Home / بلوچستان / پنجگور ۾ تعليمي ادارن تي حملن خلا ف عوام روڊن تي !
above article banner

پنجگور ۾ تعليمي ادارن تي حملن خلا ف عوام روڊن تي !

Irshad Mastoiبلوچستان جي ايران سان لڳو لڳ ضلعي پنجگور ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود 30 کان وڌيڪ پرائيوٽ اسڪول بند آهن. پنجگور ۾ خانگي اسڪولن جي بند ٿيڻ سبب هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. خانگي اسڪولن کي ڌمڪي هڪ غير معروف تنظيم الفرقان اسلامي جي نالي سان ڏني وئي هئي. تنظيم جي نالي سان موڪليل خط ۾ پرائيوٽ اسڪولن جي انتظاميه کي چيو ويو آهي ته اهي نياڻين کي نه پڙهائين. ان خط ۾ جتي والدين کي اهو چيو ويو آهي ته اهي پنهنجي نياڻين کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن تي ٽيڪسي ڊرائيورن کي به اها ڌمڪي ڏني وئي هئي ته اهي شاگردياڻين کي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ کڻي وڃڻ ۽ کڻي اچڻ کان پري رهن.

واضح رهي ته خانگي اسڪولن کي پهريون ڀيرو ڌمڪي 25 اپريل تي ملي هئي جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ اسڪول بند ڪيا ويا هئا. تنهن هوندي به ضلعي پنجگور جي انتظاميه جي پڪ ڏيارڻ تي ٻيهر کوليا ويا هئا. جڏهن ته 23 مئي تي هڪ خانگي اسڪول جي ويگن ساڙڻ ۽ ڪجهه اسڪولن تي حملي کانپوءِ اهي پرائيوٽ اسڪول هڪ ڀيرو وري بند ٿي ويا آهن. پنجگور انتظامي طور تي بلوچستان جي مڪران ڊويزن جو حصو آهي جيڪو هن وقت نه گڙ ٻڙ کان وڌيڪ متاثر آهي بلڪه بلوچستان ۾ قومپرستي جي تحريڪ به ان ڊويزن ۾ فڪري لحاظ کان وڌيڪ اثرائتي آهي. خاص طور نوجوان طبقي جو لاڙو سخت موقف رکندڙ قومپرست تنظيمن ڏانهن وڌيڪ آهي.

هڪ پرائيوٽ اسڪول جي مالڪ حاجي عبدالطيف جو چوڻ هو ته پنجگور جي خانگي اسڪولن ۾ 15 کان 20 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن. پرائيوٽ اسڪولن کي ملندڙ ڌمڪين خلاف ويجهڙ ۾ ئي شهر ۾ تمام وڏي ريلي ڪڍي وئي.

پنجگور ۾ اسڪول بند ڪرائڻ واري واقعي جي حوالي سان بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ صحت جي صوبائي وزير رحمت بلوچ ايوان جو ڌيان ڇڪايو، جنهن تي عبدالرحيم زيارتوال، ڊاڪٽر حامد خان اچڪزئي، عبد الله بابت، خالد لانگو، لياقت آغا، سردار رضا محمد بڙيچ، مفتي گلاب ۽ ٻين ان کي انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت قرار ڏيندي چيو ته بلوچستان اندر اهڙا کيڏاڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جهڙو کيڏاڙ خيبرپختون خواهه ۾ ڪيو ويو.

پنجگور ۾ 10 سالن کانپوءِ اسڪول کلي ويا آهن. استاد ڊيوٽيون ڏئي رهيا آهن ليڪن ڪجهه دهشتگردن ۽ ترقي مخالف ماڻهن کان اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي. اڌ کان وڌيڪ آبادي جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هڪ وڏي انگ ۾ ميٽرڪ جا ٻار ٽئين درجي جو نصاب نه پيا پڙهي سگهن. ماضي ۾ تعليم جي ترقي لاءِ ڪي به سنجيده قدم نه کنيا ويا. هاڻوڪي حڪومت انقلابي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا ڳالهه ڪجهه ماڻهن کي هضم نه ٿي ٿئي. سال جي 365 ڏينهن مان صرف 130 ڏينهن پڙهائي ٿئي ٿي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پڙهائي جو سلسلو 270 ڏينهن تائين وڌايو وڃي. ڪجهه عنصر مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت جي ترقياتي منصوبن کي اين جي اوز جي کاتي ۾ وجهي حرام جي فتويٰ ڏئي رهيا آهن.ا سڪولن ۽ اسپتالن کي بمن سان اڏايو پيو وڃي.

30 سالن کان بلوچن ۽ پشتونن سان اهو ئي کيڏاڙ جاري آهي. مختلف نالن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن. پنجگور جيڪو سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته علائقو آهي، هڪ سازش هيٺ اتان تعليم کي ختم ڪيو پيو وڃي. بلوچ، پشتون عالم، سول سوسائٽي، سردار ۽ نواب ان عمل خلاف آواز اٿارين، ٻين صوبن جي مقابلي ۾ بلوچستان ۾ مذهب جي مختلف تشريح ڪئي پئي وڃي. پنجگور جو واقعو سادو ناهي. ان جو تدارڪ ڪرڻو پوندو. اهو سلسلو لورالائي ۽ ٻين علائقن تائين به پکڙجي سگهي ٿو. هنن جو چوڻ هو ته ان عمل جي پٺيان هڪ طاقتور ذهن ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو حالتن کي خراب ڪرڻ گهري ٿو. اهي قوتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن. لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ به ڪلاشنڪوفون ۽ اهي تنظيمون موجود آهن ليڪن انهن اڄ تائين اتي تعليمي ادارا بند نه ڪيا آهن. جڏهن ته پنجگور ۾ ڌمڪيون ڏئي تعليمي ادارا بند ڪرايا پيا وڃن. ايئن ڪندڙ تنظيم جو اسلام سان ڪو به تعلق نه آهي، عوام کي تعليم جو حق ڏيارڻ لاءِ هر طرح سان ڄمي مقابلو ڪنداسين.

سڌ سماءَ جي صوبائي وزير عبدالرحيم زيارتوال جو چوڻ هو ته ماضي جي غلط پاليسين سبب اسان اڄ مختلف مسئلن جو شڪار آهيون. افغانستان، ايران ۽ ڀارت جي بارڊر تي روز فائرنگ جا واقعا ٿي رهيا آهن، آخر اهي ڇو ٿي رهيا آهن، ان پٺيان ضرور ڪو سبب ته هوندو. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ دنيا سان گڏ هلڻو آهي. ان کانسواءِ سماج ترقي نه ڪري سگهندو.

سنجيده حلقن جو چوڻ آهي ته بلوچستان پاڪستان جو تڪراري خطو آهي، حالانڪه هتي تڪرار جا سبب ڪي ٻيا آهن. ليڪن ان جا نتيجا ڪي گهڻا مختلف نه آهن، هتي هيئنر تائين تعليمي ادارن تي نه پر ماڻهن تي حملا ضرور ٿيندا رهيا آهن جنهن جو اثر ظاهر آهي ته ادارن تي به پوي ٿو. ماضي ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ استاد ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ قتل ڪيا ويا، جڏهن ته ان کان ٻيڻي تعداد ۾ خراب حالتن سبب ڪوئيٽا منتقل ٿيا آهن. جڏهن ته هڪ وڏو انگ صوبي بدر ٿيندڙن جو به آهي. انهن حالتن کان قطع نظر بلوچستان ۾ بنيادي تعليم بابت انگ اکر حوصلا افزا نه آهن.

اها صورتحال بلوچستان ۾ پاڻ هرتو تعليمي ايمرجنسي جي تقاضا ڪري ٿي، نئين حڪومت ان حوالي سان وڏيون دعوائون ته ڪيون ليڪن هينئر تائين ان سلسلي ۾ حڪومت جو ڪو به سنجيده قدم نظر نٿو اچي. واضح رهي ته آئين جي آرٽيڪل 25 اي هيٺ 5 کان16 سال جي عمر جي ٻارن کي مفت تعليم مهيا ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميوارين ۾ شامل آهي.

18 هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي اهو معاملو صوبائي حڪومتن حوالي آهي. بلوچستان ان حوالي سان معاملي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي بلوچستان ۾ تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ به ان حوالي سان ڪافي رقم رکي وئي آهي.

نئين حڪومت جي اعلان ۾ صوبي ۾ ٽي نوان ميڊيڪل ڪاليج، بلوچستان ميڊيڪل ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ، خضدار ۾ بلوچستان يونيورسٽي جي ڪئمپس جو قيام، ٽي سئو نون پرائمري اسڪولن جو افتتاح، ٽي سئو پرائمري اسڪولن کي مڊل ۽ ڏيڍ سئو مڊل اسڪولن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ اضافي ڪمرن جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا، هاءِ اسڪولن ۾ ماتحان هال، ليبارٽريز ۽ لائبررين جي قيام لاءِ 50 ڪروڙ روپيا، ڪاليجن لاءِ به 50 ڪروڙ جي رقم رکي وئي آهي.

اهي سڀ ڳالهيون اعلان جي حد تائين ته ٺيڪ آهن، اصل معاملو عمل ڪرڻ جو آهي. ايئن ته صوبائي حڪومتن مادري ٻولين ۾ تعليم جي اهميت کي تسليم ڪندي ان سلسلي ۾ نصاب سازي تي به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن اهي سڀ سرگرميون في الحال بنا ڪنهن نتيجي جي جاري آهن. جڏهن ته بلوچستان کي هنگامي ليڪن مربوط تعليمي پاليسي جي ضرورت آهي. ماضي ۾ بلوچستان جي وزير تعليم رهندڙ هاڻوڪي وزير اعليٰ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ سان ان حوالي سان اميدون لاڳاپيل آهن، ڇو ته اهو هن شعبي جي مسئلن کان باخبر آهي. هن کي اهو ادراڪ ڪرڻو پوندو ته مسئلو سرڪاري ملازمن جي ڊيوٽين جو نه پر بنيادي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جو آهي. ڇو ته بلوچستان کي تعليمي ميدان ۾ رڳو سڌارن جي نه پر انقلاب جي ضرورت آهي.

بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پرائيوٽ تعليمي ادارن کي بند ڪرائڻ خلاف احتجاج جو سلسلو هلندڙ آهي. سياسي ۽ سماجي حلقن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن تعليمي ادارن خلاف سازش بند نه ڪئي وئي ته سمورا سرڪاري ادارا بند ڪيا ويندا.

تازو ٿيل احتجاج جي موقعي تي حڪومت تي سخت ڇوهه ڇنڊيا ويا ته اها اهڙن عنصرن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاٰ تيار ناهي، جيڪي تعليم دشمني ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي جميعت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ حافظ اعظم خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اها ڪا اسلامي تنظيم نه آهي. اها دراصل اسلام ۽ تعليم دشمني جي ايجنڊا آهي. بلوچستان نيشنل پارٽي جي ڊپٽي آرگنائيزر تعليم تي بندش کي بلوچ دشمن پاليسين جو تلسل قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه نظر نه ايندڙ قوتون بلوچ قوم تي تعليم جا در بند ڪرڻ گهرن ٿيون. ليڪن سندن سازشون ناڪام بڻايون وينديون.

گورنمينٽ ٽيچرز ايسوسيئيشن جي صدر عبدالقدير، بي اين پي عوامي جي اڳواڻ نور احمد ۽ ٻين ان عمل جي مذمت ڪندي اعلان ڪيو ته ترت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ عوامي جرڳو منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀ سياسي جمهوري، مذهبي پارٽيون عالم ۽ وڏڙا شرڪت ڪندا. هنن چتاءُ ڏنو ته اها سازش بند نه ڪئي وئي ته سمورا سرڪاري تعليمي ادارا پڻ بند ڪيا ويندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو