Home / سنڌ افيئر / ڪيٽي بندر جتي هاڻي ڪجھه به ناهي بچيو !
above article banner

ڪيٽي بندر جتي هاڻي ڪجھه به ناهي بچيو !

ابوبڪر شيخ 

ڪجهه نالا پنهنجي اندر اهڙي سحر انگيزي رکندا آهن جو ماضي جي تاريخ جي حوالي سان انهن ڏانهن نهاريو وڃي ته ان سحر انگيزي ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي ويندو آهي. ٿورو تصور ڪريو ته اڄ کان ڏيڍ سئو ورهيه اڳ هڪ اهڙو بندرگاهه جتي هڪ ئي وقت ۾ سوين ٻيڙيون بيهنديون هيون جتي بينڪ هجي، ڪسٽم آفيس هجي ۽ ميونسپالٽي تمام سگهاري هجي، جتان هزارين ٽن چانور، سڪل مڇي ۽ ديسي گيهه ٻين شهرن کي موڪليو ويندو هجي. ڏيڍ سئو سال اڳ جنهن ننڍي شهر جون گهٽيون سرن سان پڪيون هجن ۽ شام ٿيندي ئي انهن گهٽين کي روشن ڪرڻ لاءِ شمعدان روشن ڪيا ويندا هجن ته اهڙي هنڌ کي ڏسڻ لاءِ انتظار اڃا به وڌي وڃي ٿو.

ڪيٽي بندر گهارو کان هڪ سئو ويهه ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهي، جڏهن توهان گهارو جهڙي ننڍي شهر مان نڪري ڪيٽي بندر ڏانهن روانا ٿيو ٿا ته سمورو لينڊ اسڪيپ تبديل ٿي وڃي ٿو. ساوڪ خبر ناهي ته ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. سڪل وڻ، فصلن جو ڪو نالو نشان ناهي، ڪٿي ڪٿي “پان جي پنن جا فارم هئا ۽ نازڪ هئڻ ڪري انهن کي اس کان بچائڻ لاءِ ڍڪي رکيو ويو هو.” ڪٿي ڪٿي فارمي ڪڪڙن جا فارم هئا، ڇو ته فارمي ڪڪڙ به نازڪ ٿين ٿا ان ڪري انهن کي به ڍڪيو ويو هو ته جيئن اس جي ڪري بيمار نه ٿين. رستي تي ننڍا ننڍا ڳوٺ هئا، جن مان ڪجهه ويران ٿي چڪا هئا ۽ ڪجهه ويران ٿيڻ جي ويجهو هئا.

28

تاريخ جا صفحا جنهن علائقي جي زرخيز زمين ۽ فصلن جي ذڪر سان ڀريا پيا آهن اڄ ڪلهه ان علائقي جي حالت بدقسمتي سان انهن احوالن جي بلڪل ابتڙ آهي. ڪيٽي بندر کان اڳ اهي قديم قبرستان به آيا جن تي هاڻي سمنڊ جي لهرن جو قبضو آهي ڪجهه پيلا پٿر ۽ ڪجهه پيلن پٿرن ۽ ڳاڙهين سرن جا نشان ٻڌائين ٿا ته هتي ڪنهن زماني ۾ قبرستان هئا. نشان اهو به ٻڌائين ٿا ته مقامي وڻن جا ٻيلا لڳاتار وڍجي رهيا آهن. ماڻهو وڻ ڪپي بٺين ۾ ڪوئلو ٺاهي رهيا هئا ۽ ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪندي نظر آيا. بٺيل مان اٿندڙ دونهون جيڪو دير تائين فضا ۾ رهي ٿو. مٺي پاڻي جي کوٽ ۽ سمنڊ جي اڳتي وڌڻ سبب مقامي جهنگلي جانورن جو ايڏو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي جنهن جو ازالو شايد ڊگهي عرصي تائين نه ڪري سگهجي. مقامي جانور ۽ انهن پکين جا نسل جيڪي هزارين ورهين کان انهن ٻيلن ۽ پاڻين ۾ رهندا هئا. اهي يا ته ختم ٿي چڪا آهن يا پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن هتي گذاري رهيا آهن.

ڪيٽي بندر کان اڳ رستي ۾ عورتون ۽ ٻارڙيون مليون جن جي هٿن ۾ پاڻي جا ٿانو هئا اهي رستي تي بيٺي پاڻي جي ان ٽينڪر جو انتظار ڪري رهيون هيون جيڪو شهر مان اچڻو هئو، جيڪو کين گيلن جي حساب سان پاڻي وڪرو ڪندو آهي. شهر ۾ پيٽرول پئسن سان ملندو آهي ۽ هتي پاڻي. ڪيٽي بندر پهتاسين ۽ ڏٺو سين ته ماضي جو اهو شهر ۽ بندرگاهه جنهن جي آبادي هزارن ۾ هئي اهو هاڻي سڪڙجي هڪ ننڍڙو ڳوٺ بڻجي ويو آهي. مون ويران بازار ڏٺي جتي ماڻهو گهٽ ۽ خاموشي وڌيڪ هئي. تڏهن مون کي ايئن لڳو ته جيئن وقت جي بي رحم هٿن هڪ شهر جو اعزاز به ڪيٽي بندر جي تاج مان ڪنهن هيري وانگر ڇني ورتو آهي.

ماضي جي عظمتن ۽ خوبصورت ڏهاڙن جو هاڻي هتي ڪو به نشان ناهي بچيو جيڪڏهن ڪجهه بچيو آهي ته انهن ڏينهن جون ڳالهيون آهن جيڪي نسل در نسل هلنديون ٿيون اچن. ماڻهو جڏهن ڪيٽي بندر جي ماضي بابت ڳالهائين ٿا ته سندن لفظن ۽ اکين ۾ ماضي جي ڏينهن جي خوبصورتي پڻ ڪنول جي گل وانگر ترندي نظر اچي ٿي ۽ لفظن مان سارين جي فصل جي خوشبو اچڻ لڳي ٿي. ڪيٽي بندر جي گهٽين ۾ پر اسرار خاموشي جا ڪنڊا ڄمن ٿا، پر جيڪڏهن دل جي اکين سان ڏٺو وڃي ته ماضي جي شاندار شهر مٿان خوبصورت گهڙين جا گلاب جنم وٺن ٿا، ماضي ڪنهن کي سٺو نه ٿو لڳي؟

جيئن هر بندرگاهه کي ڪجهه سالن کانپوءِ ڊريجنگ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن ان جي گهرائي برقرار رکي سگهجي. اهڙي ريت ڪيٽي بندر کي به ڊريجنگ جي ضرورت هئي. ليڪن ٽيڪنالاجي جي گهٽتائي جي ڪري مٽي کي نه ڪڍيو ويو جنهن ڪري پهريون ڪيٽي بندر استعمال جي قابل نه رهيو. اهڙي ريت ٻيو ڪيٽي بندر به استعمال جي قابل نه رهيو تڏهن ٽيون ڪيٽي بندر ٺاهيو ويو. هاڻوڪو ڪيٽي بندر جيڪو اڃا تائين ساهه کڻي رهيو آهي اهو ان بند جي ڪري جيڪو بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ ٺهرايو ويو هو ۽ ڪجهه ورهين کانپوءِ جڏهن اهو بند سمنڊ جي سگهارين لهرن جو مقابلو نه ڪري سگهندو تڏهن ٽيون ۽ شايد آخري ڪيٽي بندر به پنهنجو وجود مشڪل سان ئي بچائي سگهندو. مون ڪيٽي بندر جي مختصر بازار ڏٺي، آءُ انهن ڪچين وستين جي ڪچين گهٽين مان گذريس جتي تيز هوا مٽي پئي اڏاري. آءُ بند تي ويس ته ان وقت گهٽ چاڙهه جو وقت هو ان ڪري ڪنارا پاڻي کان خالي هئا. ٻيڙيون جيڪي چاڙهه جي وقت پاڻي ۾ بيٺيون هيون هاڻي پاڻي نه هئڻ ڪري ڄڻ ته آلي زمين تي ليٽيون پيون هيون. مون ڪسٽم هائوس جي آثارن جي ڳولا ڪئي جتي سوين ٻيڙين ۽ ايندڙ ويندڙ سامان جي داخلا ٿيندي هئي، مون ان بئنڪ جا نشان به ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جتي هزارن ۽ لکن جي ڏيتي ليتي به ٿيندي هئي. مون ڳاڙهين سرن مان ٺهيل انهن گهٽين کي به ڳولهڻ شروع ڪيو جتي شام ٿيندي ئي شمعدان روشن ٿيندا هئا. ليڪن مون کي گهري خاموشي ۽ مايوسي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو.

ڪيٽي بندر جي هڪ چانهه جي هوٽل تي منهنجي ملاقات نور محمد سان ٿي، مون جڏهن کائنس ڪيٽي بندر جي ماضي بابت پڇيو ته کيس گهڻو معلوم نه هو، باقي هاڻوڪن ڏينهن بابت هن ٻڌايو ته : “ماضي جي ته خبر ناهي پر هن وقت به هتي چار سئو کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون آهن جن مان اسان جي روزي روٽي ٿئي ٿي، اسان وٽ خشڪي تي به ڳوٺ آهن ۽ اندر سمنڊ ۾ ٻيٽن تي به. ڪمايون ٿا، کائون ٿا- بس وقت گذري رهيو آهي.” پوءِ مون نور محمد کان پيئڻ جي پاڻي بابت پڇيو ته هن ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي اختيار ڪئي پوءِ چوڻ لڳو “بس پيئڻ جو پاڻي پئسن تي وٺڻو ٿو پوي، هتي جيڪي واهه آهن انهن ۾ مٿان کان مٺو پاڻي نه ٿو اچي تڏهن ته زمينون به برباد ٿي ويون آهن، ڪو به فصل هتي نه ٿو ٿئي. روزانو هتي پاڻي جا10،15 ٽينڪر اچن ٿا، جنهن جي جيتري طاقت آهي اهو اوترو پاڻي خريد ڪري وٺندو آهي،.” نور محمد جي ان جواب کانپوءِ مون سوچيو ته ڇا هي اهو ئي هنڌ آهي جنهن بابت مسٽر هُڊسن جنهن ڪمشنر آف سنڌ کي هن علائقي جي ريسيٽلمينٽ رپورٽ 1905ع ۾ پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ لکيو هو ته: “1848ع کان هي شهر امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو مرڪز رهيو آهي، هي اناج جي مشهور منڊي آهي هتي ڪراچي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين اناج وڃي ٿو. ڪيٽي بندر جو “زنجبار” سان سڌو رابطو آهي، 1902-03 ۾ 92 هزار 7 سئو 5 مڻ اناج، 22 سئو ٽيهه مڻ ڪاٺ ۽ ٻيو سامان ٻاهر موڪليو ويو.”

1908-09ع ۾ بندر تي 382 جهاز، 8 هزار 20 ٽن سامان کڻي داخل ٿيا، جڏهن ته 260 جهاز ، 7 هزار 4 سئو 82 ٽن سامان کڻي ٻين ملڪن ڏانهن روانا ٿيا. 1923ع ۾ هتان 4 لک 23 هزار، 432 روپين جو مال امپورٽ ڪيو ويو جڏهن ته ، 2 لک 31 هزار 13 سئو روپين جو مال ايڪسپورٽ ڪيو ويو ۽ 1946ع ۾ 13 هزار چار سئو 15 روپين جو مال گهرايو ويو. 1948ع ۾ درياهي وهڪري جي تبديلي جي ڪري ڪيٽي بندر جي آسمان تان خوشحالي جو سج لهڻ لڳو ۽ زوال جي شروعات ٿي وئي.

هاڻي ان ماضي جي شاندار بندرگاهه تي جهازن ۽ ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جو فقط تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. تڏهوڪو مصروف ترين بندرگاهه جتي انجڻن جو آواز هوندو هو، هاڻي خاموشي آهي بس شڪار ۾ جيڪڏهن ڪجهه ملي وڃي ته واهه واهه. آءُ واپسي ۾ اتان جي هڪ سماجي ڪارڪن گلاب شاهه سان به مليس جيڪو ڪيٽي بندر جي ويجهو جهالو شاهه ۾ رهي ٿو. مون کائنس پڇيو ته هتان ڪيترا ماڻهو لڏي ويا آهن تڏهن هو چوڻ لڳو ته “هتي بچيو ڇا آهي!” گلاب شاهه جي آواز ۾ بنجر ٿيندڙ ڌرتي جو درد هو جيڪو لفظن ۾ لڪل هو. ڪراچي جو اڌ ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ ۽ ملاحن جون ننڍيون ننڍيون وسنديون آهن اهي سڀ هتان لڏي ويا آهن. خوشي سان پنهنجي گهر جو اڱڻ ڪير ڇڏيندو آهي. هي ته اهو علائقو آهي جيڪو سڄي سنڌ ۾ سارين جي فصل ۽ ان جي مختلف جنسن جي ڪري مشهور هو، ايتري حد تائين جو فصل لهڻ وقت مقامي ماڻهو پورا نه پوندا هئا ته ملتان مان ماڻهو سارين جو لابارو ڪرڻ هتي ايندا هئا. ليڪن جڏهن کان ڊيم ٺهڻ شروع ٿيا ته مٺي پاڻي کي انهن ڊيمن ۾ قيد ڪيو ويو تڏهن مٺي پاڻي جي گهڻي کوٽ جي ڪري زراعت تباهه ٿي وئي.

“ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي اڳتي وڌي آيو آهي جنهن جي ڪري سڀ ڪجهه تباهه ٿي رهيو آهي. گذر سفر جا ذريعا لڳاتار ختم ٿي رهيا آهن ٻيو ته ڇڏيو واهن ۾ ئي پاڻي نه ٿو اچي. هڪ دور ۾ ننڍا کوهه کوٽي پاڻي حاصل ڪري وٺندا هئاسين پر هاڻي واٽر ليول ايتري وڌي وئي آهي جو ٻن ٽن فوٽن تائين کوٽائي ڪرڻ سان سمنڊ جو کارو پاڻي نڪري اچي ٿو، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن آهن هن سرزمين تي.”

مون گلاب شاهه جي درد کي محسوس ڪيو مون خالي ڳوٺ ۽ ويران گهرن جا اڱڻ به ڏٺا تڏهن مون کي يقين ٿي ويو ته هتي جي زمينن کان قسمت واقعي رسي وئي آهي ۽ هاڻي خاموشي، بي وسي ۽ ويراني جي هڪ ئي موسم هتي ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو