Home / ڪرنٽ افيئر / وفاقي بجيٽ 16- 2015 : وڏا واعدا پر گھٽ اميدون!
above article banner

وفاقي بجيٽ 16- 2015 : وڏا واعدا پر گھٽ اميدون!

shoja

شجاع الدين قريشي

هر سال وانگر هن سال به ايندڙ سال لاءِ نئين بجيٽ وفاقي حڪومت جي وزير خزانه اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ 5 جون تي پيش ڪئي. گھڻن اميدن ۽ آسرن جي باوجود هن سال جي بجيٽ به گذريل سالن جيان عام ماڻهو کي ڪو خاص رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. هر حڪومت بجيٽ جي ٽائيم تي وڏيون وڏيون دعوئون ڪندي آهي ته عوام کي بجيٽ جي ڪري رليف ملندو ۽ نون ٽيڪسن جو غريب تي ڪو اثر ڪونه پوندو، پر ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ اهي سڀ وعدا غلط ثابت ٿيندا آهن. توڙي جو حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ رکيل اقتصادي ترقي (جي ڊي پي) جي واڌاري جي شرح حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي هئي ۽ حدف 5.1 جي مقابلي ۾ صرف 4.24 سيڪڙو واڌ حاصل ڪري سگھي پر ايندڙ مالي سال لاءِ اهو حدف اڃا به وڌائي 5.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي، جيڪو بظاهر تمام گھڻو پرعزم آهي ۽ خدشو آهي ته هن سال وانگر اهو ٽارگيٽ به حاصل ٿيڻ محال هوندو. هلندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي واڌ جو حدف حاصل نه ڪرڻ جو سبب ڊار صاحب موجب گذريل سال سيپٽمبر ۾ پنجاب ۾ آيل ٻوڏ ۽ عمران خان ۽ مولانا طاهرالقادري طرفان 14 آگسٽ کان شروع ٿيل ڌرڻا هئا، جنهن سبب اقتصادي ترقي سست رفتاري جو شڪاري رهي.

ايندڙ مالي سال 16-2015 لاءِ ڪل 44 کرب 51 ارب جي رقم بجيٽ ۾ رکي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي مقابلي ۾ 3.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پر هن سال به بجيٽ خسارو 16 کرب 25 ارب ڏيکاريو ويو آهي. خزاني جي وزير اسحاق ڊار موجب بجيٽ جو وڏو حصو يعني 39.09 سيڪڙو ڏيهي ۽ پرڏيهي قرضن جي واپسي ۽ ان تي وياج لاءِ خرچ ٿيندو، جيڪو 1595 ارب روپيا هوندو. هلندڙ مالي سال دوران پڻ حڪومت ان مد ۾ 1566 ارب روپيا خرچ ڪري چڪي آهي. ڊفينس لاءِ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 781 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي مقابلي ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان رقم مان 45 ارب روپيا صرف قبائلي علاقن ۾ هلندڙ آپريشن ضرب عضب تي خرچ ٿيندا.

Budget

گذريل سال پڻ اهو واعدو ڪيو ويو هئو ته سال دوران مني بجيٽ ڪونه ايندي، پر اسان ڏٺو ته نه صرف ڪيتريون ئي مني بجيٽون آيون، پر ڪيترا ڀيرا ٽيڪسن ۾ ڦير ڦار پڻ ڪئي وئي جنهن سبب مهانگائي گھٽائڻ جي دعوائن جي باوجود کاڌ خوراڪ جي ضروري شين ۾ واڌارو برقرار رهيو. هلندڙ سال دوران عالمي منڊي ۾ پئٽرول جي اگھن گھٽجڻ سبب پاڪستان ۾ پڻ پيٽرول جي اگھن ۾ ڪنهن حد تائين گھٽتائي آئي پر ان جي باوجود ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪا گھٽتائي ڪونه آئي. هن سال به سگريٽن ۽هار سينگار يعني ميڪ اپ جي شين تي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌرجي سڀني سياسي پارٽين هن بجيٽ کي رد ڪندي ان کي غريب دشمن ۽ سرمائي دارن بجيٽ قرار ڏنو آهي. عمران خان، آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار سميت سڀني سياسي اڳواڻن نئين بجيٽ کي ننديدي ان کي مزدور، هاري دشمن ۽ سرمائيدارن کي نوازڻ واري بجيٽ قرار ڏنو آهي. پر وفاقي وزير ڊار ان کي پروپيگنڊا قرار ڏيندي بجيٽ کي غريب پرور قرار ڏنو، هن بجيٽ کان پوءِ ٻئي ڏينهن ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين تي به ڇوھ ڇنڊيا.

هن بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۽ پينشنن ۾ 7.5 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏوگڏ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ ملندڙگذريل سالن جي ٻن عبوري واڌارن کي بنيادي پگھار ۾ ضم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اسحاق ڊار موجب سرڪاري ملازمن جي آمدني ۾ 13 کان 14 سيڪڙو واڌاري سان گڏ انهن کي اڳتي هلي پينشن ۾ پڻ فائدو ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي آهي. ان کان سواءِ وفاقي سرڪارجي ملازمن لاءِ ميڊيڪل الائونس ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. جنهن تحت هڪ کان 16 گريڊ تائين جي ملازمن کي ملندڙميڊيڪل الائونس هڪ هزار رپين مان وڌائي 1250رپيا ڪيو ويو آهي.

پر نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ غير هنرمند مزدورن جي بنيادي پگھار ۾ صرف 1000 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪا هاڻي 13000 ماهوار طور مقرر ڪئي وئي آهي. اها پڻ حقيقت آهي ته اها بنيادي پگھار پاڪستان ۾ ڪوبه نجي ادارو پنهنجن ملازمن کي نه ڏئي رهيو آهي. جيئن ته گهٽ ۾ گهٽ ويج جو قانون ٺهيل آهي، ان ڪري حڪومت رسمن هر سال بجيٽ جي موقعي تي اهو اعلان ڪري ٿي، پر ان تي عمل درآمد لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا پيا وڃن. ان کان سواءِ نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملازم مختلف شين تي لڳندڙ ٽيڪسن ۾ واڌاري سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. موجوده حڪومت تمام پٺتي پيل طبقن لاءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان شروع ڪيل بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام کي جاري رکيو پئي اچي ۽ ايندڙ سال لاءِ ان ۾ واڌارو ڪري ڪل 102 ارب روپيا رکيا ويا آهن ۽ وفاقي حڪومت اها به دعويٰ ڪئي آهي ته 50 لک نوان ڪٽنب به ان اسڪيم ۾ شامل ڪيا ويندا.

سرڪاري ترقياتي (پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ) پروگرام لاءِ بجيٽ ۾ ڪل1514 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ وفاق تحت مڪمل ٿيندڙ منصوبن لاءِ 700 ارب روپيا، ۽ صوبن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 814 ارب روپيا رکيا ويا آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ رقم پنجاب صوبي لاءِ رکي وئي آهي، جيڪا 452 ارب روپيا آهي، سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ صرف 192 ارب روپيا رکيا ويا آهن. خيبر پختونخواھ لاءِ 124 ارب روپيا ۽ بلوچستان لاءِ صرف 45 ارب روپيا رکيا ويا آهن.

educationbudgetcutspakistan

وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن لاءِ 72 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جن مان 45 ارب روپيا داسو پاورپروجيڪٽ لاءِ ۽ 21 ارب روپيا ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ رکيل آهن. بجلي جي پيداوار ۾ واڌارو موجوده حڪومت جي اوليت رهي آهي، ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ پڻ بجلي جي ڪيترن ئي منصوبن لاءِ رقمون رکيون ويون آهي. حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ڊسمبر 2017 تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ وفاقي وزير فرمايو ته حڪومت 7000 ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ داخل ڪندي جنهن سبب ڊسمبر 2016 تائين بجلي جي پيداوار ۾ 10600 ميگاواٽ جو واڌارو ٿيندو. حڪومت ايل اين جي گئس ذريعي بجلي جي پيداوار کي هٿي ڏيارڻ گھري ٿي، ان سلسلي ۾ اميد ته ايل اين جي ذريعي ايندڙ سال 3600 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي.

وفاقي حڪومت طرفان ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولتون ڏيڻ لاءِ گرين لائين بس منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي ڪل 16 ارب رپيا خرچ ايندو. اهو منصوبو اميد ته ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو. وزير اعظم جي قرضن واري اسڪيم لاءِ 20 ارب روپيا رکيا ويا آهن،

ڪاروباري طبقي لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪيترائي فائدا ڏنا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ٽيڪس ۾ ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر ڪجھ نوان ٽيڪس به انهن تي لاڳو ڪيا ويا آهن، ۽ ڪجهه شين مٿان ٽيڪس جي شرح ۾ واڌاروپڻ ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 120 ارب رپين جي برابر ٽيڪس رعايتون يعني سبسڊيون ختم ڪيون ويون آهن. هن بجيٽ ۾ 267 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، جن ۾ دهشت گردن خلاف جاري آپريشن جي خرچن جي پورائي لاءِ 29 ارب روپين جو هڪ نئون ٽيڪس دولتمند ٽيڪس پياريندڙن تي مڙهيو ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ نئون ”سپرٽيڪس“ جيڪو صرف هن سال لاءِ ئي هوندو انڪم ٽيڪس ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي. اهو ٽيڪس انهن فردن يا ڪمپنين تي لاڳو ٿيندو جن جي ڪمائي 500 ملين (50 ڪروڙ) سالياني يا ان کان مٿي هوندي. ان ٽيڪس جي شرح بيڪنگ ڪمپنين تي 4 سيڪڙو جي حساب سان ۽ باقي ٻين فردن ۽ ڪمپنين تي 3 سيڪڙو ساليانو جي حساب سان لاڳو ٿيندو. انڪم ٽيڪس جي ڪلچرکي هٿي وٺرائڻ لاءِ گذريل سال انهن شهرين تي وڌهولڊنگ ٽيڪس (ايڊوانس انڪم ٽيڪس) جي شرح ۾ وڌارو ڪيو ويو هو جيڪي پنهنجا ٽيڪس ريٽرن جمع نه ڪرائيندا آهن. هن سال پڻ ان شرح ۾ اضافو ڪيو ويو ويو آهي. ٺيڪيدارن طرفان شين جي سپلاءِ ۽ سروس مهيا ڪرڻ تي وڌهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيندو آهي، ان کان علاوه بئيڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن ۾ جمع ڪرايل رقمن تي ملندڙ منافعي تان به 10 سيڪڙو جي حساب سان وڌهولڊنگ ٽيڪس ڪاٽيو ويندو آهي، جيڪو ايندڙ سال وڌائي 12 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته بئنڪن مان ملندڙ بچت اسڪيمن تي منافعواڃا به گھٽ ملندو. مارڪ ريٽ ۾ اڳ ئي گھٽتائي اچي چڪي آهي، جنهن سبب بئنڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن ۾ رکيل بچتن تي ملندڙ منافعو نه هجڻ برابر وڃي رهيو آهي.

ٽيڪسٽائل شعبي لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪجهه خاص رعايتن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. هلندڙ سال جي فيبروري جي مهيني دوران وفاقي سرڪار هڪ ٽيڪسٽائيل پاليسي (19-2014) جو اعلان ڪيو هئو، جنهن تحت ٽيڪسٽائيل جي ايڪسپورٽن لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون ۽ ٽيڪسن ۾ رعائتون ڏنيون وينديون ته جيئن پاڪستان کان ٽيڪسٽائيل جي ايڪسپورٽ موجوده 13 بلين ڊالرن جي حد مان وڌي پنجن سالن اندر ٻيڻي يعني 26 ارب ڊالر ٿي وڃي. اها رعايتون ملڪ اندر پيداوار دوران وصول ڪيل مقامي ۽ وفاقي ٽيڪسن جي ايڪسپورٽ کان پوءِ واپسي (ربيٽ) پڻ شامل آهي. ايڪسپورٽ ري فائنانس ۽ ڊگھي عرصي لاءِ قرضن جون سهولتون پڻ انهن لاءِ پهرئي جولاءِ کان موجود هونديون، اهڙن قرضن تي وياج جي شرح صرف 4.5 سيڪڙو هوندي. ان کان علاوه ٽيڪسٽائيل جي ڪارخانن ۾ بهتري آڻڻ، نيون مشينون خريد ڪرڻ ءِ انهن جي مرمت ڪرائڻ وغيره لاءِ سهولتوڻ پڻ شامل آهن.

دهشت گردي جو شڪار صوبي خيبر پختونخواه جي صنعتڪارن ۽ ڪمپنين لاءِ ٽيڪسن ۾ اسپيشل رعايتون ڏنيون ويون آهن. پهرئين جولاءِ 2015 کان وٺي 30 جون 2018 جي عرصي دوران صوبي خيبر پختونخواه ۾ لڳندڙنين صنعتن کي انڪم ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪي پي ڪي صوبي مان افغانستان ڏانهن ايڪسپورٽ ٿيندڙ کاڌ خورڪ جي سامان جي ڏي وٺ امريڪي ڊالر بدران پاڪستاني روپيي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪندي خزاني جي وفاقي وزير چيو ته پهرئي جولاءِ 2015 کان پوءِ صوبي خيبر پختونخواه مان ڀاڄيون، ميوا، کير مان ٺهندڙ شيون، گوشت وغيره موڪلڻ جي اجازت هوندي ۽ ان سلسلي ۾ ڏي وٺ پاڪستاني روپي ۾ ڪري سگھبي.

موبائيل فون سيٽن تي لڳل ڊيوٽي ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي هئي، البته اها شرح ڪجھ گھٽ ڪئي وئي آهي. اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ وضاحت ڪندي چيو هئو ته موبائل فون تي لاڳو ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي کي ضم ڪري ان عام قسم جي موبائل تي اڳ ۾ 150 رپين جي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 200 رپين جي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو هئي هاڻي انهن ڊيوٽيز کي ضم ڪري ڪل ٽيڪس 300 رپيا ڪيو ويو آهي جيڪو اڳ کان 50 رپيا گهٽ آهي. ساڳي ريت وچولي قيمت جي موبائل فون تي 250 رپيا ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ 200 رپيا ريگيوليٽري ڊيوٽي هئي جنهن کي ڪل 500 رپيا ڪيو ويو آهي جڏهن ته مهانگن فون سيٽن تي لاڳو ريگيوليٽري ڊيوٽي 200 رپيا ۽ ڪسٽمزڊيوٽي 500 رپين کي ضم ڪري ڪل 700 روپيا ڪيا ويا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو