Home / ڪرنٽ افيئر / صفوران سانحو- اصل قاتل ڪير آهن؟
above article banner

صفوران سانحو- اصل قاتل ڪير آهن؟

عاجز جمالي

“ها اسانکي اها خبر هئي ته اسماعيلي برادري دهشتگردن جي نشاني تي آهي. اهڙي ريت بوهري، عيسائي، هندو، پڻ دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن. اهو ممڪن آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ کي سيڪيورٽي فراهم ڪجي”. هي ڪراچي پوليس جي ان آفيسر جا لفظ آهن جنهن صفوران ڳوٺ جي سانحي بابت شاهديون گڏ ڪيون ۽ سڀ کان پهرين هڪ اهڙي معمولي ڪردار کي گرفتار ڪيو، جنهن ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي خطرناڪ گروهن جي نشاندهي ڪئي آهي. ان پوليس آفيسر جو نالو راز ۾ رکڻ ان لاءِ به ضروري آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندڙ گهڻا تڻا پوليس آفيسر هٽ لسٽ تي آهن. خاص ڪري “سنڌي پوليس آفيسر”. جنهن جو مثال صفوران ڳوٺ واقعي کان صرف ڏهه ڏهاڙا اڳ گلشن حديد ڀرسان ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري کي سندس گاڏي ۾ قرآن شريف پڙهندي نشانو بڻايو ويو. پير جو ڳوٺ سان واسطو رکندڙ عبدالفتاح سانگري کي سندس محافظن سان گڏ قتل ڪيو ويو. ڪير به نه پيو ڄاڻي ته صفوران ڳوٺ واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ فزانڪ رپورٽ ۾ اها به شاهدي ملندي ته بس تي ٿيل حملي ۾ اها سرڪاري رائيفل به استعمال ٿي آهي جيڪا ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري جي گارڊن جي هُئي.

01

تيرهن مئي تي صبح جو معمول مطابق اسماعيلي برادري جي مرڪز “الاظهر گارڊن” مان اها “ڪميونٽي بس” نڪتي جيڪا روزانو صبح جو 8 کان ساڍي اٺين وڳي اتان ئي نڪرندي هئي. ان بس ۾ سوار ٿيندڙ مرد، عورتون ۽ ٻار آفيسن، اسڪولن ۽ دُڪانن ڏانهن روانا ٿيندا هئا. هي بس صبح جو سوائين نائين وڳي ڌاري جڏهن گلستان جوهر جي صفوران چورنگي (جيڪا اصل ۾ مائي صفوران جي نالي سان قائم قديم ڳوٺ ڀرسان آهي) جي ڀر واري علائقي وٽ پهتي ته موٽر سائيلڪن تي سوار ٻُٽون ٻڌل گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ماڻهن بس کي روڪيو جيڪي ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار هئا. موٽر سائيڪل سوار بس جي اڳئين ۽ پٺين دروزاري کان چڙهيا، بس بيهڻ کانپوءِ ڪجهه ٻيا ماڻهو به بس تي چڙهيا. اکين ڏٺل شاهدن مطابق انهن ڪاروائي ۾ تڙ تڪڙ بدران هڪ هڪ ماڻهوءَ کي نشانو بڻايو. هنن بس ۾ سوار 67 ماڻهن کي ختم ڪيو، البته ڪجهه ننڍڙن ٻارڙن ۽ ڪجهه پوڙهين عورتن تي هنن رحم ڪيو انهن کي مٿن يا اکين ۾ گوليون هڻڻ بدران دهشتگردن جنڳهن ٻانهن تي گوليون هيون. وٽن جديد قسم جا ننڍا هٿيار هُئا، جن تي سائلنسر لڳل هئا ان ڪري فائرنگ جو آواز ٻاهر ماڻهن ڪو نه ٻڌو هوندو. ٿڏي تي ٽيتاليهه ماڻهو قتل ٿي ويا، ٽي ماڻهو بعد ۾ اسپتالن ۾ گذاري ويا، ڪجهه زخمي اڃا تائين اسپتالن ۾ داخل آهن. هي سڀ ماڻهو اسماعيلي شيعا آهن، جن ۾ گهڻائي سنڌي ڳالهائيندڙن جي هئي، جيڪي صديون پراڻا۽ اصل ۾ حيدرآباد ويجهو ڪاري موري جا رهندڙ هئا. اهي اسماعيلين ۾ “مومنا” ڪميونٽي سڏجن ٿا، جن جو کير جو ڪاروبار آهي ۽ پنهنجي ڪميونٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ امن پسند آهن.

هن واقعي ٿيڻ کان وٺي ٻن هفتن تائين سنڌ پوليس، سنڌ سرڪار، ڳجهن ادارن ۽ رينجرز جا الڳ الڳ موقف رهيا. سڀ کان پهرين ته ان پمفليٽ کي ثبوت سمجهي “داعش” جو نالو ورتو ويو. پمفليٽ جي بنياد تي جڏهن رينجرز ۽ ڳجهن ادارن ڇاپا هنيا ته خبر پئي اهڙا پمفليٽ اسڪولن ۾ به اڇلايا ويا هئا. هي پريس مان ڇپيل پمفليٽ هئا. ڇاپن دوران خبر پئي ته عائشه منزل (شهري جماعت جي مرڪز ڀرسان) ۽ اردو بازار (ساڳي جماعت جو ڳڙهه) جي پريس تي ڇاپا هڻي گهٽ ۾ گهٽ 8 اردو ڳالهائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويو جن مان ڪجهه ماڻهو اڃا تحويل ۾ آهن. پر ٻن ڏينهن کانپوءِ هر طرف کان ڀارتي ڳجهي ايجنسي “را” جو نالو سامهون آيو. را- را هر طرف را را جي گونج ٿي. وزير اعظم کي پڻ ڪراچيءَ ۾ اهو ٻڌايو ويو ته هن واقعي ۾ “را” ملوث آهي. هفتو کن سڀ تحقيقاتي ادارا “را” تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيا. سنڌ جي وڏي وزير ته سڌو چئي ڇڏيو هو ته هي واقعو “را” ڪرايو ويو. ان کانپوءِ طالبان جو نالو ورتو ويو. پر هاڻي وڃي “القاعده” تي پهتا آهن.

06

سنڌ جي وڏي وزير اهم پريس ڪانفرنس ڪندي صفوران ڳوٺ سانحي جي چئن خطرناڪ تربيت يافته پڙهيل لکيل دهشتگردن جي گرفتاريءَ جو اعلان ڪيو. هي ڪراچي پوليس جو تاريخي ڪارنامو ڄاڻايو ويو. جي آءِ ٽي جوڙي وئي ان کانپوءِ خبر پوندي ته ڪهڙو گروپ ملوث آهي. اهو چوڻ هو وڏي وزير جو. پر هينئر تائين الڳ الڳ چئن گروپن جا نالا ورتا ويا آهن. آخر اصلي گروپ ڪهڙو آهي؟ هڪ سينيئر پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي ته جيڪو اصل گروپ آهي ان جو نالو ئي نه پيو ورتو وڃي. جيترن گهڻن گروپن جا نالا ايندا اصل گروپ کي فاعدو پوندو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سمورا وڏا واقعا ان گروپ جي شموليت کان سواءِ ٿي نه ٿا سگهن. ڪراچيءَ ۾ پابندي وڌل تنظيمون هجن يا ٻاهران اچي ڪارروايون ڪندڙ ڌريون سڀني کي “مقامي دهشتگردن” جو ساٿ هوندو آهي. اها ڳجهن ادارن جي رپورٽ آهي ته “را” سان شهري جماعت جا گهرا واسطا آهن. ان ڪري دهشتگردي جي واقعن کي مقامي پٺڀرائي حاصل آهي.

جيتوڻيڪ وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس ۾ جنهن “طاهر منهاس” کي ماسٽر مائينڊ ٻڌايو ويو آهي، جيڪو بهاول پور سان تعلق رکي ٿو سندس پنجابي طالبان گروپ آهي. پر هنن جو تعلق القاعده سان ڳنڍيو ويو. جڏهن هي ملزم پڪڙيا ته سي آءِ ڊي جو راجا عمر خطاب چوي ٿو ته هي القاعده جو گروپ آهي. هن وقت تائين، القاعده، داعش، طالبان، را جا نالا ورتا ويا آهن جيتوڻيڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف آءِ جي سنڌ غلام حيدر جماليءَ کي فون ڪري شاباس ڏني آهي پر ڳجها ادارا اڃا به شڪ ۾ مبتلا آهن. هو انهن مقامي دهشتگردن کي ڳولي رهيا آهن جن جي مدد سان هي واقعو ٿيو آهي. ڇو ته القاعده، داعش ۽ طالبان دهشتگرد موٽر سائيڪلن تي ڪارروايون ڪري گهٽين ۾ گم ڪو نه ٿيندا آهن. واردات جو طريقو مقامي دهشتگردن جو آهي جن کي پينٽون ۽ ٽي شرٽون پهريل هيون. اصل دهشتگرد ڪير هئا؟ ان بابت مختلف انٽيليجنس ادارن ۽ پوليس وچ ۾ هڪ سرد جنگ هلندڙ آهي. ڇو ته رينجرز اڃا تائين به ايم ڪيو ايم جو نالو وٺي رهي آهي. اهڙي ريت صفوران ڳوٺ سانحي ۾ 5 گروپن جي ملوث هجڻ جي تحقيقات ٿي رهي آهي. حتمي طور تي ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته آخري هي واقعو ڪنهن ڪرايو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو