Home / ڪرنٽ افيئر / گهوٽڪي بم ڌماڪو: پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟
above article banner

گهوٽڪي بم ڌماڪو: پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟

15 مئي جي صبح جو گهوٽڪي شهر جي ڀر ۾ قائم ڳوٺ صيفل خان ڪولاچي ۾ ٻن معصوم ٻارن جي هٿن ۾ هڪ بم خوفناڪ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن بدنصيب ننڍڙن ڀائرن دم ڏئي ڇڏيو. هن بم جو ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن صبح جي وقت جا ڪانٽا 6 لڳي 30 منٽن کي ڌڪ هڻي رهياهئا ۽ اڃا ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو رات واري ننڊ جي چادر ۾ ستا پيا هئا ۽ سڄي ڳوٺ ۾ مڪمل سانت ۽ خاموشي هئي.

دراصل ٿيو ايئن ته ڳوٺ جي مسجد جي بلڪل ڀر ۾ ٻن ننڊن ڀائرن کي هڪ بم نظر آيو جيڪو بال نمان هو ۽ هڪ اندازي موجب وزن ۾ هڪ ڪلو کن هو، ٻن ڀائرن فدا حسين جنهن جي عمر 16 سال ۽ ٻيو سندس ننڍو ڀاءُ عقيل احمد جنهن جي عمر 9 سال کن هئي ٻئي ان بال کي کڻي کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڳوٺ جي ماڻهن مطابق ته انهن بال کي چڪ هڻي کولڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ فداحسين ڪولاچي جو ساڄي پاسي وارو منهن جو ڳچ حصو۽ سموري ڇاتي ڌماڪي سان گڏ ڄڻ ته ڦاٽي پيا۽ هڪ لمحي ۾ ئي سندس دم ڌڻي حوالي ٿي ويو. سندس ساڄي هٿ جون آگريون جن ۾ هن بم پڪڙي رکيو هو 20فٽ پري وڃي ڪريون، جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ به شديد زخمي ٿي پيو جيڪو سڄوڏينهن موت سان جهيڙيندورهيو پر شام ڌاري به ان موت کان شڪست کاڌي ، ايئن هي بدنصيب نينگر پنهجن عزيزن کي زندگي ڀر جا گهاوَ ڏئي هميشه لاءِ وڃي سڪون پذير ٿيا.

ڌماڪي کان تقريبن هڪ ڪلاڪ اندر ئي ملڪ جي سڀني ٽي وي چينلز تي ٽِڪر هلڻ لڳا جنهن کان ترت پوءِ پوليس ۽ رينجرز جي گاڏين جي ڊگهي قطار ڳوٺ صيفل خان ڪولاچي جو رخ ڪيو. پوليس ۽ رينجرز ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي واقعي جي جاچ پڙتال ڪئي جتي بنيادي معلومات وٺڻ کانپوءِ بنا ڪنهن نتيجي جي واپس هلي وئي. اصل ۾ هي بم ڌماڪو ڪا تخريبڪاري ته نه هئي پر ڳوٺ ۾ بمن جي موجودگي ڪيئي سوال پيدا ڪري ٿي .

16

. مثال طوراهو هڪ ڪلو وزني بم ڪٿان آيو، بم آڻيندڙ شخص کي ڪهڙي تخريبڪاري ڪرڻي هئي ، ڇا جمعي جي ڏينهن مسجد جي ڀر ۾ بم ذريعي نمازين کي نشانو بڻائڻ هو يا وري ان جي پويان ڪي ٻيا مقصد هئا . خبر ناهي ته پوليس ۽ رينجرز ان ڳوٺ مان واپسي تي ڪهڙانتيجا کڻي آئي هوندي پر ان واقعي کي سمجهڻ لاءِ ان ڳوٺ جي آسپاس ديني مدرسن جي موجودگي ڪافي آساني پيدا ڪري ٿي.

صبح سان ٿيل بم ڌماڪي کانپوءِ “افيئر” پاران جڏهن ان معاملي جي جاچ پڙتال لاءِ آءُ ان ڳوٺ ۾ پهتس ته ٻارن جي تڏي تي پهچندي مونکي ويهارو کن مدرسن جا کٿابي نظر آيا، جيڪي آسپاس جي مدرسن ۾ يا ته پڙهائي رهيا آهن يا وري اڃا طالب علم آهن، جنهن هنڌ تي بم ڌماڪو ٿيو آهي ان کان رڳو هڪ سئو فٽن تي هڪ مدرسو به قائم آهي جتي ڳوٺ فيصل ڪولاچي جي ٻارن کي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي ، جڏهن ته ڀر ۾ ئي هڪ ٻئي ڳوٺ مسو خان ڪلوڙ ۾ هڪ وڏو مدرسو آهي جتي پري پري کان آيل ٻار تعليم پرائين ٿا. ان کان سواءِ جڏهن مون تڏي تي ويٺل ماڻهن کان ڀر پاسي ۾ موجود مدرسن بابت ڄاڻ ورتي ته مونکي مدرسن جي هڪ ڊگهي لسٽ ٺاهڻي پئي. مون ڳوٺ صيفل ڪولاچي کان فقط 5 اسڪوائر ڪلو ميٽر تائين موجود مدرسن متعلق ڄاڻ ورتي ۽ معلوم ٿيو ته آسپاس ۾ گهوٽڪي شهر۾ قائم مدرسن سميت انهن جو تعداد ويهارو کن آهي، جتي ديني تعليم پرائيندڙ ٻارن جو تعداد هزارن ۾آهي.اهو به معلو ٿئي ٿو ته انهن مدرسن ۾ مختلف هنڌن کان ڪيترن ئي ماڻهن جي اچ وڃ آهي، جڏهن ته پوليس سميت سڄي ضلعي انتظاميا ذڪر ڪيل مدرسن ۾ ٿيندڙ سرگرمين کان بلڪل بي خبر آهي.

جڏهن مٿي ذڪر ڪيل علائقن ۾ مدرسن جي ڀيٽ ۾ سرڪار پاران قائم اسڪولن جي تعداد کي ڏسان ٿو ته مدرسن جي ڀيٽ ۾ اسڪولن جو تعداد اڃا گهٽ آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اسان جو ايندڙ نسل ڪئين نه جديد علم کان ڪوهين ڏور ديني مدرسن ۾ اهڙي ڄاڻ حاصل ڪري رهيو آهي جنهن تي سڄي دنيا پاران تنقيد ٿي رهي آهي ۽ان ئي علم جي آڌار تي ملڪ ۾ طالبان فيڪٽر پروان چڙهي رهيو آهي . پڪ سان اهو اهڙي علم جو ئي نتيجو آهي جو ان ئي ڳوٺ ۾ قائم هڪ مدرسي جي استاد گذريل سال ڳوٺ آيل پوليو جي ٽيم کي مدرسي جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ حرام جو جواز ڄاڻائي ڦڙا پيارڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيوهو.

منهجو تعلق ڄام شورو ضلعي جي سيوهڻ تعلق سان آهي ۽ هتي نوڪري سانگي آئي مونکي ٻه سال ٿيڻ وارا آهن.حيدرآباد شهر کان ويندي ڄامشورو شهر ۽ اڳيان سن ، سيوهڻ کان ٿيندي دادو ۽ پوءِ سڌو لاڙڪاڻي تائين ان سڄي پٽي ۾ مدرسن جو تعداد بنهه گهٽ آهي جنهن جو بنيادي سبب ذڪر ڪيل پٽي ۾ تعليم جي شرح جو وڌيڪ هجڻ آهي. پر گهوٽڪي ۾ مدرسن جوهڪ وڏو ڄار وڇايل آهي تقريبن هر ڳوٺ ۾ اهڙن مدرسن جا گريجوئيٽ موجود آهن ، جيڪي مدرسي ۾ پڙهايل ان دين جي پرچار ڪرڻ ۾ مشغول آهن. اها ئي صورتحال برقرار رهي ته ايندڙ فقط هڪ ڏهاڪي اندر هي ماڻهو پنهجا نظريا مڙهڻ لاءِ بندوق کڻي روڊن تي هوندا . هي گذريل فيبروري مهيني جي ئي ڳالهه آهي جڏهن گهوٽڪي شهر ۾ هڪ سرڪس گروپ ماڻهن جي تفريح لاءِ پهريان گهوٽڪي پارڪ ۾ميلي نما سرگرميون ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پر شهر جي ملن کين ائين ڪرڻ نه ڏنو، نتيجي ۾ انهن پنهنجا جهولا ، سرڪس ۽ موت جا کوه شهر جي هڪ ٻي علائقي انورآباد لڳ ڪلمه چوڪ تي منتقل ڪيا، پر اتي به قائم هڪ وڏي مسجد ۾ موجود حضرات هڪ طويل گڏجاڻي دوران شهر جي ماڻهن کي ائين تفريح مهيا ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ آخر ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته پهريان سڄي جماعت سرڪس انتظاميا کي زباني تنبيهه ڪري ته هو ان کيل کي فوري بند ڪن جي نه ته سندن خيمن، جهولن ۽ سرڪس کي باهيون ڏنيون وينديون. سندن خيال هو ته ٻارن جي جهولن لاءِ عورتون به ساڻن گڏ اينديون ۽ سرڪس ۾ نينگريون پنهجا شاهڪار فن پيش ڪنديون جيڪو عمل نج غير شرعي آهي.

17

گهوٽڪي سميت اتر سنڌ جي ٻين ضلعن جن ۾ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهداد ڪوٽ شامل آهن هتي هن وقت تائين هزارين مدرسا قائم ٿي چڪا آهن جنهن جي آسپاس طالبان طرز تي هڪ وڏي آبادي آهي جيڪا مدرسن جي ذريعي پهريان تيار ٿي ۽ هاڻي منظم ٿي رهي آهي جيڪا ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي صوفي مزاج جي چهري کي تبديل ڪري سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ديني مدرسن ۾ واڌ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن ۾ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي به آهي ، پر سنڌ جي تعليمي ادارن جو ڪمزورٿيڻ سڀ کان وڏو سبب بڻيل آهي. گهوٽڪي سميت مٿي ذڪر ڪيل اتر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ تعليم جي شرح بلڪل گهٽ آهي ، جنهن سبب ئي تعليم پرائڻ جو هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جنهن صورتحال مان ملڪ جون مذهبي انتها پسند ڌريون ڀرپور فائدو وٺندي ديني مدرسن جو ڄار وڇائي رهيون آهن، ان جي نتيجي ۾ تعليم کان محروم طبقي کي پنهجن ٻارن کي مدرسن لاءِ موڪلڻ جو موقعو هٿ لڳي ويو آهي.

ڪجهه وقت اڳ شڪارپور شهر اندر ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاچ اڃا اڌ ۾ رهيل آهي ته مٿان وري گهوٽڪي شهر جي ڀر ۾ هڪ ٻي ڌماڪي خطري جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون آهن. خبر ناهي ته ڳوٺ صيفل خان ڪولاچي ۾ ٿيل هن تازي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ملزمن جا ڪوئي پيرا کڻندو به يا نه ، يا وري کنيل پيرا ڪنهن دڳ تي پهچندا به يا نه ؟ اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر هن وقت منهنجي ذهن ۾فقط هڪ سوال آهي ته ڇا سنڌ ايندڙ وقت ۾ پنهجو صوفي مزاج قائم رکي سگهندي به يا نه؟ بظاهر ته سنڌ جي چهري تان صوفياڻو رنگ مٽجي رهيو آهي ۽ ايندڙصوفياڻي سنڌ اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو