Home / سياسي افيئر / مھاجر سياست جڏھن رئيس امروھويءَ بُحرانن کي محسوس ڪندي مھاجر سوچ کي رد ڪري ڇڏيو !
above article banner

مھاجر سياست جڏھن رئيس امروھويءَ بُحرانن کي محسوس ڪندي مھاجر سوچ کي رد ڪري ڇڏيو !

نصير اعجاز  

ڪراچيءَ جي رستن تان لنگھندي سيد خورشيد احمد شاھه جي خلاف ٿيل وال چاڪنگ تي روز نظر پوندي آھي. ڪيترائي مھينا گذرڻ جي باوجود نه مِٽجندڙ ھن قسم جا جملا “مھاجرون ڪو گالي ديني والا خورشيد شاھه شاتمِ نبي ھي، اس ڪو توھينِ رسالت ڪي جرم مين اسيمبلي سي نا اھل قرار ديا جائي” سنڌ ۾ مھاجر سياست جو ثبوت آھن. سياسي اقتدار ۽ وسيلن تي قبضي لاءِ ملڪ ٺھڻ کان وٺي (لياقت علي خان کان الطاف ۽ سندس ساٿارين تائين) ھڪ مخصوص سوچ Mindset سرگرم رھي آھي جنھن اُردو ڳالھائيندڙ لکين ماڻھن کي مھاجر جو ٺپو ھڻي ھن ملڪ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين کان پري رکي اجنبيت جي احساس ۽ تلخين کانسواءِ ڪجھه نه ڏنو آھي. خورشيد شاھه انھيءَ پسمنظر ۾ ئي چيو ھو ته ورھاڱي کانپوءِ ھتي ايترا نسل پيدا ٿي چڪا آھن جو ھاڻي ڪوبه مھاجر ڪونه رھيو آھي تنھنڪري مھاجر لفظ جو ايترو استعمال نه ڪريو جو اردو ڳالھائيندڙن لاءِ اھا ھڪ گار بڻجي وڃي. تازو پنھنجي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ الطاف حسين وري مھاجر حقن جو نعرو ھڻندي اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ کي ڌرتيءَ ڌڻين کان پري رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي.

ورھاڱي وقت لڏپلاڻ سنڌ مان به ٿي پر ھتان لڏي ويل سنڌين ھندستان وڃي پاڻ کي پناھگير يا مھاجر ڪونه سڏايو. ھنن نئين ديس جي ماحول ۾ پاڻ کي جذب ڪرڻ سان گڏ پنھنجي سنڌي ھجڻ واري سڃاڻپ کي برقرار رکيو. لڏپلاڻ اوڀر پنجاب مان به ٿي پر انھن اولھه پنجاب (پاڪستاني پنجاب) اچي مھاجر سڏائڻ پسند نه ڪيو. ان لفظ جو ٺپو صرف انھن ماڻھن پاڻ تي ھنيو (يا ھڪ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت ٺپو ھنيو ويو) جن سنڌ ڏانھن رُخ رکيو. ذري گھٽ مُني صدي اڳ لڏپلاڻ ڪندڙ پاڻ ته مري کپي سنڌ ۾ ئي دفن ٿي ويا پر سندن نسلن کي اڄ به مھاجر سڏي اجنبي ھئڻ جو احساس وڌائي سنڌ جي معاشري ۾ ڦوٽ وڌي پئي وڃي.

ھاڻي ته اھا ڳالھه سمجھائڻ جي ضرورت ئي ڪانه رھي آھي ته ھڪ مخصوص ٽولو لياقت علي خان جي پوکيل موروثي سوچ ھيٺ مھاجريت واري سياست ڪري خود اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ لاءِ ذھني پريشانيون پيدا ڪري رھيو آھي. مھاجرن جي حوالي سان عالمي قانونن کان اکيون ٻُوٽي مھاجرن جي حقن ۽ ھنن لاءِ ڌار صوبو ٺاھڻ جي مطالبن ڪرڻ سان ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ نه پر خود اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ لاءِ غيريقيني حالتون پيدا ٿي رھيون آھن جيڪي اڃا وڌيڪ خراب ٿينديون وينديون. ان ڳالھه جو احساس خود رئيس امروھويءَ کي به ٿي چڪو ھو، جنھن جي ھڪ شعر سان سنڌ اندر 1972ع ۾ خوني نسلي فساد شروع ٿي ويا ھئا. بعد ۾ ھن ھڪ خط ۾ مھاجر لفظ جي استعمال کي رد ڪندي انديشو ڏيکاريو ھو ته پاڪستان جلد ئي وڏي گھوٽالي ۾ ڦاسندو.

16

جڏھن 1972 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ وارو بل پاس ڪرايو ھو تڏھن جنگ اخبار پنھنجي پھرين صفحي تي چوڌاري وڏن ڪارن اکرن ۾ رئيس امروھويءَ جو شعر “اُردو ڪا جنازه ھي ذرا ڌُوم سي نڪلي” ڇاپي سنڌ ۾ خوني نسلي فساد شروع ڪرايا جنھن دوران سنڌين جو قتلام ڪري سندن لاش بجليءَ جي ٿنڀن تي ٽنگيا ويا ھئا. انساني رت وھڻ جو ڪارڻ بڻجندڙ اھڙي شعر لکڻ تي امروھويءَ کي اڳتي ھلي شايد پڇتاءُ ٿيو ھجي پر جنگ اخبار جي مالڪ مير خليل الرحمان کي پڇاڙيءَ تائين ان تي شرمندگي ڪانه ٿي جنھن جو اظھار ھن 1990 ۾ ھڪ ھفتيوار اردو رسالي “اخلاقي جنگ” ۾ سندس ڇپيل انٽرويوءَ ۾ ڪندي چيو ھو: “ھم ني جو ڪُچھه صحيح سمجھا اُس ڪي مطابق ڪيا. ھمين اُس پي ڪوئي شرمندگي نھين. وه بل قائداعظم ڪي بيان ڪي خلاف ٿا. قائد اعظم ڪي وعدون ڪي خلاف ٿا. اس ليئي مين ني آواز اُٺائي.”

اھو ئي شعر لکندڙ امروھوي ۽ سندس ساٿي اُردو دانشورن 1978ع ڌاري پاڪ ھند پريم سڀا نالي سان ھڪ تنظيم جوڙي ھئي ۽ امروھوي اُن سڀا جو صدر ٿيو ھو. جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت ان تنظيم تي بندش وجھي ڇڏي ھئي پر سندن سرگرميون ڪنھن نه ڪنھن نموني جاري رھيون. انھيءَ ساڳي زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ھندستاني قانصلخانو کوليو ويو ھو جنھن جي عملدارن سان اُردو دانشورن جو تمام ويجھو رابطو ھوندو ھو. قانصلخانو کُلڻ کانپوءِ مني شنڪر آئر، ھندستان جو پھريون قانصل جنرل مقرر ٿي آيو ھو (اھو ئي مني شنڪر اڳتي ھلي انڊين پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ھو). ننڍڙي قد جو مني شنڪر تمام سرگرم سفارتڪار ھو ۽ سنڌ ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي سياسي، سماجي ۽ واپاري حلقن سان ويجھا لاڳاپا رکندو ھوـ سندس ھڪ ڪتاب (Pakistan Papers) 1994 ۾ شائع ٿيو ھو جنھن ۾ ھن لکيو ته رئيس امروھوي ۽ سندس تنظيم پاران ھندستاني قانصلخاني جي ھڪ عملدار جي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني وئي ھئي جنھن ۾ رئيس امروھويءَ ھڪ نظم پڙھيو ھو. ھندستان جي ڌرتيءَ لاءِ امروھويءَ جو پيار ۽ وڇوڙي جا جذبا ان نظم ۾ سمايل ھئا.  ھن اھو ئي نظم انگريزي ۽ ھنديءَ ۾ ترجمو ڪري پنھنجي ڪتاب ۾ شائع ڪيو. امروھويءَ جو اھو نظم ھيءُ آھي:

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

اُس خُلد گم شده تڪ، اُس ارضِ دل نشين تڪ

اُس خطئه جوان تڪ، اُس ڪشورِ حسيِن تڪ

پيارون ڪي سرزمين سي، پيارون ڪي سرزمين تڪ

ھم ھين جھان وھان سي، وه ھين جھان وھين تڪ

عرضِ نياز لي جا، جانِ ڪلام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

ميرا سلامِ اُلفت، يارون سي جاڪي ڪھنا

ڦُولون سي جاڪي ڪھنا، خارون سي جاڪي ڪھنا

حالِ وفا، وفا ڪي يارون سي جاڪي ڪھنا

پيارون ڪي دل ڪي باتين، پيارون سي جاڪي ڪھنا

اخلاص و دوستي ڪي سچي پيام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

يه ھنديون سي ڪھنا، او ھند جاني والي

ڀُولي سي ڀي نھين ھم تم ڪو ڀُلاني والي

منڪر نه ھوسڪينگي ھرگز زماني والي

ھين ھند و پاڪ والي سب اِڪ گھراني والي

ربطه خواص لي جا، شوقِ عوام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

جب سي بڇڙ گئي ھين، اُس خُلدِ رنگ و بُو سي

محروم ھوگئي ھين دل شوق و آرزو سي

باز آئينگي مسافر ڪي ذوق و جستجو سي

اب تڪ وھي ھي رشته دلي سي لکنئو سي

اجداد ڪي وطن تڪ اتنا پيام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

ڪيا ھم ڀُلا سڪينگي اجداد ڪي وطن ڪو

ڀُلي ھوئي فضا ڪو، بِسري ھوئي چمن ڪو

گنگا ڪي دلڪشي ڪو، جمنا ڪي بانڪپن ڪو

ماضي ڪي صحبتون ڪو، يارون ڪي انجمن ڪو

او ھند ڪي مسافر سوزِ تمام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

وه خاڪ جس پي ھم ني بچپن ڪي دن گذاري

اب تڪ بسي ھوئي ھي احساس ۾ ھماري

ڪيون ڪر نه ياد آئين ڪيون ھون نه دل ڪو پياري

اُس سرزمين ڪي ذري، اُس آسمان ڪي تاري

پيغام دوستي ڪي ڀارت ڪي نام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

اي خطئه جميل و رعنا، سلام تجھه پر

گُم گشته رونقون ڪي دنيا، سلام تجھه پر

اي واديِ ھماله، صد ھا سلام تجھه پر

گنگا سلام تجھه پر، جمنا سلام تجھه پر

جذبات خاص لي جا، احساسِ عام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

اي ھند ڪي بھارو تم ڪو سلام پنھچي

بڇڙي ھوئي نظارو تم ڪو سلام پنھچي

ڀارت ڪي چاند تارو، تم ڪو سلام پنھچي

برسون ڪي بعد يارو تم ڪو سلام پنھچي

يه نامهءَ محبت يارون ڪي نام لي جا

او ھند جاني والي ميرا سلام لي جا

وعده شڪن نھين ھم يه اعتماد رکنا

اخلاص ڪي مراسم حسبِ مراد رکنا

جو فخرِ دوستي ھو وه اتحاد رکنا

ھم تم ڪو ياد رکين، تم ھم ڪو ياد رکنا

يارون ڪي چند تحفي يارون ڪي نام لي جا

امروھويءَ جي ھن نظم کي انساني فطرت جي معنى ۾ ڏسجي ته سندس جذبات بلڪل جائز آھن ڇو ته جنھن ڌرتيءَ تي جنم وٺجي، جتي ننڍپڻ گذريو ھجي، جتي ننڍپڻ جا يار دوست ھجن، اُتان جون يادون ھجن، انھن سڀني پاڙُن کان پٽجي ٻيءَ ڪنھن ڌرتيءَ تي پناھه وٺجي، ته اھو درد ايترو جلد ختم نٿو ٿئي. بلڪل ايئن جيئن سنڌ مان دربدر ٿيل سنڌي اڄ تائين محسوس ڪن ٿا. پر ھندستان مان لڏي آيلن جا ڪيئي نسل سنڌ ۾ ڄاوا ۽ دفن ٿيا آھن، کين ھتي اھي سمورا حق ۽ مال ملڪيتون ڌرتيءَ ڌڻين کان به وڌيڪ مليا آھن،  جيڪي ڪنھن به حالت ۾ پناھگير يا مھاجر نٿا سڏائي سگھن. رئيس امروھويءَ 6 سيپٽمبر 1986 تي شير محمد عباسيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي ليٽر ھيڊ تي پنھنجي ھٿ اکرين لکيل خط ۾ پنھنجي خيالن جو ھنن لفظن ۾ اظھار ڪيو ھو : “بيشڪ مھاجر ڪوئي لفظ نھين ليڪن اتفاق سي اس لفظ ڪا رواج عام بن گيا ھي. آھسته آھسته لوگ اس لفظ ڪو ڀُول جائينگي. جو لوگ آج سي برسون قبل آئي ٿي وه ضرور مھاجر ٿي ليڪن اب وه يھين زيرزمين آرام ڪر رھي ھين. ھماري بيٽي، پوتي، بيٽيان، نواسيان سب اس سرزمين پر پيدا ھوئي. فرق صرف يه ھي ڪي بعض لوگ پانچ سو برس سي سنڌي ھين اور بعض لوگ پچاس برس سي. آپ مطمئن رھين ، ميري زندگي ڪا مشن ھي ڪي سنڌيون ڪو (نئي ھون يا پراني) ايڪ دوسري ڪي قريب تر لايا جائي. ”

15

رئيس امروھويءَ، جنھن ھتان جي حالتن کي سمجھيو پئي، پنھنجي خط جي پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ وقت جي بدترين حالتن جي اڳڪٿي ھنن لفظن ۾ ڪئي : “پاڪستان عنقريب ايڪ تباھه ڪُن بحران سي گذرني والا ھي. ھماري تاريخ ڪي نازڪ ترين لمحات شروع ھوني ھين. ” ھن آخر ۾ ھڪ شعر جي سِٽ لکي خط پورو ڪيو جنھن مان سندس بيوسي ۽ مايوسيءَ جي عڪاسي ٿئي ٿي : “ھم لوگ چراغِ سحري ھين، ھم سي ڪوئي اُميد مت رکو.”

رئيس امروھوي، جنھن معروضي حالتن کي سمجھندي مھاجر سياست کي رد ڪرڻ پي گھريو، تنھن کي سندس گھر (129 A  مانڪ جي اسٽريٽ، گارڊن اِيسٽ، ڪراچي) ۾ پنھنجي لائبريريءَ اندر 22 سيپٽمبر 1988 تي مئل حالت ۾ لڌو ويو . سندس مٿي ۾ پستول جي گولي لڳل ھئي. کيس بلڪل ايئن ختم ڪيو ويو ھو جيئن ھيل تائين اختلاف ڪندڙن جو خاتمو ٿيندو رھيو آھي.

مھاجر سياست ڪندڙ اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ کي ڌاريائپ جي احساس ۾ جڪڙي تباھه ڪرڻ کانپوءِ به سبق حاصل نه ڪيو آھي. جيڪڏھن ھو رئيس امروھوي ۽ اھڙن ٻين ھوشمند دانشورن جي سوچ تي ھلن ھا ته اڄ سنڌ جون حالتون مختلف ھجن ھا.

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل )

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو