جيڪو ساڻس 2013 جي عام چونڊن ڀيري باقي ملڪ ۾ ٿيو هو. گلگتين، بلتين کيس ڌوئي ڇڏيو. ايئن، جيئن 2013 جي مئي مهيني ۾ پنجابين، پٺاڻن، بلوچن کيس ڌوئي ڇڏيو هو. پ پ، جنهن کي ڪڏهن چئني صوبن جي زنجير سڏيو ويندو هيو سا باقي صوبن مان ٽُٽي سنڌ جي سَنڌ سَنڌ سان وڪوڙجي وئي.باقي ملڪ جي نظر ۾ هاڻ اسان ويٺا شهيدن جو قرض چڪايون الائي ڏن ڀريون.

پيپلز پارٽي وفاق ۾ هوندي ٻه چڱا ڪم ڪيا: هڪ ارڙهين آئيني ترميم، ٻيو گلگت بلتستان ۾ قانونساز اسيمبلي جو قيام. حالانڪه پنڊي وارا ڪشمير معاملي جي حل ٿيڻ تائين گلگت بلتستان کي الڳ آئيني حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار نه هيا پر پوءِ زرداري صاحب جو ڪمال چئبو جو پنڊي وارن جي نڪ هيٺان اهو اُٺ تاري ويو.گلگت بلتستان ڪشمير جي پُڇ مان نڪتو. الڳ آئيني حيثيت ماڻيائين. پهرين اسيمبلي ۾ پ پ کي مان ڏنائين. ٻين اسيمبلي جي چونڊ ۾ پ پ جو اڳوڻو وزير اعلي به هارائي ويو آهي. پ پ کي رڳو هڪ سيٽ ملي.هاڻ نوازليگ اسيمبلي جي اڪثريتي پارٽي  آهي.  ڪُجهه وقت اڳ بلوچستان ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ته پ پ ڳولئي نه لڌي هئي. گذريل مهيني سڄي ملڪ جي ڪينٽونمينٽ وارن علائقن جون چونڊون ٿيون، ان ۾ به پ پ کي ٻهارو مليو. وري خيبر پختونخواه ۾ مڪاني  ادارن جون چونڊون ٿيون. پ پ کي اتي به ٻهارو نصيب ٿيو. هاڻ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻيون آهن. پنجاب ته ظاهر آ ته نواز ليگ ۽ عمران خان ونڊي ورهائي کڻندا. سرائيڪي بيلٽ زرداري جي نون صوبن جي راڳ باوجود پ پ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. رهي سنڌ سڳوري. ان لاءِ هڪ راءِ ته اها آهي ته سنڌ شهيدن جي خون بها ۾ گروي آهي. سو سنڌ ۾ پ پ وري به کٽي ويندي. اسان جو خيال ٿورو مختلف آهي. اوهان سان خيال ونڊيون ٿا ، قبول پوي ته واه واه نه ته به واه واه ضرور ڪجو.

58

افيئر جو خيال آ ته سنڌي ماڻهن، جيڪو پاءُ اٽي جو کائي ٿو ۽ ڪا هڪ اڌ اخبار پڙهي ٿو سو پ پ کي ووٽ ڪونه ٿو ڏئي. مطلب گذريل، 2008 جي عام چونڊن کان سندس قرض لاهي چڪو آهي. هاڻ هڪ طرف پ پ ڏوڪڙ پئسي سان ووٽ کسي، ڦري، چوري ڪري چونڊون کٽي ٿي ٻئي طرف ڪوبه متبادل نه هجڻ سبب ماڻهو ڌوڙ ۽ ڇائي ۾ فرق نه ڪري سگهڻ سبب پ پ کي ووٽ ڪن ٿا. 2013 جي عام چونڊن ۾ سنڌ جي اڪثر شهرن پ پ مخالف ووٽ ڪيو.هالا ۾ هڪ ميمڻ، هالا جي مخدومن جي مقابلي ۾ 82000 ووٽ کنيا. جيڪب آباد شهر ۾ الاهي بخش سومري کي غائب هجڻ باوجود 45000 ووٽ مليا. شڪارپور شهر پ پ هارايو. سکر شهر هارايو. سڪرنڊ ۾ زين شاه 32000 ووٽ کنيا. شهدادڪوٽ جي قومي اسيمبلي جي تڪ تي هڪ نئين اميدوار، راشدي مگسي سردار زادي جي مقابلي ۾ 22 هزار ووٽ کنيا. ائين سنڌ ۾ جتي جتي ميونسپل حدون آهن، ماڻهو ٻهراڙي جي ٻنڌڻن کان آجا هيا تن پ پ مخالف ووٽ ڪيو. پ پ رڳو نج ٻهراڙي ۽ عورتن جا ووٽ کنيا.

2013 ۾ سنڌ پ پ حوالي ڪرڻ جو مٿي ئي فيصلو ٿي چڪو هيو . مٿان پ پ اميدوارن پنجن سالن ۾ ڪمايل پيسو پاڻي وانگر وهايو. ٽيون مخالف، ڏه جماعتي اتحاد جا هڪ ٻئي جي ڄنڊن ۾ هٿ. ان ڪري پ پ سنڌ ۾ ڌوپجڻ کان بچي وئي. پر آخر ڪيستائين؟ سنڌ تبديل ٿي رهي آهي.

شهيد قبر ۾ آرامي آهن، ٻاهر زرداري گهمن پيا جن لاءِ ماڻهن جي دل ۾ ڇا آهي، اوهان سنڌ گهمي ته ڏسو. ماڻهن کي سياسي متبادل ته ڏيو. پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه ماڻهو پنهنجو ادا ڪيل قرض وياج سميت زردارن کان وٺن. سنڌ هاڻ ڪنهن به خون بها عيوض گروي ڪونهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو