Home / اسپيشل افيئر / ڀٽو خاندان، غير فطري موت سندن مقدر رهيو!
above article banner

ڀٽو خاندان، غير فطري موت سندن مقدر رهيو!

آصف رضا موريو

ڀٽو خاندان جا ابا ڏاڏا اصل ۾ راجسٿان جا راجپوت هئا جيڪي مغل دورِ حڪومت ۾ لڏي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيا انهن منجهان هڪ اهم شخص سهتو خان ڀٽو هيو. جنهن جي پوٽي پير بخش خان پنهنجي علائقي جي ٻين طاقتور قبيلن ڪلهوڙن ۽ ابڙن کي ڪيترائي دفعا علائقائي جنگين ۾ شڪست ڏئي پنهنجي طاقت جو سِڪَو ڄمايو.

1821ع ۾ خيرپور رياست جي والي مير مراد علي خان ٽالپر، سردار پير بخش کي پنهنجو پٽ ميرن وٽ ضمانت طور موڪلڻ لاءِ چيو هو ڇو ته ميرن کي ڀٽن کان ڪنهن به وقت امڪاني بغاوت يا حملي جو خدشو رهندو هيو. پير بخش خان پنهنجو پٽ مير الله بخش خان وٽس موڪليو جيڪو تقريبن پنج سال انهن جي نظر بندي هيٺ رهيو. 1842ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ پيربخش خان جي پٽ دودو خان ڀٽو کي هن علائقي ۾ تمام گهڻي جاگير ڏني.

ڀٽو خاندان جي تاريخ ۾ واحد چڱو مڙس دودو خان ئي هيو جنهن امن ۽ سڪون سان سرداري ڪئي توڙي جو انگريز ۽ انهن جي گماشتن ان کي علائقي جي ٻين سردارن ۽ سرڪش قبيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ جون ترڪيبون به ڪيون پر دودو خان هت رهڻ وارين ٻين برادرين سان گڏ چانڊين سان به محبت ۽ عزت ڀريو سلوڪ قائم رکيو جيڪي ڪجهه ڏنگا هئا. دودو خان جو پٽ خدابخش (جنهن جي نالي تي ڳڙهي خدابخش ڳوٺ قائم آهي) بهادر ۽ نفيس ماڻهو هيو پر پنهنجي پٽ غلام مرتضيٰ ڀٽو (پهريون) جي ڪجهه ڪاررواين سبب برطانوي ڪليڪٽر ”ڪرنل مينهو“ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائي پريشان ڪندو رهيو.

42

هڪ ڏينهن جڏهن خدابخش زمينن جي سارسنڀال لاءِ جيڪب آباد ويل هيو ته ڪرنل مينهو جي ماڻهن ڪهاڙيون هڻي کيس زخمي ڪري وڌو جو آخر سور نه سهي الله کي پيارو ٿي ويو. اهو سنڌ ۾ ڀٽو خاندان جو پهريون قتل هيو. ڪرنل مينهو جي ڌيءُ جو غلام مرتضيٰ سان پسند جو سلسلو هيو جنهن کي هڪ ڏينهن هو ڀڄائي پنهنجي ڳوٺ وٺي آيو جنهن تي ڪرنل وري به کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهيو پر هر دفعي عدالت کيس بي گناهه قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود ڪرنل ڪنهن نه ڪنهن نموني کيس تنگ ڪندو رهيو. آخرڪار مرتضيٰ پريشان ٿي پنهنجي علائقي مان ڀڄي پهرين بهاولپور ۽ پوءِ افغانستان ڏانهن هليو ويو. اهڙي طرح غلام مرتضيٰ ڀٽو (اول) ڀٽو خاندان جو پهريون جلاوطن سردار هيو.

کوڙ سالن جي جلاوطني کانپوءِ مرتضيٰ ڀٽي ڪراچي واپس اچي اتان جي ڪمشنر جيمس سرايوان جي سهڪار سان ڪرنل مينهو جي پنهنجي علائقي مان بدلي ڪرائي ۽ جڏهن مرتضيٰ پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش واپس وريو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو.

هڪ مهيني کانپوءِ سندس کاڌي ۾ زهر ڏئي کيس ماريو ويو، اهو هن خاندان جو ٻيو قتل هيو. غلام مرتضيٰ ڀٽو جي قتل وقت سندس پٽ شاهنواز خان نابالغ هيو تنهن ڪري انگريزي حڪومت سندس چاچي الاهي بخش ڀٽو (ممتاز ڀٽو جي ڏاڏي) کي سندس مختيار بڻايو جنهن شاهنواز جي ملڪيت جي سنڀال ۽ تعليم جو بهتر خيال رکيو. 1908ع ۾ جڏهن شاهنواز تعليم پوري ڪري ڳوٺ آيو ته هڪڙي ڏينهن پنهنجي چاچي سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر جي ڊپٽي ڪليڪٽر الاهي بخش شيخ سان ملاقات لاءِ ويو جتان واپسي کان پوءِ ماني کائي ٻئي ڄڻا سمهي پيا ۽ صبح جو الاهي بخش پنهنجي ڪمري جي غسل خانن اندر مئل حالت ۾ مليو.

شاهنواز خان ڀٽو پنهنجي نوجوان چاچي جي اوچتي موت تي ڊائري ۾ تاثرات لکيا هئا ته ”ان جي عمر فطري موت مرڻ جي نه هئي ڪجهه ماڻهن جو خيال آ ته کيس دل جو دورو پيو هوندو جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان کي خودڪشي ڏانهن ڇڪي وڃن ٿا. پر انهن ٻنهي ڳالهين تي ان لاءِ يقين نه ٿو ڪري سگهجي ڇو جو چاچو الاهي بخش مضبوط دل ۽ دماغ رکڻ وارو ماڻهو هيو کيس دل جو دورو ڇو پيو يا خودڪشي ڇو ڪري ها.“

الاهي بخش جي موت کان پوءِ ان جي ٻن پٽن ۽ ڪٽنب جي ذميواري به شاهنواز ڀٽو جي ڪلهن تي پئي جيڪا هن سٺي نموني سان نڀائي.

شاهنواز ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جي پهرين بين الاقوامي شخصيت چئجي ته غلط نه ٿيندو ڇو ته سندس ئي دور حڪومت ۾ پاڪستان پهريون دفعو حقيقي جهموريت ۽ عوامي آزادي جي جهلڪ ڏٺي. ان جي ڪوششن سان 1974 ۾ پاڪستان ۾ بين الاقوامي سيرت ڪانفرنس منعقد ٿي، ان ئي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو بنياد وجهي مسلمان ملڪن کي هڪ پڌر تي ڪٺو ڪيو. ساري عمر غريبن ۽ مظلوم طبقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي غربت، جهالت ۽ گهٽ علمي جهڙين بيمارين مان جند ڇڏائي، انهن کي ڪنڌ اوچو ڪري جيئڻ جو فلسفو سمجهايو. معاشي اڻ برابري، جاگيرداري جبر ۽ روايتي ناانصافين خلاف سڀ کان پهرين عوام لاءِ ڀٽو ئي آوازاٿاريو.

ڀٽو صاحب جي عوامي پاليسي، ملڪي خوشحالي ۽ جمهوريت دجالن کي نه وڻي ۽ هڪ آمر جنرل ضياءُ الحق 11 نومبر 1974 ۾ ٿيل نوابزادي ايم اي قصوري جي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي بغاوت ڪري ايوانِ اقتدار تان لاٿو ۽ سالن جي قيد کانپوءِ 14 اپريل 1979ع تي کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو.

ڀٽو صاحب کي اولاد ۾ٻه نياڻيون بي نظير ۽ صنم هيون جڏهن ته مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز نالي ٻه پٽ هئا جن کي ڀٽي صاحب ضياء دور ۾ ئي افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه ڏانهن پناهه ۾ موڪلي ڇڏيو هيو ڇو ته کيس خدشو هيو ته ضيا حڪومت انهن کي به مارائي ڇڏيندي. بينظير ڀٽو ان وقت اوڪسفرڊ ۾ پڙهندي هئي جڏهن ته صنم کي سياست سان ڪا دلچسپي نه هئڻ ڪري هميشه خابرو ادارن جي جهنجهٽ کان پري پري رهي.

مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ٻنهي جوانن ظاهر شاهه جي ڀائيٽين سان شادي ڪئي ڪجهه عرصي کان پوءِ شاهنواز فرانس ۽ مير مرتضيٰ لنڊن هليو ويو. 8 جولاءِ 1985ع تي ميرشاهنواز ڀٽو فرانس جي شهر ڪينز ۾ موجود پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويو، ان وقت خدشو اهو ڏيکاريو ويو هيو ته کيس زهر ڏئي ماريو ويو آ ۽ ان معاملي ۾ شڪ سندس افغاني زال تي ڪيو پئي ويو، جڏهن ته فرانسيسي پوليس ڀٽو خاندان جي ملڪيت جي مالڪي جي چڪر ۾ اهو قتل ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو هيو.

ڀٽو جو ٻيو پٽ مير مرتضيٰ 18 سيپٽمبر 1954ع ۾ پيدا ٿيو هيو جنهن پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ افغانستان ۾ ٺڪاڻو ڪري جنرل ضياءُ خلاف محاذ قائم ڪيو کيس افغانستان ۾ پناهه ۽ تربيت جون بهتر سهولتون مليون. هن پيپلز پارٽي جي ويڙهاڪ ونگ الذوالفقار جو بنياد وڌو. جنهن پنهنجي ڪاررواين سان جنرل ضياءُ ۽ ان جي حڪومت لاءِ وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو. آخر ڪار ضياءُ هيلي ڪاپٽر تباهه ٿيڻ ڪري پنهنجي ”المناڪ“ انجام کي رسيو.

ضيا جي موت کان پوءِ 1993ع ۾ ميرمرتضيٰ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر چونڊجي آيو ۽ 1995 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي بنياد تي مخالفت شروع ڪئي.20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ستر ڪلفٽن ڏانهن واپس ويندي ڇهن ٻين ساٿين سميت شهيد ڪيو ويو.

سردار واحد بخش خان، سردار پير بخش جو پٽ هيو جنهن تي ڀٽو قبيلي جي پڳ هئي، سندس والد ذوالفقار ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ ان وقت پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو جو صدر هيو. ان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ واحد بخش کي پڳ ٻڌرائي وئي ته ڀٽو قبيلي جي کوڙ ماڻهن ان عمل کي ناپسند ڪيو ڇو ته هو سادو، طبيعت جو شريف ماڻهو هيو ۽ سندس شخصيت به عام روايتي سردارن کان مختلف هئي. سندس سادگي جي ڪري ئي نه صرف ڀٽو قبيلي جي ٻين چڱن مڙسن سان سرداري تي جهڳڙا هلي رهيا هئا بلڪه پنهنجي ننڍي ڀاءُ صمد ڀٽو ۽ ماءُ نازلي بيگم سان ملڪيت جي معاملن ۾ تڪرار رهندا ايندا هئا. 7 سيپٽمبر 2000ع جي رات جو سردار واحد بخش ڀٽو کي ڪهاڙين سان ماري سندس لاش ان جي گهر ۾ ساڙي هڏن ۽ خاڪ کي زمين کوٽي پوريو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌي بينظير ڀٽو1953ع ۾ پيدا ٿي. ريڊ ڪلف ۽ اوڪسفرڊ ۾ تعليم پرائي، والد جي شهادت کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ، صعوبتون هن ئي ڏٺيون جيل درجيل ويندي رهي. ذهني، جسماني، خانداني ۽ سياسي تشدد جو شڪار رهي  جلاوطن ٿي. 1986ع ۾ واپس اچي پيپلز پارٽي کي متحد ڪيو. 1988ع ۾ جنرل ضياءُ جي مرڻ جي ٽن مهينن کانپوءِ عام چونڊن ۾ کٽي ملڪ جي وزير اعظم ٿي. سندس ٿوري حڪومت واري عرصي ۾ اڻ ڳڻيا ترقياتي ڪم ٿيا ۽ بي روزگارن کي تمام گهڻي تعداد ۾ روزگار ڏنو ويو. توڙي جو عورت هئڻ سبب کيس ڪند ذهن مُلن ۽ بدعنوان سياسي عنصرن هٿان پريشان رهڻو پيو. سندس حڪومت کي اڃا ٻه سال به نه ٿيا هئا ته آگسٽ 1990 ۾ سندس حڪومت بدعنوانين جا الزام هڻي ان وقت جي صدر غلام اسحاق ڊاهي وڌي.

1993ع ۾بينظير وري ٻيهر وزير اعظم ٿي ۽ نومبر 1996ع ۾ سندس ئي پارٽيءَ جي چونڊيل صدر فاروق احمد لغاري سندس حڪومت کي ختم ڪيو. تنهن کان پوءِ بينظير برطانيه ۽ دبئي ۾ جلاوطني جا ڏينهن گذاريا. سندس مڙس آصف علي  زرداري کي ست اٺ سال بدعنوانين جي ڪيسن ۾ جيل ۾ رکيو ويو جيڪي نواز ۽ مشرف حڪومتون ثابت نه ڪري سگهيون.

مشرف جي ڪوجهي دور ۾ جڏهن عوامي مايوسي عروج تي پڄي چڪي هئي بينظير ڀٽو پنهنجي بهادر والد جيان اميد جو آخري ڪرڻو بڻجي اڀري آئي. انڌيري رستن ۾ روشنيون ٿيون، گهٽيون ۽ چوڪ وري سينگارجڻ لڳا، مايوس انبوهن ۾ وري تازگي ڊوڙڻ لڳي.

عام چوڪن تي مغرور مڪروهه چهري وارن بدران ذوالفقار ڀٽو، مير مرتضيٰ، مير شاهنواز، بلاول، فاطمه ۽ بينظير وغيره جون خوبصورت تصويرون نظر اچڻ لڳيون اها پرسڪون اميدن جي چرپر بيمار ذهنن کي ڪٿي قبول هئي ان لاءِ وري سٽ سٽڻ لڳا ۽ آخرڪار اهي پنهنجي ارادن ۾ ان وقت ڪامياب ٿيا، جڏهن 27 نومبر 2007 شام ڌاري محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو.

مون کي يقين آ ته کيس ان لاءِ ماريو ويو ته جيئن غريب عوام ايئن ئي دردن ۾ پيڙجندو رهي ۽ اهي عوام جو رت چوسيندا رهن. پر مون کي اهو به يقين آ ته بينظير جان جي قرباني ان لاءِ ڏني ته جيئن عوام زنده رهي.

asifrazamorio@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو