Home / اسپيشل افيئر / نوبيل انعام يافته رياضيدان جو رسامو!
above article banner

نوبيل انعام يافته رياضيدان جو رسامو!

انساني تاريخ ۾ اڄ تائين ڪيترائي اهڙا نالا آهن جيڪي شايد ئي سڀني جي اڳيان اچي سگهيا هجن، ليڪن سندن خدمتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اهڙا ماڻهو جن سڄي ڪائنات جي بهتري لاءِ جيڪي ڪم ڪيا يا تعليم جي ميدان ۾ جيڪي ڪم سرانجام ڏنا، جيڪي شايد ٻيو ڪير نه ڪري سگهي ها، اهڙا شخص هميشه ياد رکيا ويندا آهن. اهڙو ئي هڪ سورمو ۽ تاريخي شخصيت جان فوربس نيش هو. هن نه رڳو رياضي جي دنيا ۾ اهڙا انڪشاف ڪيا جيڪي اڄ تائين ڪنهن به چئلينج نه ڪيا هئا بلڪه هن اڪانامڪس، ڪمپيوٽنگ، ايولوشري، بائلاجي، اڪائونٽنگ، سياست، ملٽري ٿيوري ۽ ٻين مضمونن ۾ اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جو انهن مان اڄ تائين شاگرد مستفيض ٿي رهيا آهن.

رياضيدان هجڻ باوجود نيش جي ٻڌايل گيم ٿيوري، ڊفرينشنل جاميٽري، پارشل ڊفرينشنل، ائڪوشين عام زندگي جي نظام بابت به ڪيترن ئي پهلوئن بابت ٻڌايو. 1994ع ۾ جان نيش کي اڪنامڪس سائنس ۾ نوبيل انعام  ڏنو ويو، اهو نوبيل ساڻس گيم ٿيورسٽ رينارڊ ڊسيلٽن ۽ جان هارسنائي سان شراڪت داري ۾ هو.

84 ورهين جي جان جي زندگي عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ تمام مختلف آهي. ماڻهو عام معاشي ۽ معاشرتي مسئلن جو شڪار هئڻ باوجود به زندگي ۾ اڳتي وڌندا آهن ۽ پنهنجو مقام ٺاهيندا آهن. ليڪن جان کي ان کان به مختلف مسئلو سامهون هو. بي پناهه ذهانت ۽ محنت جو نتيجو اهو نڪتو جو هو گهٽ عمر ۾ ئي هڪ ذهني بيماري ۾ وٺجي ويو، جنهن کي پيرانائيڊ شيزوفرينا چيو وڃي ٿو. جان جي گهر واري ايليشا سڄي ڄمار جان جو ساٿ ڏنو ۽ ڪوشش ڪئي ته کيس ان بيماري مان نجات ملي، ۽ ايئن ٿيو به سهي.

48

پرنسٽن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ۽ ان کان پوءِ اتي پڙهائڻ جو ڪم جان جي قسمت ۾ هو. هو 1959ع ۾ ان مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ تقريبن 1970ع ۾ سندس دماغي حالت ٺيڪ ٿيڻ لڳي. ان دوران کيس اسپتال ۾ علاج هيٺ رکيو ويو، جان جي زال به پنهنجي ذميواري چڱي ريت نڀائي ۽ اهڙي ڏکئي وقت ۾ به سندس ساٿ نه ڇڏيو. ڇو ته کيس پڪ هئي ته جان هڪ نه هڪ ڏينهن واپس نارمل زندگي ڏانهن موٽ کائيندو. جيئن جيئن سندس ذهني حالت بهتر ٿي هو تعليمي سرگرمين ڏانهن واپس اچڻ لڳو. هو سڄو ڏينهن لائبرري ۾ ويٺو ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندو هو. ايئن هڪ ڏينهن کيس يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جي به اجازت ملي وئي.

وقت سان گڏ سندس روئي ۾ تبديلي اچڻ لڳي ۽ هو هر ان شخص کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو، جنهن کي ڳاڙهي ٽاءِ پاتل هوندي هئي. جان واشنگٽن ۾ خط موڪلڻ شروع ڪيا، جن ۾ لکيل هوندو هو ته ڪميونسٽ جلد آمريڪا ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ وارا آهن. جان جي ذهني ڪيفيت ان وقت حدون پار ڪري وئي جڏهن هو ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ آمريڪن ميٿميٽيڪل سوسائٽي ۾ ليڪچر ڏئي رهيو هو. علاج دوران نون سالن تائين ذهني علاج جي اسپتال ۾ رهيو ۽ ان کانسواءِ مرض وڌي وڃڻ سبب کيس انسولين شاڪ ٿراپي- ڏني وئي. جان لکيو هو ته هو ڪڏهن ڪڏهن دوا کائيندو هو سو به دٻاءُ ۾ اچي. 1970ع کانپوءِ نه هو ٻيهر ڪڏهن اسپتال ۾ داخل ٿيو نه وري دوائون کاڌائين.

ليکڪا سلويانشر، جان جي زندگي تي هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن کي پوءِ فلم جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو. “A Beautiful Mind” جي نالي سان ٺاهيل فلم ۾ رسل ڪرو، جان نيش جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان فلم کي آسڪر ايوارڊ به مليو هو. جان ان فلم کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ان فلم ۾ کيس دوائون استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو، پر حقيقت ۾ ايئن نه هو. هن جو چوڻ هو ته اسڪرپٽ رائيٽر جي ماءُ خود نفسياتي ماهر هئي ان ڪري اها نه پئي چاهي ته ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي دوائون نه کائڻ  جو سبق ڏنو وڃي. هڪ صحافي رابرٽ وائٽڪر پنهنجي مضمون ۾ لکيو هو ته: نيش جنهن قسم جي بيماري جو شڪار آهي، ان ۾ دوائون مرض کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون. انهي حد تائين جو سلويا جو به چوڻ هو ته نيش وقت سان گڏ

ٺيڪ ٿي رهيو هو، ان وقت سندس گهر واري ڊي لارڊي به سندس همت افزائي ڪئي.

هن جي زال چوندي هئي ته هوءَ پنهنجي خاموش زندگي گذاري چڪي آهي. نيش پنهنجي بيماريءَ بابت چوندو هو ته هو اهميت نه ملڻ ۽ خواهشون پوريون نه ٿيڻ سبب ذهني بيماري جو شڪار ٿيو. هو اهو پڻ چوندو هو ته جيڪڏهن آءُ بيمار نه ٿيان ها ته شايد منهنجي ذهن ۾ ايترا بهترين سائنسي آئيڊياز نه اچن ها. هو ڪيترن سالن تائين پنهنجي آسپاس ماڻهن جا آواز ٻڌندو رهيو، جيڪي اصل ۾ سندس ذهن جي تخليق هئا. ليڪن پوءِ هن اهڙن آوازن کي رد ڪري ڇڏيو.

“اي بيوٽيفل مائنڊ” فلم ۾ به اهوئي ڏيکاريو ويو آهي ته پنهنجي فرضي دوست، ملٽري جو ڳجهي ايجنٽ ۽ هڪ ننڍڙي ٻارڙي هميشه پاڻ سان گڏ ڏسي ٿو. هو ٻاروتڻ کان ئي شايد ان بيماري جو شڪار هو. ليڪن کيس ان جي خبر نه هئي.

جان کي ملندڙ اعزارن ۾ Neumann Theory prize 1978 ، نوبيل ميموريل پرائز سميت ٻيا ڪيترائي انعام شامل آهن. اِي ميل جي دؤر ۾ جان نيش پنهنجي ساٿي رياضي ماهرن سان گڏجي ڪم شروع ڪيو ۽ ان ٽيڪنالاجي جو به بهتر استعمال ڪيو. غير معمولي زندگي گذاريندڙ جان نيش جو موت به غير معمولي هو، کيس لِونگ ليجنڊز ۾ ڳڻيو ويندو هو. ويجهڙ ۾ ئي پنهنجي زال سان ٽيڪسي تي سفر ڪندي زندگي جي جنگ هارائي ويو. حادثي وقت به جان نيش ناروي مان Abel Prize وٺي واپس اچي رهيو هو. اهو حادثو نيو جرسي ٽرنپائيڪ ۾ پيش آيو، جنهن ۾ اهي ٻئي زال مڙس موت جو کاڄ ٿي ويا.

جان نيش پنهنجي بيماري دوران سندس خيال رکندڙ نرس ايلانورسٽيئر سان به جنسي لاڳاپا رکيا، جنهن مان کيس هڪ پٽ به آهي. ان معاشقي بابت سندس بابت ٺهيل فلم ۾ ناهي ٻڌايو ويو. 1957ع ۾ هو اليشيا ڊي لارڊي سان مليو، جيڪا ميچيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي گريجوئيٽ هئي. نيش به ان اداري ۾ پڙهائيندو هو ۽ ريسرچر طور ڪم ڪندو هو. انهن ٻنهي ٿورڙي عرصي کانپوءِ شادي ڪري ڇڏي ۽ جڏهن اليشيا کي پهريون ٻار ٿيڻ وارو هو تڏهن جان کي بيماري جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا.

جان جي موت کي سڄي دنيا ۾ افسوس جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. رسل ڪرو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن کي يقين نه پيو اچي ته نيش هاڻي ساڻن گڏ نه آهي. ذهني طرح بيمار هجڻ باوجود نيش اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جيڪي شايد نارمل ماڻهو به نه ڪري سگهي. پوليس آفيسرن جو چوڻ هو ته ٻنهي زال مڙسن جي موت جو وڏو سبب پوئين سيٽ تي ويهڻ باوجود سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ هو- جيڪڏهن هوسيٽ بيلٽ ٻڌن ها ته حادثي ۾ بچي پئي سگهيا.

Courtsy: International Media

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو