Home / ايڊيٽوريل / پاڪ_چين دوستي ۾ سنڌ ڪيتري زنده آباد؟
above article banner

پاڪ_چين دوستي ۾ سنڌ ڪيتري زنده آباد؟

may 31-16
ڪو زمانو هيو جو چوندا هيا ته روس افغانستان کي فتح ڪري گرم پاڻي تائين، معنيٰ سنڌي يا عربي سمنڊ تائين پهچڻ چاهي ٿو. زار روس جي زماني ۾ برطانوي فوجون افغانستان فتح ڪري روس جي ان خواهش آڏو بند ٻڌڻ چاهن پيون. 1980 ۾ جڏهن ڪميونسٽ روس جون فوجون افغانستان پهتيون ته آمريڪا پاڪستان سان گڏجي روس جي رستا روڪ ڪئي. هاڻ وري چين گرم پاڻي معنيٰ سنڌي عربي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ گوادر پورٽ جو انتظام هٿ ۾ ورتو آهي. گوادر کان چين تائين سامان جي ترسيل لاءِ جيڪو رستو ٺهندو تنهن کي “اقتصادي راهداري” سڏيو پيو وڃي.ان رستي کي استعمال ڪندي چين کي آفريقا ۽ يورپ سان واپار ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. هزارين ميلن جو مفاصلو گهٽبو.
خالي گوادر نه، چين هندي ڏکڻ سمنڊ ۾ گوادر جهڙا کوڙ پورٽ ٺاهي رهيو آهي. ويٽنام، ڪمبوڊيا، ٿائيلينڊ، برما، بنگلاديش، سريلنڪا، مالديپ، پاڪستان، ڪينيا ۽ سوڊان ۾ سامونڊي واپار جا پورٽ ٺاهي رهيو آهي يا ٺهيل ٺُڪيل پورٽن ۾ سهولتون وٺي رهيو آهي. سندس ان پاليسي کي Strings of Pearl سڏجي ٿو. اڪثر ملڪن ۾ ته چين کي اهي سهولتون رضا خوشي سان ملي ويون پر پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام سبب اهو منصوبو سالن کان رولڙي جو شڪار رهيو آهي. تازو چين جو صدر پاڪستان آيو. چيني سيڙپ جي واعدن تي شادمانا ٿيا. اقتصادي راهداري جو اصطلاح به ان ئي دوري دوران گونجيو. جيڪي نقشا نواز ليگ سرڪار جاري ڪيا تن مان خبر پئي ته “ٺهي نه ٺهي مڙئي سرائي واري ڪار ” ڪندي نواز ليگ سرڪار اها راهداري پنجاب کڻي پئي وڃي، جتان اهو رستو موڙي وري ملڪ جي اترين علائقن مان گذاري چين ۾ داخل ٿيندو. پٺاڻ واپاري قوم آهي. سمجهي وئي ته ساڻن زيادتي ٿي رهي آهي. سو عوامي نيشل پارٽي کان وٺي تحريڪِ انصاف جي صوبائي سرڪار تائين سڀني هڪ آواز ٿي اعتراض اٿاريو ته بلوچستان ۽ چين جي سرزمين جي وچ ۾ اسانجي ڌرتي اچي ٿي پر اقتصادي راهداري جي هي ڦڏي ۽ ڏنگي لڪير پنجاب مان ڇو ٿي ڦري گري چين پهچي؟
بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ نيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ نواز ليگ پٺاڻن کي پڪ ڏياري ته هڪ رستو اوهان جي صوبي مان به گذرندو جنهن تي مس وڃي پٺاڻ ماٺ ٿيا آهن. ليڪن سنڌ مان راهداري جي نه گذرڻ تي نه پ پ کي پرواھ ٿي نه وري قومپرست ڌرين جي ڪا حڪمت عملي يا پاليسي نظر اچي ٿي. يقيني طور ان ڪوتاهي روشن جو نقصان مستقبل ۾ سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پوندو.
رهيو بلوچستان جتي “اقتصادي راهداري” جو مُنڍ ٿيندو اتي اها صورتحال آهي ته نالي ۾ نهال، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي قومپرست سرڪار گوادر پورٽ جي مالڪي، ٽيڪس، انتظام توڙي راهداري جي حوالگي بابت نه ڪا قانونسازي ڪري سگهي آهي نه ئي وفاقي سرڪار کان مڃرائي سگهي آهي ته جيئن ته چين سان واپار جي راهداري يا لنگهه بلوچستان مان ٿئي ٿو ان ڪري ان مان وڌ مان وڌ فائدو بلوچستان کي ٿيڻ گهرجي.
حالت اها آهي ته اقتصادي راهداري جا انتظام وفاقي اداري National Highway Authority وٽ هوندا. پورٽ جا ٽيڪس وفاقي ادارو FBR اوڳاڙي ڪندو. ملڪي آئين هر شهري کي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهڻ، واپار ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي ٿو. بلوچ ڌرتي ڌڻين جي ڪل آبادي اڌ ڪروڙ جيڪا پنجاب جي ڪنهن به وڏي شهر برابر آهي. ان صورتحال ۾ جيستائين اهڙي قانونسازي يا پاليسي سازي نه ٿيندي جنهن سان ڌرتي ڌڻي پنهنجي پورٽ، سرزمين يا راهداري جي ownership محسوس نه ڪن تيستائين انهن امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪي به “شِرپسند” اقتصادي راهداري جي چمڪندڙ خواب ڏي پٿر نه اڇلائن. تصور پاڪستان ڏيندڙ شاعرِ مشرق حضرت علامه اقبال پاڻ فرمائي ويو ته جنهن ٻني مان هاري کي رزق نه ملي ته پوءِ هاري کي اهو حق آ ته ان ٻني کي ئي چوچڙي ڏيئي ڇڏي. هي ته ٻني کان وڏو قصو آهي. ان ڪري وفاقي سرڪار کي ستر جي ڏهاڪي جي مشهور جنرل، ٽڪا خان جي سوچ کان پاسو ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ (ڪوڙ يا سچ، خدا کي خبر) چيو ويندو آهي ته بنگالين مٿان آپريشن ڀيري چيو هئائين ته “اسانکي ماڻهو نه پر زمين کپي.” 1973 جي آئين ۾ ، خاص طور ملڪي شهر کي “ڪٿي به رهڻ ۽ ووٽ ڪرڻ ” جي شق تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. اسان کي يقين آهي ته وفاقي سرڪار جهڙي ريت پٺاڻن جا شڪ گمان دو ر ڪيا تيئن بلوچن جي حقيقي نمائندن سان ڳالهيون ڪري سندن خدشن کي ختم ڪندي.
هاڻي اچون ٿا سنڌ تي. سنڌ هن وفاق ۾ چوٿون ڀاءُ آهي. چين ٿر جي ڪوئلي ۾ سيڙپ ڪندو، ذوالفقار آباد اڏي ڏيندو، متبادل توانائي جي منصوبن ۾ سنڌ سان ٻانهن ٻيلي ٿيندو، ڪا خبر ڪونهي. سنڌ جي سرڪار ائين ئي، وائڙي لڳي هلي پئي. نه ڪل ڪا پتا نه پل ڪا پتا. وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ کي ترقياتي منصوبن ۾ ڪيترو حصو مليو، ڪا خبر نه، سنڌ جي ناڻي جي وزير کي نه وزير اعليٰ کي. اسلام آباد ۾ ويٺل بيوروڪريسي پنهنجي مرضي سان بجيٽ ٺاهيو. نوازليگ سرڪار جو سنڌ سان ڏيڻ نه وٺڻ- سو سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ وٺڻ جي تڪليف به گوارا نه ڪيائون. اها آهي ان صوبي جي حالت جيڪو وفاق کي ستر سيڪڙو ٽيڪس ڏئي ٿو.
پاڪستان وفاق آهي. سڀ صوبا ان ۾ هڪ جيتري حصيداري رکن ٿا. چين سان واپار هجي يا آمريڪا سان ياري، نفعي نقصان ۾ سڀ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ گهرجن. اقتصادي راهداري نه سال اڌ ۾ ٺهندي نه ئي اهو ڪو ڏه پندرهن سال هلندڙ منصوبو آهي. ان منصوبي جا اثر ايندڙ نسلن تائين هلندا. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال خطو آهي. سمنڊ رکي ٿو. گوادر جهڙا ٻه پورٽ ٺاهي سگهي ٿو. ڏٺو ويو آ ته گذريل اڌ صدي کان جيڪي به “ملڪي مفاد” ۾ فيصلا ٿيا آهي، SEATO يا CENTO جا ٺاه هجن، افغان جهاد هجي، آمريڪا سان گڏجي طالبان سان نام نهاد ويڙه هجي يا چين سان دوستي، سنڌ ان سڄي معاملي تي ڪنڊائتي رهي آهي. پر هاڻ سنڌ تبديل ٿئي پئي. وفاق ۾ پنهنجي حصيداري رڳو وسيلن ۾ نه پر پاليسي سازي ۽ فيصلا سازي ۾ گهري ٿي. “افيئر” ان ئي سوچ جي ترجماني ڪندي هن شماري ۾ ان بحث کي ڇيڙيو آهي. سنڌ ۾ وطن دوست سياست ڪندڙ توڙي صاحبِ راءِ ماڻهن کي ان تي ويچارڻو، تحرڪ وٺڻو پوندو.
باقي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ وزير مشير جيڪڏهن سنڌ جي مفادن جو خيال رکڻ ۾ ڪوتاهي ڪندا ته ايندڙ نسل مٿن ڦٽڪار ڪهڙي شڪل ۾ ڪندو، اهو ايندڙ وقت تي ئي ڇڏيل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو