Home / سياسي افيئر / پ پ، جنهن جو ووٽ، بئنڪ بئلنس وانگر ختم ٿي رهيو آهي!
above article banner

پ پ، جنهن جو ووٽ، بئنڪ بئلنس وانگر ختم ٿي رهيو آهي!

عرفان حسين

اهو چئي سگهجي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي روح پ پ کي ٻڏڻ ۽ مڪمل طور وکرجڻ کان بچائي رکيو آهي. ليڪن ان پ پ کي هاڻوڪي دؤر موجب بڻائڻ کان به روڪيو آهي.

اٽي، لٽي ۽ اجهي جو ڏهاڪن کان پراڻو نعرو اڄ به پارٽي جو اليڪشني نعرو آهي. پر مسئلو اهو آهي ته هاڻي هر اليڪشن سان گڏ اهو گهٽ کان گهٽ ماڻهن جو نعرو بڻجندو پيو وڃي. ان کانسواءِ “زنده آهي ڀٽو زنده آهي” جو نعرو اهڙي پارٽي جو تاثر ڏئي ٿو جيڪا وقت جي قيد ۾ مقيد بڻيل آهي. پارٽي اڳواڻ گهڻو تڻو پنهنجي ووٽ بئنڪ جي ڳالهه ڪندا آهن پر جيئن بئنڪ بئلنس ختم ٿي سگهي ٿو ايئن ووٽ بئنڪ به ختم ٿي سگهي ٿو.

Pakistani motorcyclists pass by a board

هاڻي پارٽي وٽ مسئلن جي حل جا به پراڻا طريقا وڃي بچيا آهن. ان جا اڳواڻ اهو ٿا سمجهن ته اهي بيمار سرڪاري ادارن جي خانگائڻ خلاف نعرا هڻي پنهنجي حامين ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهيا آهن. ليڪن ريلوي، پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل مل جهڙا ادارا جيڪي ورهين کان خساري ۾ آهن، ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن تي هلي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن کي خانگايو وڃي ها ته اُتان بچندڙ پئسو تعليم ۽ صحت تي خرچ ٿي پئي سگهيو. ليڪن جيئن ته پ پ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ خانگي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو هو، ان ڪري هاڻي اها پاليسي مقدس بڻجي چڪي آهي.

1960ع ۾ جڏهن پ پ قائم ڪئي وئي هئي ته ان وقت هڪ ماڊرن ۽ ترقي پسند پارٽي هئي، جنهن وٽ ملڪي مسئلن جي حل لاءِ نوان خيال ۽ حل موجود هئا. پر هاڻي اها هڪ ٿڪل پارٽي آهي، جنهن ۾ توانائي ختم ٿي چڪي آهي. گهڻو تڻو قيادت پنهنجي ذاتي ترقيءَ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. جڏهن ته ڪجهه نظرياتي ماڻهو پارٽي سان رڳو ان ڪري جُڙيل آهن جو انهن وٽ ٻئي پاسي وڃڻ جو ڪو آپشن نه آهي.

جيو ٽي جي اينڪر پرسن حامد مير کي ويجهڙ ۾ پ پ جي ڊي فيڪٽو سربراهه آصف زرداري انٽرويو ڏيندي فخر سان چيو ته سندس پارٽي 2013ع جي چونڊن ۾ سنڌ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان جو سادو مقصد اهو آهي ته پ پ جي حڪومت پنهنجي ڳڙهه ۾ قائم رهي ۽ خراب حڪمراني ذريعي هتان فائدا حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهي.

مونکي ايئن ٿو لڳي ته جسٽس، آرمي چيف ۽ ميڊيا جو پنجن سالن تائين مقابلو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي آصف زرداري گهڻو برداشت ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي هو پنهنجي آرام واري جاءِ تي آهي. مرڪزي اهميت ۽ جهيڙن کان پري هاڻي هو سنڌ جو حڪمران آهي، جتي ان جو مڪمل ڪنٽرول آهي.

ان جي باوجود پاڪستان ۾ هڪ کاٻي ڌر جي پارٽي جي ضرورت آهي، جيڪا ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقي لاءِ آواز اُٿاري. مسلم ليگ جا مختلف ڌڙا پنجاب جي قدامت پسند شاهوڪار وچولي طبقي جي نمائندگي ڪن ٿا. عمران خان جي تحريڪ انصاف شهري نوجوانن ۽ پروفيشنلز کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو آهي. پوءِ ڀلي ته ان جا اڳواڻ اهو ڄاڻندا هجن ته هو ڪهڙي شيءَ جي خلاف ۽ ڪهڙي شيءَ جو حامي آهي.

برطانيا جي ليبر پارٽي جي سربراهه جي استعيفيٰ ۽ هاڻوڪين عام چونڊن ۾ پارٽي جي شڪست بابت اٿندڙ سوالن کي ڏسندي آءُ اهڙي ڪنهن به احتساب جي پ پ ۾ موجود نه هجڻ تي حيران آهيان. هڪ اهڙي پارٽي جيڪا قومي پارٽي مان سُڪڙجي صوبائي پارٽي بڻجي وئي آهي. ليڪن اڃا به ان جا اڳواڻ ان حوالي سان خاموش آهن ته ڀلا ايئن ڇو ٿيو!

عمران خان جي ڌانڌلي جي الزامن پ پ کي آسان بهانو مهيا ڪيو آهي. زرداري به دعويٰ ٿو ڪري ته سندس پارٽي جون سيٽون حقيقت ۾ گهڻيون هيون. ليڪن ڪو به ماڻهو جيڪو 2013ع جي چونڊن کان اڳ پنجاب ۾ پ پ جي خراب حالت کان واقف هجي، اهو سمجهي ويندو ته پ پ سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو عوامي فيصلو هو.

ppp 2

پر جيڪڏهن پ پ نه ته پوءِ اقليتن، عورتن ۽ غريبن لاءِ آواز ڪير اُٿاريندو؟ افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي کاٻي ڌر جون پارٽيون نظرياتي تڪرارن ۽ حسد ۾ ڦاٿل آهن، جنهن ڪري اهي ڪو ڳڻپ جوڳو ڪم نه ڪري سگهيون آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جي ليڊرشپ ڪيترن ئي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو.

ليبر پارٽي پنهنجي شڪست جو هڪ سبب اهو ٿي سمجهي ته ايڊ ملي بينڊ جو کاٻي ڌر ڏانهن جهڪاءُ وڌيڪ هو، جنهن ڪارڻ اهي ووٽرز جون دليون کٽڻ ۾ ناڪام رهيا، جيڪي يا ته پنهنجو گهر خريد ڪرڻ پيا چاهين يا وري ننڍا ڪاروبار ڪرڻ پيا چاهين. پارٽي جو ٽوني بليئر ونگ کين کاٻي ڌر طرف گهٽ جهڪاءُ رکڻ جو چيو هو. اهو بلڪل واضح آهي ته ٽوني بليئر ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي وچ ۾ رهي ٽي اليڪشنون کٽي چڪو آهي.

اهو سندس روايتي سوشلسٽ بنياد کي ناپسند ته ضرور هوندو ليڪن اليڪشني حقيقت جي تقاضا آهي ته پارٽيون ماڻهن، سماج ۽ اقتصادي تبديلين سان گڏ گڏ ارتقا ڪنديون آهن، ٻي صورت ۾ شڪست مقدر بڻجي ويندي آهي. هن وقت ان ڳالهه تي بحث جاري آهي ته لبير پارٽي جو نئون سربراهه ڪير ٿيڻ کپي ۽ پارٽي کي ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.

پنهنجي ٽي وي انٽرويو ۾ آصف زرداري، سنڌ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي بابت آرمي چيف جي تنقيد جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته راحيل شريف کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. اها اسان لاءِ خوشقسمتي جي ڳالهه آهي ته جنرل راحيل شريف پ پ جي صوبائي حڪومت کان سٺي ڪارڪردگي رکي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو