Home / ڪئپيٽل افيئر / ڊگريون، مينڊيٽ ۽ دعوائون، سڀ جعلي!!!
above article banner

ڊگريون، مينڊيٽ ۽ دعوائون، سڀ جعلي!!!

Razaq

رزاق کٽي

ڇا جعلي ڊگرين کانپوءِ هاڻي ان مينڊيٽ جو به وارو اچڻ وارو آهي، جنهن کي عمران خان وڏي واڪي جعلي قرار ڏيندو رهيو آهي؟

ٿيلها کولڻ جو حڪم اچي ويو آهي، انهن ٿيلهن مان واقعي ڪا ٻلي نڪرندي ،جنهن جي ڪنڌ ۾ عدالتي ڪميشن گهنڊڻي ٻڌندي، ان جي وڄت ڪنهن ڪنهن کي ٿي متاثر ڪري، ڪجهه هفتن ۾ خبر پئجي ويندي!!

گذريل ڪجھ هفتا ڪيترن ئي حوالن سان اهم رهيا آهن، جيستائين هي اکر ڇپجي اوهان جي سامهون پهچن، تيستائين ممڪن آهي ته وفاقي بجيٽ جو اعلان به ٿي چڪو هوندو، ان ڳالهه جي به پڪ آهي ته عوام لاءِ ان ۾ ڪابه اهڙي خبر نه هوندي، جنهن کي ٻڌڻ ساڻ خوشي جو احساس ٿئي.

مئي جو مهينو پاڪستان جي طاقتور ميڊيا گروپن جي مالڪن لاءِ چڱي خبر کڻي آيوهو، هن مهيني ڏيڍ سئو سال پراڻي آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز جي پاڪستان مان نيڪالي ڏنل نمائندي ڊڪلن والش جي هڪ رپورٽ تي پاڪستان ۾ آن ائير ٿيندڙ ٽي وي چينل “بول” جي مالڪ ڪمپني ايگزيڪٽ خلاف ڪارروائي شروع ٿي وئي، پاڪستان ۾ هي پهريون موقعو هو جڏهن ڪنهن اخبار جي رپورٽ تي پاڪستان جي سرڪار جنهن تيزي سان ڪارروائي شروع ڪئي ، اها هن ملڪ جي ماڻهن لاءِ حيران ڪندڙ هئي، ان ڳالهه ۾ هاڻي ڪوبه شڪ باقي نه رهيو آهي، ته جيڪڏهن ايگزيڪٽ ڪمپني بول ٽي وي چينل جو اعلان نه ڪري ها ته پاڪستان ۾ جعلي ڊگرين جو ڪاروبار ڪندڙ هن ڪمپني خلاف ايتري مهم نه هلي ها، پر ڇاڪاڻ ته بول چينل جي مالڪ پاران ان ڳالهه جي دعوا ڪئي وئي هئي ته هو پاڪستان جو سڀ کان وڏو ميڊيا گروپ بڻجڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي، ان ڪري کيس پاڪستان ۾ ميڊيا جي ٻين وڏن گروپن جي قهر جو نشانو بڻجڻو پئجي ويو.

سال ڏيڍ اڳ ۾ جڏهن ايگزيڪٽ ڪمپني بول چينل جو اعلان ڪيو ته مارڪيٽ اندر اهڙيون خبرون ٻڌڻ لاءِ مليون، جيڪي رڳو تصور ئي ڪري پيون سگجهن، پر ڏسندي ڏسندي اهي حقيقيت ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ميڊيا گروپن اندر ڳڻتي ڦهلجڻ شروع ٿي وئي، ايگزيڪٽ ڪمپني ڇا ٿي ڪري، ان جا مالڪ ڪير آهن؟ پاڪستان ۾ ان جي ساک ڇا آهي؟ ان بابت ڪنهن کي به ڪابه خبر نه هئي، بس اوچتو ئي ملڪ جا وڏا اينڪر پرسن، جيڪي نيوز چينلن جي اسڪرينن لاءِ ڪاميابي جي ضمانت هوندا آهن، اهي بول جو حصو بڻجندا ويا، بول جي مالڪ شعيب شيخ جي شخصيت کي هڪ ديومالائي شخصيت طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڻ کي تحقيقي صحافت جو بابا آدم سمجهندڙن رڳو بول جي مالڪ سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ ۽ ڳري پگهار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ڳالهه ڏانهن شعوري طور سوچڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ته ايگزيڪٽ ۽ بول وٽ ايتري رقم ڪٿان آئي، هڪ سڙڪ ڇاپ هيڪر ، جنهن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ڏھ نمبري ذريعي وڏو ناڻو ڪمايو هو، اهو اصل ۾ هن ملڪ جي بااختيار ادارن جي ويجهو وڃڻ ۾ ان ڪري ڪامياب ٿيو ته هو زبردست قسم جو هيڪر هو. آءِ ٽي جي دنيا ۾ هيڪنگ وڏو ڏوھ آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان ڪمپني لاءِ اها ڳالهه به مشهور آهي ته اها فحش فلمون به تيار ڪندي آهي، پاڪستان جي بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪولن مان پڙهيل شاگردن کي ايگزيڪٽ ۾ آساني سان ملازمت ملي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته ايگزيڪٽ کي انتهائي ذهين، انگريزي ۽ ان جي تلفظ تي دسترس رکندڙ ماڻهن جي ضرورت هوندي هئي.

Axact

هن ڪمپني تيل ڪمپنين کان وڌيڪ پنهنجي ملازمن کي آسائشون فراهم ڪيون، جعلي ڊگرين جو ڪاروبار ڪيتري ئي عرصي کان هلندو رهيو، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به مالي معاملن تي نظر رکندڙ اداري هن طرف ڌيان ئي نه ڏنو،( ٻي اداري ڏانهن پاڻ جو اشارو ناهي) جڏهن بول جو اعلان ٿيو ته ان دوران ئي جنگ گروپ جا پاڪستان جي هڪ حساس اداري سان معاملا خراب ٿي چڪا هئا، بول وارن ۽ خود جنگ گروپ ان تاثر کي پاڻ هٿي ڏني ته انڊر ورلڊ جو ڊان دائود ابراهيم ۽ پاڪستان جو هڪ حساس ادارو بول جي پويان آهي، ان ئي عرصي ۾ ملڪ جا وڏا وڏا اينڪر پرسن ڳرين پگهارن تي بول جوائن ڪري چڪا هئا، جن کي پنج لک مليا ٿي ، بول انهن کي 25 لک ڏنا، پاڪستان جي ميڊيا ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو جو هڪ هڪ ڪروڙ جي پگهار تي صحافي رکيا ويا. بول جي چمڪ کان حڪومت به متاثر ٿي، اطلاعات وارو وزير بول جي پرگرامن ۾ به شريڪ ٿيو، پر پوءِ اوچتو سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ ڊڪلن والش جي خبر پاڪستان جي ميڊيا ۾ باھ ٻاري ڇڏي، ائين ناهي ته ڪو اها خبر اوچتي آئي ۽ حادثاتي طور باھ ٻري وئي، پر اهو سڀ ڪجهه هڪ رٿابندي تحت هو، جيو تي جڏهن ڏکيو وقت آيو هو ته ٻيا چينل جيو جي خلاف هئا، کيس هندستان جي ڳجهي اداري را جو ايجنٽ قرار ڏئي رهيا هئا، پر جڏهن بول جو معاملو آيو ته نام نهاد ملڪ دوست ۽ ملڪ دشمن هڪ ٻئي جا جگري دوست بڻجي ويا ۽ بول جي خلاف هڪ آواز بڻجي ويا. هن وقت صورتحال اها آهي ته ايگزيڪٽ ڪمپني جو چيف ايگزيڪيٽو شعيب شيخ ايف آءِ اي جي حراست ۾ آهي، سندس ڪمپني جا ڏگر نڪري چڪا آهن، ۽ سندس بول چينل جو آئيندو به اونداهو ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن شعيب شيخ عقلمندي کان ڪم وٺندي اڄ کان 6 مهينا اڳ ۾ ئي پنهنجي چينل جي شروعات ڪري ڇڏي ها ته اڄ جيڪي اينڪر جعلي ڊگرين جي ڪاروبار کي گناھ قرار ڏئي ڇڏي هليا ويا آهن، اهي نه رڳو سندس وڏا وڪيل هجن ها، پر شايد اهڙا ڏينهن به مٿس نه اچن ها، ڇاڪاڻ ته پوءِ شعيب شيخ خلاف ڪارروائي ميڊيا تي حملو تصور ڪئي وڃي ها، جيئن ته شيخ بنيادي طور تي هيڪر مان ڪاروباري بڻيو هو ، ان ڪري هن سمجهيو ته هو حالتن کي به هيڪ ڪري وٺندو، پر اهائي سندس غلط فهمي هئي، جنهن کيس ٻوڙي ڇڏيو.

اها غلط فهمي رڳو شعيب شيخ کي نه پر هن وقت ميڊيا مالڪن سان گڏجي شعيب شيخ خلاف ڪارروائي ۾ اڳڀري ٿيل ميان نواز شريف کي به هئي، جڏهن عمران خان گذريل سال واري آگسٽ جي ڌرڻي کان گهڻا مهينا اڳ ۾ چئن تڪن تي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائڻ جا مطالبا ڪندو رهيو هو، ڳري مينڊيٽ جي خمار ۾ ورتل ميان ڀائرن عمران خان کي کنگهيو ئي ڪونه، نتيجي ۾ عمران خان آخري حد تائين هليو ويو، حڪومت هن جي مطالبي تي جهڪي پئي، عدالتي ڪميشن قائم ٿيو، ۽ هن ڪميشن آڏو سموريون سياسي پارٽيون پيش ٿيون آهن، سڀني ڌانڌلين جون دانهون ڪيون آهن. شاهديون پيش ڪيون آهن، ڪميشن پنهنجي مدي ۾ ٽن هفتن جي واڌ ڪندي سڄي ملڪ ۾ ووٽن جا ٿيلها کولڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. جون جي پهرين هفتي ۾ سمورين ضلعي عدالتن کي ووٽن جي ٿيلهن اندر پيل 15 هون نمبر فارم تصديق ڪري ڪميشن کي موڪلڻو آهي، اهي فارم هزارن جي انگ ۾ هوندا، ان ڪري ان جي جاچ ۾ ڪجهه مهينا لڳي سگهن ٿا، پر هڪ ڳالهه واضح آهي، انهن کليل ٿيلهن مان گهڻا انڪشاف به سامهون ايندا، تنهن ڪري رڳو معاملو جعلي ڊگرين تائين محدود نه رهندو پر اهو معاملو هاڻي جعلي مينڊيٽ واري پاسي به ويندو. عمران خان جي مطالبي تي جيڪڏهن ميان نواز شريف دور انديشي جو مظاهرو ڪندي چئني تڪن تي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائڻ بدران جيڪڏهن کيس شڪ به هو ته هو انهن چئن تڪن جي ايم اين ايز کان استيعفائون وٺي ٻيهر چونڊون ڪرائي ها ته نه رڳو ٻيهر سندس اميدوار ڪامياب ٿي وڃن ها، پر کيس ايتري پريشاني به نه کڻڻي پوي ها. هاڻي هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن ادارتي ڌانڌلي نه به ثابت ٿئي، پر جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت ٿي وئي ته 2013ع واريون چونڊون مشڪوڪ ٿي وينديون. ان ڪري اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته غلطي رڳو ايگزيڪٽ جي مالڪ کان نه پر ن ليگ جي سربراھ کان به ٿي وئي آهي، ٻنهي ڌرين وقت تي فيصلا نه ڪيا، جنهن جي ڪري ابتي ڳڻپ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

جعلي دعوائون!!

آصف علي زرداري به مئي جي مهيني جا گهڻا ڏينهن اسلام آباد ۾ گذاريا، صحافين سان ڳالھين دوران کيس تلخ سوالن کي به منهن ڏيڻو پيو، پر هڪ صحافي کيس وڄائي ڇڏيو، جڏهن هن سوال ڪندي کيس چيو ته ملڪ ۾ اهو تاثر عام آهي ته پيپلزپارٽي سان جيڪو ڪم جنرل ضياء ۽ مشرف نه ڪري سگهيا، اهو اوهان ڪري ڏيکاريو آهي،

“اها ٽي وي جي خبر ٿي سگهي ٿي، حقيقيت جو ان سان ڪوبه تعلق ناهي” بي احساس مرڪ چپن تي آڻيندي زرداري چيو هو، سنڌ ۾ مڪمل امن آهي، هن وري دعوا ڪئي هئي، زرداري هائوس ۾ جنهن وقت هو صحافين سان ملڻ لاءِ هال ۾ پهتو ته سندس اسٽاف “ مسٽر پريذيڊنٽ” جي آمد جو اعلان ڪيو، زرداري کي لڳي ٿو ته هو اڃا به شاهراھ دستور تي موجود ان صدارتي محل ۾ موجود آهي، جيڪو عربي خوشبو سان مهڪندو رهي ٿو، جيتوڻيڪ اڄ به زرداري هائوس هجي يا بلاول هائوس ،اهائي عربي خوشبو هن جي هر ڪمري ۽ هال ۾ آمد وقت ٻرندڙ ٽانڊي مٿان ٻُرڪي ويندي آهي، پر اهو واس ڏيڻ سان هر عمارت ايوان صدر نٿي ٿي سگهي. زرداري صاحب سمجهي ٿو ته هو سنڌ جي سياسي گيم جو اهوآخري رانديگر آهي، جيڪو راند جي نتيجن کي تبديل ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو، پر هر هنر جو هڪ وقت آهي، ضروري ناهي ته اهو هنر سدائين سياست جي مارڪيٽ ۾ ڪارگر رهي!

5565e69e04b92

اهڙي ريت هن دفعي خوشبختي سان سنڌ جو ناڻي وارو وزير سيد مراد علي شاھ ان ڳالهه تي راضي ٿيو ته هو اسلام آباد جي صحافين کي پنهنجو درشن ڪرائي، هن جي به پنهنجي پارٽي سربراھ وانگر اها اها دعوا ڪئي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي وفاقي حڪومت ۽ ٽنهي صوبائي حڪومتن کان بهتر آهي. “ اسان سڀن کان وڌيڪ روينيو وصول ڪيو آهي، اهو رڳو تاثر آهي ته سنڌ ۾ بيڊ گورننس آهي” هو چئي رهيو هو،

وصولي به گهڻي ٿي آهي پر سنڌ جو اهڙو ڪو شهر آهي، جيڪو اوهان ستن سالن ۾ ٺاهيو هجي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن جي ترقي لاءِ 50 ارب رپيا گهرجن، ان لاءِ اسان فيصلو ڪيو آهي، ته عالمي ادارن کان قرض کڻنداسين، وفاق کي لکيو آهي ته هو ان سلسلي ۾ ضمانت ڏئي، سنڌ جا ماڻهو تياري وٺن ، هڪ دفعو 50 ارب رپيا قرض کڻي نوان شهر ٺاهڻ جي بهاني وري نئون ڌنڌو شروع ٿيڻ وارو آهي!!

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو