Home / سنڌ افيئر / ٿر ۽ مينهن بابت لوڪڏاهپ!
above article banner

ٿر ۽ مينهن بابت لوڪڏاهپ!

نوراحمد جنجهي

مينهن جي رحمت هن ڪائنات لاءِ سدائين اهميت واري رهي آهي. انسان مينهن وسڻ لاءِ سدائين آسائتو رهيو آهي، ڪڏهن انهي رحمت جي تکي رهڙ اچي ٿي وڃي ته پوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سموري جيوت متاثر ٿي پوي ٿي جنهن جي واهر ۾ ڪيئي ادارا ۽ ادارڙيون ماڪڙ وانگر نڪري ٿيون پون، متاثرن جي نالي ۾ پنهنجا پيٽ يا پاڪيٽ ڀري، مچي متاريون ٿي پون ٿيون. سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪي دواران جيڪي ٻوڏون ٿيون تن ۾ اهو ڌنڌو دل کولي ڪيو ويو تان جو انهي ڪم ڪندڙ سنڌي سماجي ڪارڪن کي هرڪو ڌن داتا چور ۽ ٺڳ سمجهي پاسو ڪرڻ لڳو نتيجي ۾ سموري ايندڙ فنڊنگ مدي پئجي ويئي، جنهنجو نقصان سڄيءَ سنڌ ڀوڳيو. اهو موضوع وري ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ اچو ته ڏسون ٿر ۾ مينهن بابت ڪو مذڪو ڇيڙيون ، جنهن ۾ ماضي به ياد ڪريون ته مستقبل جي اوک ڊوک لاءِ اک ڊوڙايون.

ٿر ۾ مينهن انتهائي خوشي ۽ سڀاڳ جي نشاني آهي، جنهن کي مختلف نمونن سان ملهايو ويندو آهي. هن وقت ته سائنسي اوزارن وسيلي مينهن لاءِ اڳڪٿيون ڪيون وينديون آهن. ماضيءَ ۾ ته مارو ماڻهو پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي صديون پراڻي تجربي جي آڌار تي ، اهي اڳڪٿيون ڪندا هئا.

آرهڙ جي لُڪن ۽ جهولن کان پوءِ، مينهن مند جي کي سارڻ شروع ڪبو هو. مئي، جون جولاءِ جي مهينن ۾ مينهن ترايون تار ڪندو هو ته ورهيه ڀلو جي نه ته ڏڪاريا سُڪ سالي جيڪا شدت اختيار ڪندي هئي ته ڪارو ڏڪار جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ان ۾ راڻين جا ڪنگڻ ڍرا ٿي پون ٿا يعني سندن جسم جو ماس ڇڻي وڃي ٿو ۽ سندن ڏٻرائي ڏولائي جو اهڃاڻ ٿي اڀري ٿي. راڻيون بادشاهن جي گهرن ۾ هجڻ ڪري سدائين خوشحال هو نديون آهن جڏهن انهي خوشحال طبقي تي اهڙا ڏينهن اچن ته پوءِ عام لوڪ جو ڪهڙو حال هوندو. انهي ڪيفيت کي ذهن ۾ رکندي، ڪنهن ٿري شاعر هن ريت خيالن جو اظهار ڪيو آهي؛

ٻيجا سڀ ورچڻا، متي ورچي ڪاڙا ميهه

تين ورچي ڀوپت ڏلين، ساجن ٿين ڇيهه

يعني ٻيا سڀئي ورچي ڪڪ ٿي بيزار ٿين ٿا، پر اي ڪارا ميگهه تون ڪڪ ٿي هٿ نه ڪڍجان. جيڪڏهن تو هٿ ڪڍيا ته راڄ ڌڻي به رلي ويندا ۽ سڄڻ به ڏلي ڏور ڏيهه وڃي آباد ٿيندا.. مينهن جي اهڙي اهم حيثيت، ٿرين کي مند تي مينهن جي سار سنڀار ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿي. اهي وڻن ٽڻن ، پکين، هوائن ، ڪڪرن، چوپائي مال ۾ مينهن جون نشانيون ڳوليندي ، اڳڪٿيون ڪندا آهن. آسمان ۾ جڏهن اُٻ ٿيندي ۽ موگهون منهن ڏيکارينديون ته سمجهيو ويندو ته هاڻي بارش ايندي

اُ ٻ تائين آسرو، موگهان تائين مينهن

ساسو تائين ساسرو، سالان ڪوڙو نينهن

يعني جيئن اُٻ ٿي ۽ هلڪيون هلڪيون پڇون آسمان ۾ هلڻ لڳيون ته مينهن جو آسرو ٿيو ۽ موگهون نڪتيون ته برکا برسندي. اهڙي ريت سس سهري جي حياتي تائين جوانئي تي قرب هوندو ، باقي سالن جو نينهن مڙيئي ڏيکائي لاءِ هوندو آهي.

چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن چنڊ جي چوڌاري پڙ جنهن کي ڪونڊاريو يا ڪونڏو چون، ڏسڻ ۾ اچي۽ پڙ ۾ تيز روشني جنهن کي جرهيڙي چون، هجي ته پوءِ پڪ برسات ايندي.. آڀ ۾ تتر کرڙي ٿئي به برکا جو اهڃاڻ آهي. انهي کي شاعرن هن روپ ۾ اظهاريو آهي،

تتر کرڙي واڏڙي، وڌوا ڪاجل ريک

او ورسي، او ور ڪري، تي ۾ مين نه ميک

يعني تتر کرڙي واريون ڪڪريون، ۽ بيوه عورت جي اک ۾ ڪجل ريک اهڃاڻ آهن، هڪڙي وسندي، ٻي مڙس ڪندي، جنهن ۾ ڪو تر جيترو ڦير فرق ناهي.

آکاٽيءَ جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ هڪڙو ڏينهن هارين جي پرڀ جو هوندو آهي. ان ڏينهن مٽيءَ جون ڪُلهڪيون ٺاهي پاڻيءَ سان ڀري ، چئني طرفن ڏانهن جي رخ ۾ رکي ڇڏبيون آهن. جيڪا ڪُلهڪي اڳ ٽٽي ۽ پاڻي هاراڻو ته سمجهو اها ڏِس سڀ کان اڳ وسندي. جهرڪيون ريل ۾ ويهي، وهنجڻ لڳنديون آهن ته ان کي به مينهن وسڻ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ماڪوڙيون ٻرن مان نڪري، ننگرا ٺاهي هلڻ لڳنديون آهن يا وري، آنا کڻي ٻئي طرف هجرت ڪرڻ لڳنديون آهن ته به مينهن جي نشاني آهي. ڪونڀٽ ۽ ٻائوري ۾ سنهي گڏر لڳندي آهي جنهن کي لُنئين چئبو آهي، اها به برسات اچڻ جي نشاني آهي. ايئن ڳائي مال ۾ به ڪجهه اهڃاڻ نروار ٿيندا آهن جن کي ڏسي برسات جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي جيئن، مال جو هڪٻئي کي زبان سان چٽڻ، وٿاڻ ۾ بيهي پيرن سان ڌوڙاُڏائڻ.

مهينن کي ڳڻپ لاءِ، نکٽن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪي 15 ڏينهن جي عرصي جا ٿيندا آهن. روهڻ ۾ جيڪڏهن تمام گهڻي گرمي ٿئي ۽ مگسر ۾ واءُ لڳي ته ان کانپوءِ آڊ ۾ مينهن اوس اچي.

روهڻ تپي، مگسر وائي

آڊ ڊٻوڪي، مينهڙلو آئي

ايئن مانڊاڻ مچڻ لڳندو آهي. اتر اوڀر ڪنڊ تا ن کنوڻ کنوڻ لڳندي آهي، ته اهڙي ٻڪرار کنوڻ ۾ سڀئي وڇوڙيل هڪٻئي جي هنيين ۾ ، ڀڳي هڏ وانگر هري پوندا آهن ۽ مور به پنهنجي من جي محسوسات کي پراسرار ڪوڪ سان اظهاريندو آهي، جنهن جو پڙلا ءُ سموري سرشٽيءَ ۾ گونج پيدا ڪري وجهندو آهي. اها گونج اهڙين دلين ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيندي آهي جن جا بالم ڏور ڏيهه هوندا آهن ۽ اهي دليون مور سان مخاطب ٿي هن طرح جي اندر اور ڪرڻ لڳنديون آهن؛

تون ڏونگر رو موريو، ٻيسڻ رين کجور،

تين سين چڙهڻ ڍوڪڻو، مين سين بالم ڏور،

اي ڏونگر جا موريا، تون رات جو کجور جي وڻ تي چڙهي رات ڪٽي ٿو وڃين، توکي چڙهڻ ويجهو ۽ سولو آهي، اسان کان ته بالم ڏور آهي. يعني هن مينهن جي من موهيندڙ مند ۾ اسين ڪيڏانهن وڃون. اهو ٻڌي مور پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه هن ريت ٻولي ٿو؛

هون ڏونگر رو موريو، ڪانڪر چوڻ ڪران،

گاج گڙوڪي نه ٻولان، هنيون ڦاٽ مران

ڪٿي ڪٿي وري اهو ڏوهو هن طرح آيو آهي؛

اسين گر را مورلا، ڪانڪر پيٽ ڀران

رت آئي نه ٻولان، هنيون ڦاٽ مران

اسين گرنار جي ڏونگر جا مور آهيون، ڪڪرا چُڳي پيٽ جو دوزخ ڀريون ٿا. موسم ڀرجي ايندي آهي تڏهن ڳالهائيندا آهيون. جيڪڏهن ايئن نه ڳالهايون ته هنيون ڦاٽي مري پئون.جن جا بالم پري آهن انهن جي شڪايت بجا پر گرنار جا مورپٿر جي سنهن داڻن تي گذارو ٿا ڪن، اهي عياش ناهن. موسم اچي ٿي ته اها ڪوڪ اجهل نڪري وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته فطرت سان سندن ازلي ناتو آهي.

اتر جا اوهيرا جڏهن اگوندرو آب اوتيندا آهن ته مارن جا سمورا گوندر گم ٿي ويندا آهن، مهانگي لئه ميڙيندڙ موذي ۽ ڏڪاريا ڏيهه مان الوپ ٿي ويندا آهن، سنگهارن ۾ سک سرهائي جي وائي ورندي آهي.

ڪڪرن سان به ڪافي اصطلاح ۽ لفظ واڳيل آهن.سنهيون پڇون جن ۾ پاڻي هوندا آهي تن کي پاڻيهاريون چئبو آهي. برسات پئجي ويندي آهي وري پويان پاڻي ڀريل ڪڪر تيز تيز پيا ايندا آهن تن کي ليڻ چئبو آهي. برسات وسندي ڪڪر بيهي وڃي ۽ برکا جون بوندون هڪ جاءِ تي بيهجي وڃن ته انهن کي ڌاروڙا چئبو آهي.پاڻي ڀريل ڪڪر جيڪي پري کان پڌرا هوندا آهن تن کي لڳهه چئبو آهي. اتر جي برسات جي ان سموري مانڊاڻ کي اسان جي سڀني ڪلاسيڪي شاعرن ڳايو آهي. شاه لطيف ڀٽائيس سارنگ ۾ اهڙي منظر ڪشي ڪئي آهي ڄڻ اسڪرين تي ڪو منظر هلندو هجي.

آگميو آهي لڳهه پس لطيف چئي،

وٺا مينهن وڏڦڙا ڪڍو ڌڻ ڪاهي

وهو م لاهي آسرو الله مان

ٿوري ٿوري وقفي سان وسندڙ اوهيرن جو به ذڪر سنڌي شاعري ۾ آهي ته سرلي جُهڙ جي ڳالهه به ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ برسات وسڻ دوران سڄ ڍڪجي ويندو آهي پر روشني موجود هوندي آهي. خليفي نبي بخش ان منظر کي هن ريت بيت بند ڪيو آهي؛

جهڙ ڦڙ جهور جهڪور، سڄ سرلي ڍڪيو

قاسم اتر پار ڏي ڪڪر ڪاريءَ ڪور

اڀي سارنگ سامهان ڪن ٽهوڪا مور

اُٺو آب اتور، ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا.

ائين مينهن سان مارن جو اهڙو نينهن آهي جنهن جي ور وراڪي ۾ اهي سُڪ لڳا پيا آهن. مينهن ۽ نينهن جي انهي روايت کي صدين کان ڳائيندا وڄائيندا اچن. مينهن مارو لوڪن لاءِ خوشيءَ جو مُهري آهي جنهن سان ڪافي آسون اميدون پيدا ٿين ٿيون. مينهن جا ڏينهن ڦريا به آهن ۽ بقول ماموئي فقيرن جي ته سيارا وسڪارا به ٿيا آهن، يا وري جيڪو چئوماسي جو مينهن مئي مهيني ۾ وسند و هو سو جون ۽ هاڻي جولاءِ ۾ وسڻ لڳو آهي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر جون برساتون ته سال کي ٻاڙمير جي اٺ جي ڦر ڏيڻ واري وقفي وانگر ڊگهو ڪري ٿيون ڇڏين. ٻاڙمير جي اٺ لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن مان ڪو نسل اهڙو به آهي جيڪو 24 مهينا ڳڀ کڻي هلندو آهي پوءِ ويامندو آهي.

هن سال به لڳي ٿو ته برساتون پاڇٽ آهن، هاري هر سنباهي ويٺا آهن پر اتر جي ڪڪرن جي ڪنڍرن جو انتظار آهي. سائنس جا سکندڙ ۽ سيکاريندڙ چون ٿا ته آبهوائي ڦير گهير موسم جي ڦونٽي ڦيري ڇڏي آهي ۽ اها پنهنجي موڊ اچڻ تي وسي ٿي يا بنهه اهڙو ڏڪار آڻي ٿي جيڪو هرهڪ شئي کي متاثر ڪريو ڇڏي. اهڙين حالتن ۾ ڪهڙو اثر ٿئي ٿو يعني جڏهن سٺيون برساتون پون ٿيون ته ڀلسرو ٿئي ٿو . ان امونگرو ٿئي ٿو . ڪک پن گاه پٺو به ججهو ٿي پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جڏهن ميگها رُت منهن موڙي وڃي ٿي ته جر جو پاڻي هيٺ هليو وڃي ٿو ، نتيجي ۾ آبي ڏڪار ٿي پوي ٿو جيڪو وڌندي سوڪهڙي ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ سوڪهڙي جي شدت ۽ گهڻ مدتي ٽڪاءُ اڳتي هلي ڪاري ڏڪار جي صورت ۾ ڪر ڪڍن ٿا. روڊن رستن جي ٺهڻ، موبائل فون جي عام واهپي، غير سرڪاري ادارن پاران سڪ سالي گهٽائڻ بابت هلايل مختلف رٿائن، سرڪار پاران رليف جي ڪڻڪ وغيره جي ڪري، ڏڪارن جو اثر گهٽ نظر اچي ٿو. خاص ڪري ٽرانسپورٽ جي بهتريءَ سان اناج توڙي مال جو چارو آسانيءَ سان دستياب آهن، جن جي ڪري مال ۽ ماڻهو ڏڪار جي سٽ سهي وڃن ٿا. ان جي باوجود موجوده حالتن جي پيش نظر راڄن جي ماڻهن کي سخت حالتن مان سبق پرائيندي ، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ڀلسري ۾ ٿيل گاه کي بچائي محفوظ ڪري رکن جيئن ضرورت وقت مال کي چاري سگهن.. وڻن جي واڍيءَ کي راڄ پاڻ روڪين. جن ڳوٺن ۾ اهڙي ٻڌي ٿيل هوندي آهي اُتي هن وقت به سيمون ڏسڻ وٽان آهن جيئن؛ وروائي، مٺڙيو سومرا وغيره

برسات جي ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي. ٻنين کي واري تي پوکيو وڃي جيئن انهن جي زرخيزي قائم رهي. گهرن جي ويجهو پئل اجهور واري زمين جيڪا گڏه گابي جي چرڻ لاءِ رکيل هوندي آهي، تنهنکي پوکڻ کان پاسو ڪيو وڃي. کاڌي جي کوٽ دوران خصوصن ۽ عام رواجي حالتن ۾ عمومن ٿر جي ڀاڄين ۽ ڏٿ جو واهپو وڌايو وڃي ۽ ڀاڻ تي پيدا ٿيندڙ شين جي استعمال کي ختم ڪيو وڃي يا گهٽايو وڃي. هاڻي مند ڀرجي آئي آهي، اڳڪٿي آهي ته هن سال 20 جون کان برساتون پونديون ۽ سنوڻ ساٺ به سمڪ ڏين ٿا ته هيل ٿر ۾ مينهن موچارا پوندا ۽ مارو خوش ٿيندا ۽ خوشحال ٿيندا مالڪ مهر ڪري مينهن کي موڪليندو ته ملڪ آباد ٿي پوندو، مارو سک جو ساه کڻندا . اُتر جي کنوڻ سندن زند گيءَ ۾ خوشحالي آڻيندي جيئن نامياري سنڌي شاعر، صوفي صديق ”صادق “ فقير سومري فرمايو آهي؛

وٺو مينهن وڏڦرو، جهان جهان ڪري جهڪور،

موچاري ملير جون، مينهون ٽِلن مور،

هاديءَ لاٿا هور، ولهارن وس ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو