Home / سنڌ افيئر / مڪاني چونڊون بدين ۾ پ پ، مرزا گروپ-دوبدو!
above article banner

مڪاني چونڊون بدين ۾ پ پ، مرزا گروپ-دوبدو!

الهه بچايو جمالي

گذريل اٽڪل ٻن مهينن کان بدين ضلعو مرزا ۽ زرداري وچ ۾ جنگ جو ميدان بڻيل آهي. ٻن اڳوڻن جگري يارن ۽ هاڻوڪن ڪٽر مخالفن جي وچ ۾ شروع ٿيل اهو تڪرار پهرين بدين ۾ وچ بازار ماڊل ٿاڻي ۽ مورجهر جي مرزا فارم هائوس تي وڙهيو ويو. پوءِ اهو تڪرار بعد ۾ سڄي ضلعي ۾ پکڙجڻ لڳو جنهن ۾ هاڻ بدين جا غريب ماڻهو ٻن حريف ڌڙن ۾ ورهائجي هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهن جنهن جا نتيجا بنهه خوفناڪ نڪري سگهن ٿا. خونريزي جو خطرو تيزي سان وڌي رهيو آهي. اصل ۾ اهو تڪرار ڪاروباري ۽ ذاتي مفادن جو آهي جنهن کي سياسي رنگ ڏنو ويو آهي. مرزا ۽ زرداري جي پراسرار جهيڙي ۾ شدت ان وقت آئي جڏهن اوچتو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيڪو پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر پڻ آهي جنهن گذريل اپريل مهيني ۾ بلاول هائوس جي چوڻ تي گذريل ٻن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين پ پ ضلعي بدين جو صدر رهندڙ پنهنجي تمام گهڻو ويجهو رهندڙ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري کي پ پ بدين جي صدارت تان هٽائي، مرزا مخالف ڌڙي جي اڳواڻ ايم اين اي ڪمال چانگ کي بدين ضلعي جو صدر ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو. جن ٻنهي مرزا مخالف اڳواڻن 25 اپريل تي ڪاري گونگڙي کان بدين شهر تائين ريلي ڪڍي جشن ملهايو. ريلي جي ان جشن ۾ مرزا خلاف نعريبازي ڪري چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون ويون، جنهن جي رد عمل ۾ مرزا جي هزارين حامين 30 اپريل تي بدين شهر ۾ وڏي ريلي ڪڍي پنهنجي طاقت جو ڀريور مظاهرو ڪيو.

zulfikar-mirza-300x225 (1)

مرزا جي حمايت ۾ نڪتل ان عوامي ريلي جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ مسلم ليگ (ن) جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ساوا جهنڊا کڻي مرزا جي حمايت ۾ پرجوش نعرا هنيا، جيڪا بدين جي سياست ۾ هڪ نئين ۽ غير معمولي ڳالهه هئي. ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر هن وقت اسماعيل راهو آهي، جنهن جي ئي حڪم تي مسلم ليگ (ن) بدين جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ مرزا جي حمايت ۾ رستن تي نڪري پيا هئا. ياد رهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار طرفان 90 واري ڏهاڪي ۾ شهيد عوام فاضل راهو جي اباڻي ڳوٺ راهوڪي تي پوليس جي چڙهائي ڪرائڻ کانسواءِ اسماعيل راهو خلاف ڪوڙا ڪيس ڪرائي هن خلاف سخت انتطامي ڪارروايون ڪيون هيون. ان وقت کان وٺي بدين جي سياست ۾ اسماعيل راهو ۽ ذوالفقار مرزا هڪٻئي جا سخت حريف رهيا. پر هاڻ اوچتو وقت ۽ حالتن اهڙو ته پلٽو کاڌو آهي جو اهي ٻئي هڪٻئي جا سخت سياسي حريف پاڻ ۾ پرچي ويا آهن. مرزا سرعام اسماعيل راهو جي حمايت ڪرڻ لڳو آهي ۽ اسماعيل راهو مرزا جي کليل حمايت ڪري رهيو آهي. ان ريلي ۾ ليگي ڪارڪنن عملي مظاهرو پڻ ڪيو.

مرزا جي حمايت واري ان هزارين پرجوش ماڻهن جي گڏيل ريلي جنهن ۾ پ پ جي حمايت جي ڳاڙهن ڪارن جهنڊن سان گڏ ساوا جهنڊا ۽ ڪجهه قومپرست پارٽين جا جهنڊا پڻ نظر اچي رهيا هئا. مرزا جي حامين طرفان ڪيل گڏيل طاقت جي مظاهري مرزا مخالفن کي مڇرائي وڌو. مرزا جي حمايتين جي ان زبردست ريلي ۾ سڀ کان گهڻو سرگرم رهندڙ هڪ واپاري نديم مغل کي 3 مئي تي بدين جي سي آءِ ڊي پوليس دڪان تان جڏهن کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت ڊاڪٽر ذولفقار مرزا مورجهر فارم هائوس تي موجود هو. جيڪو اهڙو اطلاع ملڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي بدين جي بازار ۾ پهتو. جتي تازو پ پ ۾ شامل ٿيل واپاري اتحاد اڳواڻ تاج محمد ملاح جو دڪان ان جو نشانو بڻيو ۽ بعد ۾ مرزا پنهنجي حمايتي ڪارڪنن جي هجوم سان گڏجي پوليس ماڊل ٿاڻي تي ڪاهه ڪئي پوءِ اتي جيڪو دنگل ٿيو اهو دنيا ڏٺو. اهو ڏينهن 3 مئي جو ڏينهن پڻ بدين جي تاريخ جو انتهائي ڀيانڪ ڏينهن هو. ان ڏينهن پڻ بدين ۾ وڏي خونريزي ٿيندي ٿيندي معجزانه طور تي ٽري وئي. ڇاڪاڻ ته جڏهن مرزا ڪارڪنن جي مشتعل هجوم سان گڏ ماڊل ٿاڻي تي چڙهائي ڪئي تڏهن وري مرزا جي هاڻوڪي مخالف ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جو هڪ هجوم مرزا جي مخالفت ۾ نعرا هڻندو ٿاڻي تي پهتو. ٻئي حريف ڌڙا ماڊل ٿاڻي اڳيان آمهون سامهون ٿي هڪٻئي خلاف نعرا هڻڻ لڳا، جهيڙو ٿيندي ٿيندي ٽري ويو. ان ڏينهن ئي وري ٻنهي ڌڙن جا هڪٻئي جي وال پوسٽرن، پينافليڪس ۽ بينرن تي حملا ڪري بينر ۽ پوسٽر ڦاڙي انهن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. اهڙي طرح ان ڏينهن بدين شهر ۾ مرزا ۽ زرداري گروپ جي بينرن ۽ پوسٽرن جو صفايو ٿي ويو. 4 مئي تي وري مورجهر فارم تي پوليس ۽ ڪمانڊوز جي وڏن اٽالن مرزا مخالف بدين جي پوليس جي ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي جي اڳواڻي ۾ بڪتر گاڏين جي مدد سان مرزا کي ساٿين سميت گرفتار ڪرڻ لاءِ چڙهائي ڪئي. اهڙ طرح مرزا ۽ زرداري واري اها ويڙهه بدين شهر ۽ مورجهر فارم هائوس کان نڪري 14 مئي تي وڃي پنگريون شهر تائين پهتي.

بدين ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ واهڻ وستين ۾ هر هنڌ مرزا جي ويڙهه جو ذڪر ٿيڻ لڳو. آفيسن، ادارن، گاڏين، اوطاقن، هوٽلن سميت گهرن ۽ دڪانن وارن سمورن عوامي مرڪزن تي مرزا جي بغاوت ۽ ويڙهه بحث مباحثي جو موضوع بڻيل رهيو ۽ بدين جي اڪثريتي عوام جون همدرديون مرزا ڏانهن ٿيڻ لڳيون. ان ويڙهه ۾ مرزا جي مقبوليت ۾ گهڻي واڌ اچڻ ۽ بدين جي عوام جي دلچسپي، جوش ۽ جذبي جو هڪ مثال اهو پڻ آهي ته 30 اپريل کان وٺي 10 مئي تائين بدين ضلعي جي شهرن جي بڪ اسٽالن ايجنٽن ۽ اخباري هاڪرن وٽان سڀئي ننڍيون وڏيون اخبارون هٿو هٿ وڪامي وينديون هيون ۽ سوين ماڻهن جا هجوم اخبارن جي تلاش لاءِ نڪري پوندا هئا.

ساڳي طرح جڏهن 22 مئي ته ڪراچي پوليس جي مرزا جي ڊفينس واري گهر تي ڪيل چڙهائي ۽ 23 مئي تي ڪراچي ۾ نقاب پوش پوليس ڪمانڊوز جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳيان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪيل گلو بٽ واري ڪارروائي جو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جتي سخت رد عمل ٿيو اتي بدين ضلعي جا ماڻهو ان واقعي تي سخت ڪاوڙيل نظر آيا ۽ ان واقعي کان پوءِ به هڪ هفتي تائين بدين ضلعي ۾ خاص طور تي سنڌي اخبارون پهچڻ شرط هٿو هٿ وڪامجي وينديون هيون. بدين ۾ ان ويڙهه دوران مرزا جي حمايت ويتر وڌي وڃڻ ۽ ان جو بدين ۾ هيرو ٿي وڃڻ کان سخت پريشان ٿي ويل پ پ جا هاڻوڪا مرزا مخالف اڳواڻ سخت پريشان ٿيڻ لڳا آهن. انهن مرزا جي مخالف وڏيرن، ڀوتارن ۽ سياسي اڳواڻن کي ٽڪيٽون، نوڪريون، ٺيڪا ڏيڻ جون لالچون ڏيئي پ پ ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪيو هو. جنهن ۾ 2013ع جي چونڊن ۾ پ پ جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر منڌري سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان تي آندو ويو. تاج محمد ملاح کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پڻ خاص طور تي بدين ۾ اچي پهتو هو. پر ان به جڏهن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ته 16 مئي تي بدين جا چار ايم پي اي هڪ ايم اين اي ڪمال چانگ ۽ دادو مان خصوصي طور تي گهرايل پ پ ايم پي اي رفيق احمد جمالي هڪ جرڳو ڪري مرزا جي هڪ اڳوڻي پڳمٽ يار ۽ بعد جي سخت مخالف حاجي شير جمالي کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ بدين ۾ ان جي بنگلي تي پهتا. ان موقعي تي بدين جي ميڊيا کي گهرائي پ پ جي اڳواڻن کين اها خوشخبري ٻڌائي ته مرزا جو ڪٽر سياسي مخالف حاجي شير جمالي پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي.

ميڊيا ۾ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مرزا جو بدين ۾ سياسي مقابلو ڪرڻ لاءِ هاڻ انهن مرزا جي هڪ سخت مخالف پهلوان کي پ پ ۾ شامل ڪري ميدان تي لاٿو آهي. مرزا مخالفن جي ڪيل اهڙن حربن ۽ سمورن مرزا مخالفن کي گڏ ڪري پ پ ۾ شامل ڪرڻ جي باوجود تازو ڪيل هڪ سروي موجب بدين ۾ مرزا جي مقبوليت جو گراف هر روز تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت تازو 20 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو چونڊون ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پهچي ويو آهي. بدين ۾ پيپلز پارٽي، مرزا ۽ مرزا مخالف ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي. انهن ٻنهي ڌڙن ۾ تڪرار هلي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن مقرر تاريخ تي غير جانبدار مڪاني چونڊون ڪرايون ويون جنهنجو امڪان گهٽ آهي ۽ ڊاڪٽر مرزا جيڪڏهن پنهنجو الڳ پ پ جو گروپ ٺاهي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پ پ جو مقابلو ڪيو ته اهو ڪانٽي جو مقابلو هوندو ۽ پ پ لاءِ بدين ضلعي ۾ سوئيپ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو