Home / ڪرنٽ افيئر / صفورا سانحو: کُر نه پير…!؟
above article banner

صفورا سانحو: کُر نه پير…!؟

ثنا عباس دشتي

ڪراچي شهر کي ڪڏهن روشنين جو شهر چيو ويندو هو، ممڪن آهي ته ايئن هجي نه ته اها سٽ به ڪنهن “قول” وانگر ئي لڳي ٿي. يا زمان ماضي جيان جنهنجي خبر “حال” جي ماڻهن کي نه آهي. جيتوڻيڪ مائي ڪولاچي جي شهر کي ڪو نه ڪو مانگر مڇ وقت بوقت ڳهڻ ۽ ڇيهو رسائڻ يا وري جسمن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري چٻاڙي هضم ڪري آرام سان سمنڊ ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪروڙن جي آبادي ۾ ان مانگر مڇ کي ڪو هڪ مورڙو ڇاڳوليندو؟ جيڪو اڳي ئي معذور هجي…

‘‘نکلو گے تو ہر موڑ پر مل جائیں گی لاشیں۔۔۔

ڈھونڈوگے تو اس شہر میں قاتل نہ ملے گا’’

اسماعيلي ڪميونٽي تي ٿيندڙ وحشياڻو حملو ڇو ٿيو ڇا لاءِ ٿيو، ڪنهن ڪيو، ڪيئن ٿيو؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي… پر انهن پکين جهڙي پر امن ڪميونٽي جو شمار بلڪل ايئن آهي جيئن سنڌ اسيمبليءَ سيڪريٽريٽ آڏو ڪبوتر چوڪ تي ويٺل پرامن ڪبوتر پنهنجي گول دائري تي ويهي داڻو چُڳي پنهنجي ڪم سان ڪم رکن. ايئن انهن کي ڪراچي جو ڪبوتر چئجي ته غلط نه ٿيندو. انڌا ڌنگ گولين جو نشانو ٿيندڙ ٻار، پوڙها، جوان عورتون جن پنهنجي موت کي ايترو ويجهو سان ڏٺو هجي انهن لاءِ اهو پل ڪيئن هوندو- شايد موت کان وڌيڪ بدتر هوندو جنهن مهل هو پنهنجي ٻچن کي اکين آڏو مرندو ڏسي تڙپندو ڏسي آرام سان اکيون بند ڪري پاڻ به ان وادي ۾ وڃڻ جا شايد خواهان ٿيا هجن. ليڪن بي رحم سفاڪ قاتلن ڪنهن پڪي پلاننگ تحت ۽ فلم جي سين وانگر ماري فرار ٿي وڃن ٿا ڪنهن کي خبر به نه ٿي پوي؟جنهن بس کي پنهنجي منزل تي پهچڻو هو پر اها پنهنجي منزل تي نه پهتي. بقول شاهدن جي تي دهشتگرد سيڪيورٽي گارڊڪمپني جي وردي ۾ ملبوس هيا، ان ڪري گاڏي روڪي هوندي جنهنجو پهريون نشانو ڊرائيور ئي ٿيو.

07

ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر سموري ڪراچي واسين جي ساهه ۾ ساهه آندو هو پر ‘‘خاموشی کے پیچھے بھی بڑا طوفان آتا ہے’’ وانگر اها ٺاپر ايتري وڏي سانحي جي شڪل ۾ آئي جيڪو پنهنجي نوعيت جو شايد پهريون واقعو آهي يا پشاور اسڪول سانحي کانپوءِ ٻيو وڏو واقعو آهي جنهن هڪ دفعو سموري دنيا جو ڌيان ڇڪايو.

جيتوڻيڪ ان واقعي جي فوري طور FIR نه ڪٽرائي وئي، ممڪن آهي اسماعيلين کي قانون جي انصاف تي يقين نه هجي يا وري ٻين واقعن تحت اها خبر به ڪجهه ڏينهن جي خبرن کانپوءِ بي خبر ٿي وڃي- تنهنڪري انهن رب ڌڻي تي ڇڏيو هجي پر واقعي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ان جي FIR نا معلوم ماڻهن تي ڪٽي وئي آهي. اهي نامعلوم ماڻهو ڪير آهن يا ته آسمان ۾ يا ته سمنڊ ۾ لڪي ويا جن جو پتو اڄ تائين نه پئجي سگهيو آهي.

ڪراچي آپريشن وقت بوقت ٿيندو رهيو آهي ۽ ويجهڙ ۾ قانون لاڳو ڪندڙن طرفان شهر ۾ دهشگردن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، شهر ۾ ڪجهه ڏينهن ته سڪون ٿيو پر گهڻو عرصو نه-

ڪراچي ۾ دهشتگردي جي به ڪيٽيگري آهي، جن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، موبائيل ڦر ڪرڻ، ڌاڙا، اغوا ڪرڻ، شارٽ ٽرم اغوا ڪرڻ، لساني ڪلنگ، فرقيواريت يا ننڍا ننڍا ٽولا جن کي “ڊون” ٿيڻ جو شوق هجي پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن. هاڻ ته طالبان کان سواءِ “داعش” جا به ٻول آهن. مگر افسوس جو هر ٺاپر کانپوءِ ڪو اهڙو واقعو ٿئي ٿو جو اچرج ۾ اچيو وڃون.

پرامن آغا خانين کي نشانو بڻايو ويو؟ ان پويان ڪي سوال يا ڪي راز به آهن بقول ذوالفقار مرزا جي تي اهو واقعو ايس ايس پي رائو انوار ڪرايو آهي ڇو ته جڏهن هو ايس ايس پي هيو ان جي علائقي ۾ اهڙي ڪا به ڪارروائي نه ٿي هئي ۽ ان پنهنجي ڪرسي واپس وٺڻ لاءِ اهو ڪم ڪرايو. ڪن جو خيال آهي ته طالبان جو هٿ آهي. ٻي پاسي داعش جا پمفليٽ به ورهايا ويا! بهرحال پمفليٽن کي ڏسجي ته داعش پنهنجي اثر لاءِ اهو ڪم ڪيو ڇو ته ان اول گلشن اقبال اسڪول ۾ ٿيندڙ حملي تي به داعش جا پمفليٽ مليا هيا تن جي جاچ کانپوءِ معلوم ٿيو ته داعش جو صرف نالو استعمال ٿيو  هو، اصل ۾ ڪي ٻيون ڌريون ملوث آهن ۽ جيڪڏهن ايئن آهي به ته داعش جي موجودگي هڪ سواليه نشان آهي.

وزير اعظم نواز شريف، جنرل راحيل ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ڪراچي آپريشن وڌيڪ سختي سان ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي. عسڪري قيادت سان ليڊرن جي گڏجاڻي قابل تعريف آهي. سوال اهو آهي ته پاڪستان جي انٽيليجنس دنيا جي قابل انٽيليجنس آهي ته ڇا هو اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ اڳتي يا اڳڀري ڇو نه ٿي ٿئي؟ بهرحال واقعي جي FIR داخل ٿي چڪي آهي ڏسڻو اهو آهي ته انصاف ڪٿي ۽ ڪڏهن ملندو يا وري ڪو ٻيو واقعو ٿيندو!!؟

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو