Home / اسپيشل افيئر / موالي ڏاهپ جا ڪرتب سنڌ جو آئيندو!
above article banner

موالي ڏاهپ جا ڪرتب سنڌ جو آئيندو!

ارشاد ميمڻ

سنڌ جو آئيندو ڪيترو روشن آهي؟- پريشان ڪندڙ سوال تي هتان جي ساڃاهه جو سڄو سارو موالي نسل مٿا ڪٽ ۾ مشغول ٿو نظر اچي. جنريشن جنهن وٽ پنجاهي سالن جي ياداشت، ڇسائپ تي ٻڌل غريب پروري ۽ هَر آڌي رات جو پاڻ کڻائي گهر رَسڻ جي هَيرَ آهي. مُعاشي معاملن ۾ ڪُڌائپ ڌار طرح جو اونداهو پاسو. مڇلائپ جي دانهن پنهنجي سَگهه وڃائي چُڪي. هيٺاهين ۽ دلالي هاڻ سماجي قائدي مثل طاقت رکن. بحث ڪندڙ، لکڻ وارا گهمي ڦِري سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي دائري، مائينڊسيٽ جا ڳيجهو. رد عمل تي مُبني ويچار ۽ حقيقت کان ڪوهين ڏور نتيجا. زميني سچاين سان اَڻَ لاڳاپيل ته وڌاءَ سان ٽٻٽار لٻاڙ جو اوڇڻ اوڍيل. معاشرتي ناچاقيءَ جي پَڪي علامت سان، اوهان کٽ جي واڏڻ کان پرڀرو نهاري ڪين سگهو. سنڌ جي مامرن بابت اسان جَي زبان ۽ قلم کان ڪم وٺئون ته سدائين سنڌي ٻوليندڙ خلق، قوم جي دائري منجهه باندي هجئون. وساريندي اهو، ڪهڙي ۽ ڪنهن جي ڌرتي، ڪنهن جي ۽ ڪهڙي قوم؟ هن پرڳڻي ۾ قسمين قسمين انسان اچي آباد ٿيا آهن. انيڪ نوع جا نسلي، لساني، ثقافتي، جاگرافيائي، تاريخي پس منظر سانڍيندڙ لوڌون. سنڌين جي اڪثريت رهي ۽ نه ويچارپ وئي. وطن جي مستقبل جي ڳڻتي وَير هڙئي طرف غور هيٺ آڻبا. نه چاهيندي به، ڌارين کي ڳڻپ کان ٻاهر ڪين ڪڍبو. هتي وَسي ويا آهن ۽ سندن موجودگي اڄ يا سڀاڻ وڏي مانڌاڻ کي جنم ڏيندي، ياد رکڻ گهرجي.

ايندڙ ٻه چار ڏهاڪا پاڻ واسطي ڪهڙو نياپو کنيو اچن، سوچي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. ساڃاهه جي مَوالي پَود خاطر غم غلط ڪرڻ جا ڪيئي طريقا برابر قائم، اتهاس جي ڀاڪر ۾ اٿندڙ طوفانن کي پڻ اسان سان وهنوار جي پورائيءَ ۾ ڪسر ڇڏڻي ناهي. هجي نه هجي ڊيموگرافي جي بگڙيل توازن جو ڳَٽُ ڳچيءَ پيل اٿئون. ڇِڪَ جيڪا ڪنڌ ڀڃڻ ڪاڻ ڪافي ڄاڻجي. سنڌ جي چَپي چَپي تي دعويدارن، حقداري جي هام هڻندڙن جا هشام پسجن. انڊيا مان آيل نه رڳو، پٺاڻ، پنجابي، سرائڪي، بلوچ ۽ ٻيا. ورهاڱي مَهل ساڻيهه کي حقيقي سڌريل سنڌيت کان خالي ڪرڻ بعد به صوبي مٿان گهڻي ڀاڱي حڪمراني مقامي ماڻهن جي رهي. سنڌين کي وِتَ آهر ۽ اڃا ڪجهه سرس، مرڪزي سرڪار ۾ حصو مليو. صوبي ڏانهن ٻاهرين پبلڪ جي يلغار کي روڪڻ يا ته سندن وَسَ ۾ نه هئو يا وري پروگرام منجهه. هينئر صورتحال ضابطي کان نڪتل ڪوٺجي. اردو ڳالهائيندڙ همراهن جي قيادت الڳ ديڳڙي رڌڻ جا سُهانا خواب ڏسندي رهي. شهري علائقن ۾ ڌنڌو جاري رکڻ ڪارڻي ڌار صوبي جو سلوگن شايد ڪجهه سال ڪم اچي وڃين. نه ته عملي طرح اهڙي ايجنڊا جا امڪان پڻ زيرو زيرو. اڳ سنڌي قوم لاءِ ٿي اچاريو ويو، گهڻ نسلي گهڻ لساني آهي. هاڻ سنڌ واسطي اقرار ڪرڻو پوندو ته گهڻ نسلي گهڻ لساني پرڳڻو آهي. سنڌي ٻولي جن جي مادري زبان آهي سَي ڪَنَ لڪائڻ ۾ پُورا. مُعاشي دٻاءَ هيٺ سماجي، سياسي ڀونچال پيدا ٿيڻ شروع آهن. ڪهڙو تدبر، ڪهڙي حڪمت عملي ساڻن مُنهن ڏيندي؟ اجايون ڦوڪون ڪم نه اينديون، سائين.

46

هنن ئي صفحن تي راوي سَندي تاريخ کي بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل ڄاڻائي چُڪو آهي. موجود فيڊرل نظام ۾ پنهنجي ڪاڻ حقن جي حاصلات اڻ ٿيڻي ڄاڻجي. برابريءَ جي بنياد تي نئين سوشل ڪانٽريڪٽ جي آشا پاليندڙ ڀَل مريخ پاسي لڏي وڃن. آجپو، آجپو پُڪاريندڙ ڀِڀَ ڀري چُڪا. لوڪ کي معاف ڪن ته سَندن مهرباني. آباديءَ جا مُيسر انگ اکر آڏو رکو ۽ پوءِ ڳالهه ڪيو ته ڇوٽڪارو ڪهڙي واٽ نصيب ٿيندو. افسوس جو اجنبي انسانن جي آمد جو وڏو مقدار نالي ۾ نهال قومي سجاڳيءَ جي پوئين ٽن ڏهاڪن منجهه پلئه پيو اٿئون. نيشنلزم جي جهنڊي هيٺ چُست سرواڻ توڻي ڪارڪن ڇَا سَو ٻُڌائڻ پسند ڪندا ته انهن تنهن سموري عرصي ۾ ڪهڙيون مُرليون ٿي وڄايون؟

جسماني توڻي سياسي سگهه جي ساهمي ۾ تعداد بنيادي اهميت رکي ٿو. آدمشماري جي ڀڳت اچڻ واري آهي. هئڻ ته ايئن کپي جو هر هڪ شهري سَندي حقيقي ٻوليءَ سان ڳڻپ ۾ اچي. سدائين وانگر تيئن ٿيندو ڪونه . ڪراچيءَ واسي سرائڪي ڳالهائيندڙ نادرا آفيس ۾ اردو تحرير ڪرائي رهيا آهن. ساڳيا سِرائي جي ڳوٺاڻين علائقن ۾ آباد آهن ته سنڌي لکرائڻ تي زور اٿن. پٺاڻ پنهنجي دُرست انگ سان سامهون هوندو. ٻروچ جي ان معاملي ۾ ٻيائي سنڌي مادري زبان رکندڙ لوڪ جي ڪم ڪيئن ايندي؟ غلط ڊيٽا وسيلي ڪير ڇا حاصل ڪندو، ڌيان طلب ڳالهه آهي. اربن وسندين ۾ اردو چوندڙن جي گهڻائي کين ڌار صوبي وٺڻ ۾ سهائتا آڇيندي، ممڪن ئي ناهي. اکرن جي قوت مان ڪوئي تڏهن لاڀ پرائي سگهي جَڏهن سَي سچائيءَ تي ٻڌل هجن. ديهون ۽ تپا برابر سنڌي مادري ٻولي ڳالهائيندڙ خلق سان ٽٻٽار ملن، پرڳڻي جي مامرن ۾ هنن جو فيصلي ڪرڻ وارو ڪردار ڪڏهوڪو الوپ ٿي چُڪو. انڪار نه ڪجي ته پاڻ طرحين طرحين جنس، مزاج ۽ ارادا رکندڙ، گهڻي قدر وحشت ڀريل آدم وچ ۾ آهيون. اُتي اسان جا موالي دانشور اُميد پرستيءَ جا پيالا ٺاهيو چؤڌاري موجود هجوم کي پيا پيارين ته خود پڻ ڏوگهيندا وتن. آدم شماري مَهل هر پاسي ڊوڙندا ويندا- سنڌي ڄاڻايو مِيان، سنڌي! ٻيو مڙئي اونداهه.

فرض ٿا ڪريون ته سڀ جو سڀ دُرست نسلي، لساني لِڇَ سميت سَارَ ۾ ٿا اچن. ايراني، گهرن ۾ فارسي ڪندڙ نواب شاهي سيد بلڪل ايئن ٿا ليکجن. ٻاهرئين ٻَنَي هنن جي سنڌي قو پرستيءَ کي ٻئي هنڌ ٿا رکئون. ڪراچيءَ جي ڊَوهَه ڀريل اردو آباديءَ مان ڪاٺياواڙي، گجراتي ۽ پڻ 47ع ۾ هجرت ڪندڙ رانگڙ، راجستاني ڪاٽو هجن. اُترادي ٻروچ ايمانداري ڏيکارين. رُوجهاڻ مان لڏي آيل جمالي، مگسي خود کي سرائي مڃين. ڍاٽڪي ٻوليندڙ تيئن قبول ٿين. پنجابي، هَزاري وارا، پٺاڻ، چولستاني پُوري تفاوت سان دفتر داخل ٿين. سنڌي مادري زبان ڳالهائيندڙ کڻي ڪيترا به بچن. اهڙي حال ۾ ڪو محشر مچندو ڇا؟ صوبي جي گهڻ نسلي، گهڻ لساني مهانڊي ۾ اڃا وڌيڪ بگاڙ ايندو؟- صَفَا نَه. روبرو، نظر ايندڙ ڏڦيڙ پوئتي اصل ڪين هٽندو. سرڪاري ڪاڳرن جو پيٽ پيو ڀرجي. ميداني حدن ۾، سنڌ هر نوع جي رِڇَ، بگهڙ سان ڀريل آهي. انگن اکرن جي اهميت ضرور ذهن ۾ رکجي. خاص طور ان انداز ۾ ته ڪهڙي رنگ جا جانور، ڪيترا ۽ ڪهڙي ماڳ پيا جَلَ گهمن. شڪار ۾ تنگي آين ته هڪٻئي کي ٻُوٽيون ڪرڻ منجهه ويرم نه لڳائيندا. صُوبو شريف سڀيتا جو فصل ته ڪافي اڳ ڀَيلَي چڪو آهي.

نهايت مانوارا پاٺڪ! ايڪويهين صدي ۾ تعليم کان خالي، جهالت جي خُرزين، ڊيموگرافي جي مؤتمار بگاڙ سانڍيل سنڌ کي ڪيڏانهن اڳڀرو ڪرڻ جو وَچنُ ڏيندين؟ اجائي ٻٽاڪ پاڻ وٽ رَکُ. آءُ تون کان ٺوس نڪتا طلب ٿو ڪريان. رياستي تاڃي پيٽو ساهه منجهائيندڙ آهي، مان پاڻ دانهين آهيان. نجات، ڇوٽڪاري واسطي ڪهڙي رستي جهاڳيون، يَارَ ٻُڌاءِ نَه! ڏاهو، ساڃاهه وند ڪوٺجين ته راتوڪي هينگ اَووَر مان نڪري مو ن ساڻ احوالي ٿي. قومي ڪارڪن جو لقب اٿئي؟- ڪالهوڪي پيٽ بُکئي حال ۾ خبرون چَور. اڄوڪي سمئه تنهنجي ڪلياڻ جاکوڙ جا دَڳَ بند ڪري ڇڏيا آهنئي. عام خلق آهين ته ٻاڪارون روڪي ڳالهاءِ. پنڻَ جي علت تو مان ماڻهپو نيڪال ڪيو. سول سوسائٽي، توهان ۽ اسان جي ايجندا ۾ فرق پڌرو. غربت هٿان پَاهَه ٿيل مسڪين انسان، آسمان تي وسندڙ ديوتائن مثل تو سان ڪا همدردي ڪا نه اٿم. مڇلائپ جي راهه پاڻ هليو آهين. ٻَه ويلا ماني ملندئي. شان، مان جي گهرج به ڪانهئي. عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، معلوم هُوندئي. چَاڙ هي جي اُمنگ کان خود موڪلايو اٿئي.

تاريخ جو کُٿابي آهين؟ هلي آءُ. گڏجي ڇاتي ڪُٽيون. جنهن جاءِ، جن ماڻهن وچ ۾ ڄاوا آهيون، زندگي اُتان رُسامي تي آهي. سُڌاري جي تمنا جا گُل ورهائيندڙ به واپاري، بَزازَ آهن. وطن مٿان ڳجهين جا لامارا، الڳ. عجب ناهي ته صبحاڻي، پريهن اَريهن، ٽاڪ منجهند جو ظالم سَي پکي هيٺ لهندا. مَاهُه چکيندا. پاڻ ٻنهي جو آئيندو ڌرتي، ساڻيهه سان سڱ ۾ آهي. وطن جو مستقبل وري اؤسني جي شوقين آسماني پرندن وَ س آهي.

رومانوي انداز ڇڏي، تُز نموني لکجي. ويهارو ٽيهارو سال بعد سنڌ کي جنهن بيهڪ ۾ ڏسندا اُن جو فيصلو رڳو سنڌي يا وري اردو ٻوليندڙ نه ڪندا. پٺاڻ، سرائڪي، پنجابي، بلوچ پنهنجي جاءِ تي، جُدا جدا مفاد رکندڙ ڌريون آهن. سندن منشا پڻ سياسي، سماجي طاقت طور اُڀار کائيندي. صوبي جو ايڪو ڪيئن بچائي سگهبو، راوي ڳڻتي ٿو ڏيکاري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو