Home / سياسي افيئر / شيخ مجيب الرحمٰن جون اڻ پوريون يادگيريون
above article banner

شيخ مجيب الرحمٰن جون اڻ پوريون يادگيريون

پروف ڪيري: ونوت ڪمار

1970ع وارين چونڊن ۾ پارليامينٽ جي ٽن سؤ سيٽن مان عوامي ليگ 160 سيٽون حاصل ڪيون، شيخ مجيب الرحمٰن چونڊن کان اڳ پنهنجي منشور ۾ ڇهه نقطا ڏنا هئا، عوامي ليگ جا اهي ڪامياب ٿيل هيٺين ۽ وچولي ڪلاس جا پڙهيل لکيل ۽ باشعور نمائندا هئا. چونڊن ۾ ڪاميابي جي باوجود به پاڪستان جي فوجي حڪمرانن عوامي ليگ کي اقتدار منتقل نه ڪيو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جو حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون ۽ حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي بهاني اوڀر پاڪستان ۾ فوجي آپريشن جي شروعات ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ ٽيهه لک بنگالين کي پنهنجون زندگيون وڃائڻيون پيون، نيٺ رت ۽ باروڊ جي جي ان سيلاب مان 16 ڊسمبر 1970ع تي اوڀر پاڪستان، دنيا ۾ هڪ نئين مملڪت ”بنگلاديش“ جي حيثيت سان ظاهر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمٰن ”بنگله بنڌو“ يعني ”قوم جو ابو“ قرار ڏنو ويو.

شيخ مجيب الرحمٰن جو جنم 17 مارچ 1920ع تي ٿيو، هو 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو، جيڪا مسلم ليگ جي ذيلي شاخ هئي، شيخ مجيب، حسين شهيد سهروردي کان گهڻو متاثر هو ۽ سياست جون هيٺ مٿاهيون به حسين شهيد سهروردي کان ئي سکيائين. ان وقت لکين هندستاني مسلمان نوجوانن جيان شيخ مجيب الرحمٰن به اهوئي سمجهندو هو ته پاڪستان حاصل ڪري ئي هندستان جي مسلمانن جو مستقبل سنواري سگهجي ٿو، تنهنڪري هن تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو، پر ان وقت تائين منجهس بنگالي قومپرستيءَ جو ٻج به ڦٽي چڪو هو، جنهن جو ثبوت خود شيخ مجيب جي آتم ڪهاڻي ٿي ڏي، جنهن ۾ هو لکي ٿو، ”1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو دهليءَ  ۾ ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ آئون به جناح صاحب، سهروردي ۽ ٻين بنگالي مسلم ليگي اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي ويٺو هوس، جڏهن به ڪو نعرو اردوءَ ۾ ٿي لڳو ته اسان بنگاليءَ ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿي ڏنا، دراصل اسان بنگالي مسلمانن جا ٻه رخ هئا، هڪ اهو يقين ته اسين مسلمان آهيون ۽ ٻيو اهو ته اسين بنگالي آهيون.“

شيخ مجيب جي اها آتم ڪهاڻي The Unfinished Memories جي نالي سان هڪ ئي وقت بنگالي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپي آهي، هاڻي ان جو آڪسفورڊ پاران اردوءَ ترجمو به ڇپجي چڪو آهي. 1967ع ۾ جڏهن شيخ مجيب اگرتله سازش ڪيس جي سلسلي ۾ ڍاڪا جيل ۾ قيد هو ته هڪ ڏينهن سندس زال بيگم فضيلت النساءِ ساڻس ملڻ آئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن شيخ مجيب کي چيو، ”جيل ۾ اوهان وٽ گهڻي وانڌڪائي آهي، انهيءَ مان فائدو وٺي اوهين پنهنجي آتم ڪهاڻي لکو.“ شيخ مجيب کي اها صلاح ڏاڍي وڻي ۽ هن نوٽ بوڪن ۾ پنهنجون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون، فيبروري 1969ع ۾ جڏهن شيخ مجيب آزاد ٿيو ته هو ننڍپڻ کان وٺي 1955ع تائين پنهنجي زندگيءَ جا اهم واقعا لکي چڪو هو، پوءِ شيخ مجيب سياسي سرگرمين ۽ بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ حڪومتي معاملن ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو، جو کيس پنهنجي آتم ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو ۽ اها اڌ ۾ رهجي ويئي، شيخ مجيب چئن نوٽ بوڪن ۾ پنهنجون يادگيريون لکيون هيون، هو آزاد ٿيو ته اهي نوٽ بوڪ سندس ڪتب خاني ۾ منتقل ٿي ويا، پر شيخ صاحب اهي سدائين تالي ۾ بند رکندو هو ۽ ڪنهن کي به پڙهڻ جي لاءِ نه ڏيندو هو. هڪ ڏينهن هو نوٽ بوڪن ۾ ڪجهه ڏسي رهيو هو ته سندس وڏي ڌيءَ حسينه واجد اچي ويئي، حسينه اهي نوٽ بوڪ پڙهڻ چاهيا ته شيخ مجيب چيس، ”جيستائين آئون جيئرو آهيان، تيستائين پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪج… تنهن کانپوءِ تون اهي پڙهي سگهين ٿي.“

sheikh_mujib

14 آگسٽ 1975ع جي رات شيخ مجيب کي سندس گهرڀاتين سميت قتل ڪيو ويو، ان هنگامي ۾ اهي چار ئي نوٽ  بوڪ به هيٺ مٿي ٿي ويا، پوءِ اهي 2004ع ۾ شيخ فضل الحق جي پراڻي ميز جي خانن مان مليا، جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته شيخ مجيب الرحمٰن اهي نوٽ شيخ فضل الحق مونيءَ کي ٽائپ ڪرڻ جي لاءِ ڏنا هئا، شيخ فضل، سندس ويجهو مائٽ هو ۽ شيخ مجيب سان گڏ ئي 1975ع ۾ پنهنجي فوج جي هٿان قتل ٿي ويو. نوٽ بوڪ تمام ضعيف حالت ۾ هئا، شيخ مجيب جي ڌيءَ، بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد انهن کي اتاري، انهن جون ڪاپيون تيار ڪيون ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمون ڪرايون، 300 صفحن جي ان ڪتاب ۾ شيخ مجيب پنهنجي گهراڻي، شاگردي واري دور، ڪلڪتي ۾ مسلم ليگي سياست، عوامي ليگ ۽ لساني مسئلي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

ان ڪتاب ۾ مولانا ڀاشانيءَ جي حوالي سان شيخ مجيب هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪندي لکيو آهي. ”اها 1952ع جي ڳالهه آهي، عوامي مسلم ليگ، اوڀر پاڪستان جي شهر جمال پور ۾ هڪ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مقرر ڏينهن تي عوامي مسلم ليگ جا اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ شمس الحق تقريرون ڪرڻ جي لاءِ جلسي گاهه پهتا. جلسو شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ اڳواڻن کي اطلاع ڏنو ويو ته حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري اهو جلسو ٿي نٿو سگهي. اهو ٻُڌي شيخ مجيب کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، هن وڏي سڏ اعلان ڪيو ته هو جلسي کي خطاب ڪندو، پر مولانا ڀاشانيءَ کيس پوليس سان ٽڪرائجڻ نه ڏنو، کيس هڪ انوکي اٽڪل سُجهي، مولانا ڀاشانيءَ پوليس کي ٻڌايو ته هو قلم 144 جو احترام ڪندو، پوءِ هن جلسي جي حاضرين کي مخاطب ٿي چيائين، ”هاڻ اوهين سڀ دعا گهرڻ جي لاءِ هٿ مٿي کڻو.“ اهو ٻُڌي پوليس وارن سميت سڀني ماڻهن هٿ مٿي کنيا، مولانا ڀاشانيءَ پوءِ دعا گهرندي حڪومت جي خلاف اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ڇڏيون، جيڪي هن پنهنجي تقرير ۾ چوڻ ٿي چاهيون، ائين هن پنهنجي دل جي سڄي اوٻر ڪڍي ٻاهر ڪئي، اها ماجرا ڏسي شيخ مجيب، مولانا ڀاشاني جي نواڻ ۽ سمجهه کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.

1954ع ۾ اوڀر پاڪستان جي صوبائي چونڊن ۾ ”جگتو فرنٽ“ کي ڪاميابي ملي، اهو بنگالي قومپرست پارٽين جو اتحاد هو، جنهن ۾ آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ به شامل هئي، اهو اتحاد مسلم ليگ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو، هاڻ مولوي فضل الحق صوبي جو وزيراعليٰ ٿيو، شيخ مجيب زراعت وارو وزير مقرر ٿيو، هو ڪابينا ۾ سڀني کان ننڍي عمر وارو وزير هو، ان زماني جو هڪ واقعو شيخ مجيب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي، هڪ ڏينهن (بنگالي) وزيراعظم، محمد علي بوگرا جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هو وزيراعليٰ مولوي فضل الحق سان نهايت تلخي ۽ ڪاوڙيل انداز ۾ پيش آيو، اهو منظر جوشيلي نوجوان شيخ مجيب الرحمٰن کان سٺو نه ٿيو ۽ هن وزيراعظم کي روڪيو، جنهن تي وزيراعظم محمد علي بوگرا چڙي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين، ”مجيب الرحمٰن! مون وٽ تو بابت ههڙو ٿلهو فائيل موجود آهي.“ وزيراعظم هٿ سان اشارو ڪندي چيو، پر نوجوان مجيب ڊڄڻ بدران وراڻيس، ” جناب! اها فطري ڳالهه آهي ته منهنجي لاءِ ايڏو ٿلهو فائيل ٺاهيو وڃي، اها اوهان جهڙن ماڻهن جي ئي مهرباني آهي، جو مون پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو جيلن ۾ گذاريو آهي، پر اسان (صوبائي حڪومت) به اوهان بابت فائيل تيار ڪيو آهي.“

”ڇا مطلب؟“ وزيراعظم پاڪستان جرڪي پڇيو.

شيخ مجيب وراڻيس، ”1947ع ۾ جڏهن (اوڀر پاڪستان ۾) خواجه ناظم الدين ڪابينا جوڙي ته اوهان کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويو، (تنهنڪري اوهين ناراض ٿي پيا) 1948ع ۾ جڏهن اسان ٻوليءَ واري مسئلي تي احتجاج ڪيو ته اوهان اسان کي ڳجهي نموني ٻه سؤ روپيا ڦوڙي ڏنو، ڇا اوهان کي اها ڳالهه ياد آهي؟ گهڻا ماڻهو پنهنجو ماضي وساري ٿا ڇڏين.“

جگتو فرنٽ، وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته اوڀر پاڪستان کي وڌيڪ خود مختياري ڏني وڃي، جيڪا ڳالهه وفاقي حڪومت کي منظور نه هئي، اهو بهانو بنائي 29 مئي 1954ع تي گورنر جنرل غلام محمد، جگتو فرنٽ جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، ان قدم تي ڪنهن به وزير احتجاج نه ڪيو، ايتريقدر جو وزيراعليٰ به خاموش رهيو، رڳو شيخ مجيب ئي احتجاج ڪيو ته کيس گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو.

1955ع ۾ شيخ مجيب جي رٿ تي آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ مان ”مسلم“ لفظ ڪڍيو ويو، شيخ مجيب جو چوڻ هو ته پاڪستان ٺهي چڪو آهي، ان ڪري هاڻ مذهبي يا فرقيواراڻي بنياد تي سياست جي گهرج نه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو