Home / اسپيشل افيئر / نئين سنڌ جي ڳولها!؟
above article banner

نئين سنڌ جي ڳولها!؟

ارشاد ميمڻ

ورهاڱي کان تُرت پوءِ ‘نئين سنڌ’ جو محاورو ڇاڪاڻ سامهون آندو ويو- سوال آهي جنهن جي جواب سان بعد وارن ڏهاڪن جي سياسي، سماجي مونجهارن جو سڌو تعلق ڄاڻجي. 1935ع تائين هندو ۽ مُسلم اڳواڻ بناڪنهن مت ڀيد جي سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان آجي ٿيڻ ۽ اصل سڃاڻپ ٻيهر حاصل ڪرڻ واسطي تحريڪ هلائين ٿا. جُدا صوبي سندي حيثيت ملندي شرط مسلمان سياستدان ايندڙ چئن پنجن سالن منجهه ڌرمي بنيادن تي ٻيائي ڏيکاريندي، مُسلم نيشنلزم جي اچرج ڏياريندڙ لاڙي جو پاسو وٺندي، ٻهَ- قومي نظريي جو طرف اختيار ڪري اوڏانهن بيهي رهيا. جنم ڀومي جنهن جي نوي ورهين تائين وجود وڃائڻ جو درد ٿي ظاهر ڪيائون اُن جي پُٺيءَ ۾ خنجر وهائڻ واري سازش جو ڄَاڻَ هوندي ڀاڱو ٿيا. هندو- مسلمان فساد کي هوا ڏئي، ڌرتي ڌڻين جي بيدخلي جو ڪارڻ بڻيا. قوم ورهائجي ٽَوٽا ٽُڪرا ٿي وئي. اصولي طور، کين باقي بچيل ماڻهن کي تازي ڄاول مُلڪ سان وفاداري جو درس ڏيندي، اسلام جي ٿنڀن تي قائم پاڪستاني پَرَ خُوابي نيشن جو حصو ٿي جيئڻ جي واٽ وٺي وڃڻو هئو. بي سمجهي ۽ مارا ماري جو ٻج پوکڻ وارا خود هوُ پاڻ هئا. 47ع جي واقعي کانپوءِ رياستي ٽڪساٽ مٿان اوپرا ملٽري ۽ فيوڊل مفاد حاوي ٿيا ته سنڌ جي مسلم جاگيرداري خاطر قبضي گير ارادن جو پورائو مشڪل ٿي ويو. انهن وٽ هڪ ڀيرو وري سنڌي نيشنلزم ڏانهن واپسي کانسواءِ ٻيو رستو ڪو نه بچيو.

پنجاهه جي ڏهاڪي هلندي سڀني کي احساس ٿي چُڪو ته سنڌ هاڻ ساڳي نه هئي جيئن بمبئي کان ڌار ٿيڻ گهڙيءَ موٽي ملي. انوکي نموني جو اسٽيٽ پنجوڙ پنهنجي جاءِ تي، حقيقي سنڌيت نيڪالي وٺي سرحد پار رواني الڳ. هندستان مان لڏي آيل ڪٽڪ. پنجابي، پٺاڻ، بنگالي، بلوچ جي اڻکٽ آمد. صورتحال جنهن جو ڪو ترياق ئي نه، هٿن سان وڍيءَ جو وَيڄ ڪهڙو؟ سماج جي تعليم پرايل، ڪاروباري ۽ تهذيب جي قاعدن کان واقف ويڙهي کي ڏيهه بدري ڏئي باقي بچيل خلق ۾ ساڳئي انداز جي سڀيتا ڳولهڻ جي ضرورت پيش آئي. جهالت جي خرزين سو لوڪ ماضيءَ جون سهپ، رواداري ۽ ساڃاهه تي مبني خصلتون سانڍڻ لائق ڪيترو هئو، الڳ بحث ڪوٺجي. سياست وارن سان لکاري، دانشور، فنڪار گڏجي تنهن ڪرت ۾ لڳا. سياسي، ثقافتي طرز جي ان وَوڙ کي سنڌ جي نئين سر کوج، تلاش جو نالو ڏنو ويو. اهو سمئه هئو جو نسلي ۽ لساني لحاظ کان قومي تاڃي پيٽو بگاڙ جو شڪار ٿي چُڪو. آباديءَ جي ڳڻپ ۾ ڌرتي ڌڻي پوئتي ڌڪجي وائڙائپ ورتل پسجي رهيا هئا. هندن جي وڃڻ ڪارڻي پيدا ٿيل خِلا کي پُر ڪرڻ جي مسلمان سنڌين ۾ صلاحيت اڻلڀ. هو گهڻي قدر ڳوٺن ۾ رهندڙ ۽ اڻ پڙهيل، جديد زماني جي گهرجن کان غير واقف هئا. سندن مقابلي ۾ وڌيڪ سُڌريل ۽ واپار جي هُنر ۾ ڀَڙ اُتر انڊيا کان هتي پُهتل اردو ڳالهائيندڙ ڪٽنب شهري علائقن ۾ وسي ويا. جسماني مشقتن جا هيراڪ پٺاڻ، پنجابي انهن جا پيرا کڻندا اچي رسيا. شڪ ناهي ته اهڙي سموري عمل کي رياستي سرپرستي هيٺ اڄ ڏينهن تائين جاري رکيو پيو وڃي. ٻاهرين لوڌ سان مُنهن ڏيڻ واسطي هڪ ٻي غلطي ڪئي وئي.

24

کوڙ سياسي شخصيتن ورهاڱي جي حق ۾ بيهڻ ۽ موتين وانگر قيمتي سنڌيت کي سرحد جي هُن طرف ڌڪي ڇڏڻ واري ڏوهه جي احساس کي جَهڪو  ڪرڻ لاءِ باقي بچيل ماڻهن ۾ نئين سنڌ جي ڳولها جو هوڪو ڏنو. عجب ناهي ته ان طرح جي تلاش پويان سندن فيوڊل مقصدن ۾ اڻ پورائيءَ تي نراسائيءَ جي جذبن جي شدت به هُجي. ڇا به چئجي، 47ع کانپوءِ واري مُسلم ليگ کين اقتدار کان پري رکڻ ۾ شروعاتي ڏينهن کان سڦل رهي. ويچار ته هُو پاڪستان جي ڍانچي منجهه ۽ خاص طور تي هندو ڏاهپ جي غير موجودگي ۾ مکيه سياسي رول حاصل ڪري وٺندا، اجايو ثابت ٿيو. نه قوم رهي ۽ نه وري پاليٽڪس. هئڻ ته ايئن کپي ها جو پاڻ سَندي ناڪامي قبول ڪندي، ٻين ڪاڻ اسٽيج خالي ڇڏي گهر ڀيڙا ٿين ها. بعد جي ڏهاڪن جي واقعاتي تاريخ مختلف باب تحرير ڪيا آهن. انديشن جو خيال ڇڏي، اکيون ٻُوٽي، ٻين ٽين چوٿين غلطي ڪئي وئي.

سماجي سائنس جي مَتن جي اُبتڙ سنڌيت جي نئين سر تشريح ڪندي، قوم کي گَهڻَ نسلي، گهڻ لساني قرار ڏنائون. تنهن سچائيءَ کان لاٽار ڪندي ته دنيا جهان جنهن ڌڻ کي نيشن ٿو ڪوٺي نسلي لِڇَ منجهس پهرين خاصيت هُئڻ کپي. ٻولي، ڪامن ڪلچر، وطن ۽ ايڪانامي بعد جا مامرا آهن. ٿورائيءَ ۾ وڃڻ جي خطري سان مُهاڏي منجهه اگهور سُتل سنڌي قوم جو بَرُ وڌائڻ ڪاڻ ايئن ڪيو ويو، ظاهري طور. نتيجو ڇا نڪتو؟- پهاڙن تان لٿل بلوچ ۽ چولستان جا ريگستاني سرائڪي ته آباد ٿي ويا. سنڌ ماءُ. سنڌ ماءُ جا کوکلا نعرا هڻي پنجاهه لک کان مٿي پٺاڻ ۽ اوترائي پنجابي گهڙي آيا. افغان، ڪشميري، هزاري وارا ۽ الائي ڪيترا اجنبي. رياستي ادارن جون حرفتون انيڪ، اسان وارن اڪابرن جون لغزشون مؤتمار. اڄ اهڙي موڙ تي آهيون جتان هر هڪ وَاهَه بربادي ڀريل پسجي ٿي. ايڏي وڏي انگ ۾ ڌارين جي هُوندي پاڻ وارا سياسي، ثقافتي حق ۽ ساڻيهه جي وحدت ڪيئن محفوظ رهي سگهن، سمجهه کان چڙهيل بات آهي.

هاڻوڪي سنڌ ڪهڙي ۽ ڪنهن جي؟ ڊيموگرافي ۾ بگاڙ اسٽيٽ جي ويڳي ورتاءَ سبب ڄاڻجي؟ تنهن کان اڳ، ورهاڱي گهڙيءَ هتان جي مهندارن جا قُرب ليکي ۾ نه آڻجن؟ هر ڀيري وطن کي نئين سِر ڦلهورجي؟- سوچڻ جوڳا سوال آهن. سَٺ ۽ سَتر وارا ورهيه اڃا ٻيو نياپو کڻي آيا. خالي، ڍَانڍي ٿيل سنڌيت بَنا هوم ورڪ جي رياست سان مُهاڏي ۾ بيهاري، مثالي تشدد کي نينڍ ڏئي، ساڳين ادارن جي ڪُٽڻپي جا مزا ماڻيا ويا. ساڻيهه جا درد  کپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. تنهن وچ ۾، گهڻ نسلي سنڌي قوم جو ڦهلاءُ حيرت جوڳو چئجي. سِرائي، ٻروچ لوڌ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ پٺاڻ، پنجابي ڪٽڪن کي روڪڻ جي اخلاقي سگهه وڃائي ويٺا. هندستان کان لڏپلاڻ هلندي رهي. آجپي جي نعري لوڪ ۾ جذباتي طوفان پيدا ڪيو. سنڌ جي قومي آزادي سَندي تحريڪ کي جنهن تنظيم سازيءَ وسيلي توڙ پُڄائڻو هئو ان عمل کي اسٽيٽ ادارن جي سازشن جي پاڇي  ۾ داخلي ڪردارن هٿان ڀَور ڀَور ٿيندي سڀني نهاريو. ساڳئي منشور ۽ پروگرام سان ڏهن کان مٿي ٽولا سرگرم ٿيا. زباني احوالن کان پاسائتيون سندن ڏوهاري وارداتون پڻ اتهاس جي ڪاڳرن تي تحرير آهن. تنهن دوران، باقي رهيل هندو وچولي طبقي جي وطن نيڪالي جاري رهي. قومي ڪارڪن جنهن مخلوق کي ڪوٺجي سَا کيس بچائڻ ۾ ناڪام ۽ ڪٿي ڪٿي ڌرتي ڌڻين جي ڌِڪار واسطي رياستي ٽڪساٽن جي ساٿاري ڏٺي وئي. احتساب کان مٿاهان ڪيئي شخص ڳُجها رابطا، سگهارين ڌرين کان مُراعتون ۽ اهڙيون ٻيون عياشيون ماڻيندي به اڳواڻيءَ جي مَسند ويٺا رهيا، الاهي ڏهاڪن تائين. اندروني ڇڪتاڻ ڪارڻي رتوڇاڻ، ڌار آکاڻي آهي.

جائز انداز ۾ آدم شماري ٿئي ته اڇو ۽ ڪارو پڌرو هوندو. هر هڪ رهواسي لازمي طرح حقيقي مادري ٻولي ڄاڻائي. ماءُ جنهن زبان ۾ لولي ڏني آهيس سَا ٻُڌائي. گهرن اندر سرائڪي، بلوچي ڪندڙن کي ٻيائيءَ کان ڪم نه وٺڻ گهرجي. مهاجر صوبي قائم ٿيڻ جي خوف سبب مگسي، جکراڻي، جتوئي، لغاري سنڌي لکرائين ٿا. ان قسم جي ڊيڄاري مان به نڪرڻ کپي. شهري واگهن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ پٺاڻ ڪراچيءَ ۾ ويٺو آهي. اردو ۽ سنڌي آبادين هڪٻئي سان وڙهي پنهنجو ڪيترو نقصان ڪيو آهي، محسودَ سُڻائي ڇڏيندن. اندازو آهي ته راوي جي مادري ٻولي سنڌي ڳالهائيندڙ ٽيهه سيڪڙو کان سرس نه هوندا. اردو، پشتو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي ۽ ٻيون زبانون ٻوليندڙ اڪيچار گڏبا. اهڙي وايو منڊل ۾ ‘گهڻ نسلي، گهڻ لساني قوم’ جو پُلاءُ رڌڻ جو شوق جيڪڏهن ڪنهن کي آهي ته بيشڪ پورو ڪري. نئين سنڌ جي ڳولها جي راهه به ڄاڻايل مخلوق منجهان ئي گذري. آجپو، ڇوٽڪارو پڻ انهن سان وٺڻو پوندس.

مُنهنجي سنڌ کي اڄوڪي بربادي بخشڻ وارا اسٽيٽ ايپريٽس جو حصو ۽ اُتان جا پگهاردار آهن. ڪراچي، ڪنڌڪوٽ ترسيل. پتلون ۽ شلوار قميض پهريندڙ. هتي ٻولجندڙ هر ٻولي اُچاريندڙ. محلاتن ۾ ڪُڏندڙ. اُس ۾ سڙندڙ پُٺن اگهاڙا. 1930، 40، 50، 60، 70ع ۽ پوءِ جي ڏهاڪن ۾ سياست ڪندڙ. آزادي پسند، جمهوريت پرست. ڌرم جا پوڄاري، ناستڪ. خلق کي گرمائيندڙ شاعر، مُغني. سول سوسائٽي ۽ راتئون رات ڍاول. هوشمند، پيتل. استاد، شاگرد. آءُ پاڻ.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو