Home / اسپيشل افيئر / فراريت کي الوداع
above article banner

فراريت کي الوداع

اين رو

عام ماڻهو کي فرار جي خواهش نه هجڻ کپي. سوچيو ته اهو هميشه کان ئي عجيب تصور هو. انسان فطري طور تي سماجيت پسند آهي. چوپال، ڪافي هائوس ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور سندس پسنديده ميڙاڪي واريون جايون آهن. لکڻ جي فن کان وٺي ٽيليفون ۽ ان کان اڳتي سمورين ايجادن جو مقصد انسانن کي ڳالهائڻ جي ٻنڌڻ کي تمام ويجهو ڪرڻ رهيو آهي. ان لاءِ اڪيلائي يا خاموشي جي چونڊ اڪثر بي تُڪي ۽ وضاحت طلب هوندي آهي.

صدين تائين ڪنهن ميڙ مان فرار ٿيڻ جو رستو ڪڏهن ڪڏهن ئي چونڊيو ويندو هو. بيماري، جن ڀوت يا حڪمران ئي ماڻهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪندا هئا. تنهن هوندي به جڏهن شهر آباد ٿيا ۽ زندگي پيچيده ٿي وئي ته فراريت جنم ورتو ۽ وڌڻ لڳي. هوريس پنهنجي فارم ۾ صرف بندوسيا جي چشمي جا نغمه ٻڌڻ چاهي پيو. ورجل جي خواهش ڪنهن جبل ۾ ماني، آنا ۽ ٻوٽين تي ٻڌل سادي کاڌي کائڻ جي هئي. نيڪ ۽ مذهبي ماڻهو به حرص ۽ ترغيب سان پري ويراني ۾ پناهه وٺندا هئا. سمعان العمودي درويش صحرا ۾ پنهنجي ٿنڀي تي خوشي سان وقت گذاري ڇڏيو ۽ وچ اوڀر جي آئرستاني راهبن کي هڪ اڇي ٻلي، ستارن ۽ پنن جي کڙڪي کانسواءِ ڪنهن جي رفاقت جي ضرورت نه هئي. ان قسم جي فراريت جي حسن جو نقشو ڪافي پوءِ جي زماني ۾ جيراڊ مينلي باپڪنز پنهنجي نظم “هيون هيون” ۾ هن ريت بيان ڪيو:

۽ مون اتي رهڻ چاهيو

جتي ڪو طوفان نه اچي

جتي هجن خاموش ۽ سايون لهرون

۽ سامونڊي موجن جي پهچ کان ڏور

سترهين صدي ۾ فراريت باغين ۽ بائبل بردارن سبب مذهبي ۽ سياسي اهميت اختيار ڪري وئي. اها ڳالهه عقيدتمندن کي آمريڪا جي ويرانين ۾ وٺي وئي ۽ ڪنهن حد تائين آمريڪي وجود جو سبب بڻي. “منجهائڻ وارن اتحادن” کان پرهيز ۽ پراڻي دنيا کان نظرون هٽائڻ جي خواهش جي پٺيان هڪ طرف ته نئين سر تعمير جو عزم هو ۽ ٻئي طرف فراريت جو اظهار پڻ.

55

ان وقت اهو فيشن تقريبن عام ۽ اڪثر ڊرامائي هوندو هو. 19 هين صدي جي شروعات جو فراريت پسند هڪ شاعر هوندو هو جيڪو پنهنجو سامان ٻڌي ايلپس جي پرشڪوه چوٽين ڏانهن روانو ٿي ويندو هو ته جيئن اڪيلائي ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳولهي سگهي. پنهنجي پٺيان هو قرضن ۽ ٻارن جو هجوم ڇڏي ويندو هو، ان اميد سان ته ڪو به ان تائين پهچي نه سگهندو. جڏهن اها صدي ختم ٿي ته فراريت پسند رستي جي ڪناري باهه ٻاري ويهندڙ خانه بدوش بڻجي ويا پوءِ ان ٽُڪ واري نرم ٽوپي پائي آواره گردي جو روپ اختيار ڪري ورتو، مطلب ته ڪو به اهڙي شڪل اختيار ڪري جيڪو 9 کان 5 بجي واري دفتري معمول ۽ صاف سٿري گهر جي تصور جي ابتڙ هو. اهي آزاد منش ڪيترائي ڏينهن انساني رفاقت کانسواءِ، گاهه جي ڍير ۾ سمهندي ۽ ندي نالن مان هٿ منهن ڌوئڻ ۾ خوش هئا. رابرٽ لوئي اسٽيونسن جي لفظن ۾:

مونکي صرف گهرجي مٿان آسمان

۽ هڪ شاهراهه پنهنجي ويجهو

1960ع جي ڏهاڪي تائين وڏين لٽن ۽ ڀڳل ٽٽل وين سان گڏ فراريت ٻنين ۽ ٻيلن ۾ هر هنڌ ڄاتل سڃاتل صورت بڻجي چڪي هئي. فراريت جي اها شڪل سنجيدگي سان سمجهڻ جي طلبگار هئي ڇو ته ان هن وٽ محبت، امن ۽ پاڙن کان آزاد قدرتي طور طريقن سان رهڻ جو پيغام هيو پر ان کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو. ان جو سبب هڪ ٻئي قسم جي فراريت جو ظاهر ٿيڻ هو جنهن باقي سڀني کي ماٺ ڪري ڇڏيو.

اهڙي قسم جاماڻهو اُس کان بچاءُ جي ڪريم، مزيدار ناولن ۽ اهڙي لباسن سان ڀريل سوٽ ڪيس کڻي گهمندا هئا جيڪي پام جي ڇانوَ ۾ سمنڊ جي ڪنارن تي آرام ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويندا هئا. اهي فراريت پسند پورا ٻه هفتا گهر ۽ ڪم کان نجات حاصل ڪري ايندا هئا. ٽپال فرش تي گڏ ٿيندي رهندي هئي، بل جمع نه ٿيندا، ڪنهن ڪانٽريڪٽ يا مشڪل ڪسٽمر سان ٻيو ڪوئي منهن ڏيندو ڇو ته ڪنهن کي به سندن هوٽل جو نمبر معلوم نه هوندو هو.

پوءِ جڏهن اهو فراريت پسند سندن من پسند پناهگاهن ۾ ايندو ته پريشان ٿيڻ لڳندو. هو، بيچني  مان پنهنجي علائقي جون اخبارون ڳولهيندو، هوٽل جي بيڪار ٽي وي سيٽ تي پنهنجو پنسديده چئنل ڳولهيندو، سندس نظرون غير ملڪي مينو تي ڄاتل سڃاتل کاڌن ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي پنهنجي هم وطنن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيچين هونديون. مطلب ته جيڪڏهن ان جي وس ۾ هوندو ته اتي ڪنهن به ڄاتل سڃاتل شيءَ کان فرار حاصل نه ڪري. موبائل ۽ آءِ پيڊ ان فريب کي وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو. اهي موڪلون ملهائڻ وارن جديد دؤر جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ننڍو قدم هيو جيڪي پنهنجي آسپاس کان بي خبر، گهر کان ايندڙ ڪنهن ڊجيٽل پيغام جو رستو تڪيندا رهندا.

پيرن جا نشان

ايئن 2015ع کان ڪافي عرصو اڳ فراريت پسندي مشڪل ۾ پئجي وئي هئي. ان جي ڌنڌلائپ ايتري هئي جو اهو چوڻ ناممڪن لڳندو هو ته ڪڏهن شروع ٿي. ڊسمبر 2015ع ۾ يا ان جي ويجهو يورپ ۾ موبائل رومنگ چارجز جو خاتمو ان ڌنڌلائپ جو هڪ پاڇو آهي. فراريت پسندي جو لامارا ڏيندڙ موت ٻن اهڃاڻن سان ظاهر ٿيندو آهي. پهريون، اسان جي موجوده روين سبب ڊجيٽل ٽريڪنگ بي حد شدت سان پکڙجي رهي آهي. انٽرنيٽ خريدار ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن پنهنجي پويان جرمن واسين جي بقول “ڊجيٽل ڪچرو” ڇڏي ويندا آهن. مطلب پنهنجا شوق، اوليتون ۽ عادتن جا نشان جن ۾ پسنديده ٽوٿ پيسٽ کان وٺي بينڪ تفصيلن تائين سڀ ڪجهه هوندو آهي. وڌيڪ اهو ته هر هڪ جي گناهن جو گوشوارو هاڻي به گوگل تي ملي وڃي ٿو، ڀلي هو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ راهه فرار ڇو نه اختيار ڪري.

ٻيو، فيس بڪ تي اشتهار بازي کان وٺي گوگل اسٽريٽ ويو تي نظر وجهڻ تائين مائوس جو هر ڪلڪ اسان کي پنهنجي برائوزر ۽ خدمتون مهيا ڪرڻ وارين ڪمپنين سان ڳنڍي ڇڏيندو آهي، جيئن اسان ان حقيقت کي قبولي چڪا آهيون ته اسان سڀ عوامي ملڪيت آهيون، پنهنجي گهر اندر رهندي پڻ. جيڪڏهن اڄ اسان کي هر وقت ڪال ڪئي پئي وڃي، ڏٺو پيو وڃي، اسان کي جوڙيو ۽ منسلڪ ڪيو پيو وڃي ته ٺيڪ آهي، اها جديد زندگي آهي. پنهنجو پيڇو ڪرڻ وارن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان وڌيڪ تيزي سان اسان انهن کي سيني ساڻ لڳائي رهيا آهيون ۽ گيتن جي سحر ۾ وٺجي پوليسس وانگر، اهو واضح آهي ته هاڻي اسان کي فرار جي ڪا خواهش به ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو