Home / اسپيشل افيئر / ويرم پاهوڙو، جنهن سنڌ تي ڪاهه ڪندڙ علاءُ الدين خلجي سان جنگ ڪئي!
above article banner

ويرم پاهوڙو، جنهن سنڌ تي ڪاهه ڪندڙ علاءُ الدين خلجي سان جنگ ڪئي!

رمضان دلدار چڍڙ

سنڌ جي تاريخ سان اها وڏي ستم ظريفي آهي جو اسان وٽ پنهنجي ڪا به مستند تاريخ لکيل نه آهي. سنڌ بابت جيڪي به تاريخون لکيل آهن، اهي يا ته درٻاري نقطئه نظر سان لکيل آهن يا وري مذهبي جذبي هيٺ، جن ۾ وڏا مونجهارا آهن. ٿورو گهڻو انگريز محققن ۽ مورخن سنڌ جي تاريخ بابت سٺو ڪم ڪيو. پر اهو سڀ ڪجهه ناهي، سنڌ جي تاريخ تي اڃا به گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي سوڍا سرويچ آهن جن پنهنجي سرن جا نذرانا ڏنا پر سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو به ڳڻائي نه سگهيا. اهڙن گمنام سورمن مان “ويرم پاهوڙو” به هڪ آهي. جنهن جو سنڌ جي معتبر تاريخن ۾ ڪو به ذڪر ٿيل ناهي.

چون ٿا ته جنهن وقت چنيسر دودي ۽ ٻين سومرن کان ڪاوڙجي هندستان جي شهنشاهه علاءُ الدين وٽ دانهن کڻي ويو ته موٽ ۾ علاءُ الدين هڪ وڏو لشڪر چنيسر سان گڏ سنڌ تي چاڙهي موڪليو. هڪ روايت موجب علاءُ الدين پاڻ چڙهائي ڪري آيو هو. ٻي روايت موجب ته سندس فوج جو سپهه سالار “سالار خان” لشڪر وٺي آيو هو. ايم ايڇ پنهور موجب ته “دودي سومري ۽ علاءُ الدين وچ ۾ جنگ لڳي ئي نه هئي. اها هڪ ڏند ڪٿا آهي”.

روايت موجب جنهن وقت علاءُ الدين جو لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيو ته ان وقت هڪ صوفي سنت ويرم پاهوڙي پنهنجن مريدن کي چيو ته دودو اسان جو راجا آهي ۽ اسان ان جي پرجا آهيون. علاءُ الدين لشڪر وٺي اسان جي وطن تي ڪاهيو پيو اچي. اسان تي اهو فرض آهي ته علاءُ الدين سان ويڙهاند ڪريون توهان مان جيڪي به واپس وڃڻ چاهين اهي ڀلي وڃن. منهنجي موڪل اٿن باقي جيڪي وڙهڻ لاءِ تيار هجن اهي مون سان گڏ هلن. پوءِ ڪجهه مريد ڀڄي ويا باقي پنج سئو مريد وٺي وڃي “ويرم پاهوڙو” علاءُ الدين لشڪر جي سامهون ٿيو ۽ هي سڀ وطن تان قربان ٿي ويا.

“ويرم پاهوڙو” وطن دوستي جو لازوال ڪردار آهي پر ويرم پاهوڙو ڪير هو؟ ڪٿي جو هو؟ سندس اصل نالو ۽ مذهب ڪهڙو هو؟ ان بابت تاريخ بلڪل ماٺ آهي. گهڻي جاکوڙ ۽ گهڻن ڪتابن اٿلائڻ کانپوءِ “ويرم پاهوڙي” بابت جيڪو مواد هٿ آيو آهي اهو هت ڏجي ٿو.

“ويرم پاهوڙي” بابت حاجي حقيرا بن منڱڻ لکي ٿو ته: “تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ هڪ الله لوڪ درويش رهندو هو جنهن جو نالو “ويرم پاهوڙو” هو. هن جا بيشمار مريد هئا. علاءُ الدين خلجي جي ڪٽڪ جي اچڻ جي خبر سڻي هن پنهنجن مريدن کي پاڻ وٽ ڪوٺايو. ڪيترائي مريد اچي ڪٺا ٿيا. هن پنهنجن مريدن کي چيو ته : اوهان کي خبر آهي ته چنيسر ڄام دهلي مان علا‍ءُ الدين جو لشڪر چاڙهي آيو آهي، اوهان کي اها خبر آهي ته علاءُ الدين زبردست بادشاهه آهي جنهن سان پنهنجي بادشاهه ۽ سندس سومرن سردارن جي پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي، ظاهر ۾ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته سومرن جي هار ٿيندي.

22

پاڻ دودي جا رعيتي آهيون. پنهنجو فرض آهي ته پاڻ بادشاهه ۽ وطن لاءِ وڙهون، مريدن مان گهڻا بزدل ٿي ڀڄي ويا. باقي پنج سئو مريدن چيو ته سائين اسين حاضر آهيون. “ويرم پاهوڙو” پنج سئو مريد وٺي وڃي علاءُ الدين جي فوج کي سامهون ٿيو. فوج جي سپهه سالار کلي “ويرم پاهوڙي” ۽ سندس ساٿين کي چيو ته اوهين بي هٿيار ۽ ٿورا ماڻهو علا ؤ الدين جي شاهي ۽ عاليشان لشڪر سان پورا پئجي ڪين سگهندا ماٺ ڪري موٽي پنهنجي ماڳ وڃو، پر هي سورهيه ڏنڊا کڻي ڪٽڪ ۾ ڪاهي پيا ۽ دليري سان وڙهي سڀ شهيد ٿيا.

نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته “ويرم پاهوڙو” هندو هو. ڏسو ته هن کي پنهنجي وطن ۽ بادشاهه لاءِ ڪيترو نه پيار هو. “ويرم پاهوڙو” هندو مسلم/ اتحاد ( ايڪتا) جو ڪوڏيو نه هجي ها ته پاڻ کي ۽ پنهنجن مريدن کي شهيد ڪين ڪرائي ها. هن جي ڳالهه مان هندو ۽ مسلمانن کي سبق سکڻ گهرجي. (ڪتاب “دودو ۽ چنيسر” صحفو 30-29 مصنف حاجي حقير ابن منڱڻ- ٽنڊو قيصر)

مٿي ڏنل حوالي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته“ ويرم پاهوڙو” سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪردار آهي. حاجي حقير جي لکڻي موجب ته “ويرم پاهوڙو” هڪ روحاني پيشوا ۽ محب وطن ڪردار هو، جيڪو وطن مٿان مريدن سميت قربان ٿي ويو هو. پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. “ويرم پاهوڙو” کي وري درويش بجاءِ دودي جو درٻاري سردار لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:

“ويرم پاهوڙو” جيڪو دودي جي درٻارين مان هو تنهن جڏهن ڏٺو ته علاءُ الدين جي مقابلي ۾ دودو ٻين ڏانهن مدد لاءِ خط لکي ٿو ۽ ننگر کي ٿو جنگ تي چاڙهي تڏهن وڏي همت ۽ حوصلي سان وري وري دودي کي ايئن پئي چيائين ته دودا تون پاڻ چڙهه ته هلي بادشاهه جو مقابلو ڪريون. اڳيان ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:

پوءِ جڏهن علاءُ الدين جو لشڪر هاڪڙو ڍورو ٽپيو ته ويرم پاهوڙو پنهنجي جنگجو بهادرن سان شاهي لشڪر کي اڙَ ٿي بيٺو ۽ وڏي جنگ ڏنائين. (ڪتاب “سومرن جو دور” ص73-72 مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 73 جي حاشئي ۾ تي لکي ٿو ته:

پاهوڙو ذات جو نالو “پهوڙ” سان ملي ٿو. ڪن جو بيان آهي ته ويرم هڪ فقير، چور يا ڪورين جو سردار پڻ ڪوٺيو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وري ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 207 تي لکي ٿو ته:

ويرم پاهوڙو سندن طاقت وارو سردار هو جيڪو علاءُ الدين جي لشڪر سان وڙهيون (سومرن جو دور صفحو 207.)

“ويرم پاهوڙو“ اصل ڪٿي جو هو؟ ان بابت ڪا به تصديق ٿيل خبر ناهي؟ ويرم پاهوڙي ڪٿ ويڙهه ڪئي هئي؟ ان بابت به مختلف ۽ متضاد بيان آهن. ڪن جو موقف آهي ته ميرپور ماٿيلي وٽ مقابلو ڪيو هيائين.

وري ڪن جو رايو آهي ته روپا ماڙي وٽ وڙهيو هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:

هڪ بيان موجب هن ماٿيلي وٽ مقابلو ڪيو ۽ ٻئي بيان موجب هن جو ماڳ مڪان روپا جي ٻاهران هو. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: اسان کي جاتي ۽ شاهه ڪپور طرف کليل ڪچهري ۾ ايئن معلوم ٿيو ته “ويرم پاهوڙي جي ماڙي جا نشان شاهه ڪپور کان 3 ميل اوڀر طرف گونگره دريا (ڍوري) جي ڪنڌي تي آهن. (ڪتاب سومرن جو دور صفحو 73)

ڊاڪٽر صاحب کي ايئن معلوم ٿيو معنيٰ شڪي ڳالهه آهي، ڊاڪٽر بلوچ به ڪا حتمي راءِ ڪا نه ڏني آهي ته “ويرم پاهوڙي” جو واقعي به هي ماڳ مڪان يا ماڙي هئي يا آهي. ڊاڪٽر صاحب جو ٻڌل روايتن تي هڪ رايو هو حرف آخر فيصلو ڪو نه هو.

سڀ کان پهريان اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته آيا علاءُ الدين جو لشڪر سنڌ ۾ داخل ڪهڙي طرف کان ٿيو هو؟ يعني دهلي کان ڪهڙو گس وٺي سنڌ ۾ آيو هو؟ کنڀاٽ گجرات کان ملتان ۽ پتڻ مناري بهاولپور کان ؟ الهندي پاسي اروڙ ۽ سيوهڻ کان ؟ يا اڀرندي “ناري” وارو گس ورتائين.

ڇو ته روايتن ۾ علاءُ الدين جي لشڪر جا اهي سڀ گس ٻڌايا ويا آهن. سڀ کان پهريائين گس تي علاءُ الديني لشڪر سان “ويرم پاهوڙو” ئي وڙهيو هو. ان لاءِ سڀ کان پهريان اهو ماڳ ڳولڻو آهي جت “ويرم پاهوڙو“ علاؤ الدين جي لشڪر سان وڙهيو هو.

منهنجي خيال موجب ته “ويرم پاهوڙو” ميرپور ماٿيلي جي حد ۾ وڙهيو، علاءُ الدين جي لشڪر جي لاڙ ۾ داخل ٿيڻ وقت وڏي واويلا ٿي هوندي گس گهيڙ تي سنڌ جون ڪافي ذاتيون وڙهيون هونديون. ڌنار، پنهوار، ملنگ، موالي، ملاح، جت وغيره.

پر “ويرم پاهوڙو” سڀني کان اڳ وڙهيو هو. جيڪڏهن علاءُ الدين جو لشڪر ڪڇ ڀڄ کان اچي ها ته سڀ کان پهريان “ابڙو” ويڙهاند ڪري ها. ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته علاءُ الديني لشڪر ڪڇ وارو گس وٺي ڪو نه آيو هو.

راجسٿان کان سنڌ جي ٿر وارو رستو وٺي، ها ته علاءُ الدين سان “هاسو سوڍو” ضرور ٽاڪرو ڪري ها.

علاءُ الدين جو لشڪر آيو ئي چولستان ۽ميرپور ماٿيلي وارو گس وٺي، ان ئي گس تي “ويرم پاهوڙو” پنهنجن مريدن سميت سنڌ تان قربان ٿيو آهي. باقي “ويرم پاهوڙي” جو ماڳ مڪان شاهه ڪپور طرف يا روپا ماڙي طرف ٿي سگهي ٿو.

ڄام فيروز الدين انڙ لاڙجو هو پر گورنر سيوهڻ ۾ هو ان ڪري “ويرم پاهوڙو” ڪن سببن ڪري ان طرف مريدن ۾ ويل هجي ( اها هڪ راءِ آهي) اهو مون هت درج ڪيو آهي. منهنجي سنڌ جي عالمن ۽ محققن کي گذارش آهي ته هو “ويرم پاهوڙي” بابت وڌيڪ تحقيق ڪري هاڻوڪي ۽ ايندڙ نسل کي سنڌ جي تاريخ بابت سهي آگاهي ڏين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو