Home / ڪور افيئر / گوادر مٿان ڳجهن جا لامارا!
above article banner

گوادر مٿان ڳجهن جا لامارا!

عابد مير

ملٽي نيشنل ڪمپنين جو سڀ کان وڏو هٿيار اشتهار هوندا آهن، دلين کي گرمائيندڙ، جذبا اُڀاريندڙ رت گرم ڪندڙ اشتهار. اهي اشتهار ئي آهن جن جي ڪري زندگي جون لگزري سهولتن اسانجي ضرورتن جي جاءِ ورتي آهي. اهي رنگين اشتهار اسانجي “بليڪ اينڊ وائيٽ” زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙي ريت اچي واسو ڪن ٿا جو اسانکي پنهنجي ڀرپاسي سڀ ڪجهه “رنگين” نظر اچڻ لڳندو آهي. انهن رنگينين ۽ روشنين جي چمڪ دمڪ اسانکي انهن ڪمپنين جي پراڊڪٽس جو ايترو ته عادي بڻائي ڇڏيندي آهي جو انهن کانسواءِ اسان پنهنجي زندگي اڌوري سمجهندا آهيون.

مذڪوره ڪمپنين جي مارڪيٽنگ جو ڪامياب مثال پيوري فائيڊ واٽر يعني صاف پاڻي جون اهي ننڍيون وڏيون بوتلون آهن، جيڪي اڄ هر ننڍي وڏي تقريب جو لازمي حصو آهن. بلڪه وڏن شهرن ۾ ته گهرن جي به لازمي ضرورت بڻجي چڪيون آهن. پندرهن ويهه سال اڳ اسان مان ڪير اهو سوچي به نه پيو سگهي ته ڪڏهن پاڻي جهڙي قدرتي نعمت به بوتلن ۾ بند ڪري پئسن تي کپائي ۽ خريد ڪئي ويندي. بس هڪ هوا وڪرو ٿيڻ کان باقي رهجي وئي آهي. منافعي خورن جي لالچ کي ڏسندي اهو به ممڪن آهي ته اهي ترت هوا به وڪڻڻ شروع ڪن. بلڪه اهڙا منصوبا غور هيٺ آهن جن هيٺ اهڙا جم سينٽر قائم ٿي رهيا آهن جتي اوهان ڪجهه ڏوڪڙ خرچ ڪري شهر جي گدلاڻ کان پاڪ، صاف سٿري هوا ۾ ساهه کڻي سگهو ٿا. اهو سڀ ڪجهه ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ڪاري وار هوندو، انساني سماج مان حيرت، تجسس، جهڙن احساسن جو خاتمو.

12

ملٽي نينشنل هجي يا سنگل نيشنل، ان جو تعلق اولهه سان هجي يا اوڀر سان. سرمائيدار لاءِ دنيا جي پرڪشش شيءَ فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي نفعو. جتان به ملي، جيئن به ملي، وٺڻو آهي ۽ اسان جي خطي ۾ مستقبل جي نفعي بخش مال جو نالو آهي “گوادر”. ان ڪري سڄي دنيا جا منافعي خور جيڪي وڏي عرصي کان ان تي نظرون ڄمايو ويٺا هئا، حالتن جو رخ ڏسي، انهن گوادر تي ڦيرا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. انهن عالمي سرمائيدارن جي منافعي مان پنهنجو حصو پتي وٺڻ لاءِ اسان جا مقامي “بروڪر” به سرگرم آهن. عالمي سرمائيدار ڪمپنيون ۽ ڪارپوريٽ ادارا پنهنجن مفادن جي پورائي لاءِ مقامي حڪمرانن، ادارن ۽ ماڻهن کي پنهنجي مفادن لاءِ ڪيئن ٿا استعمال ڪن. ان جو تفصيلي احوال جان پرڪنز نالي ليکڪ پنهنجي ڪتاب “ڪنفيشنز آف اين اڪنامڪ هِٽ مين” نالي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. اهو صاحب ٻڌائي ٿو ته عالمي ادارا پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ مقامي حڪمرانن کي “عالمي فنڊن” وسيلي خريد ڪندا آهن. اهي کين انفرااسٽرڪچر جي نالي تي وياج تي ناڻو مهيا ڪندا آهن  ۽ پوءِ ان عيوض اهڙا شرط مڙهيندا آهن جو سڄو فائدو کين پهچندو آهي. ايئن هڪ پاسي اهي پنهنجو سمورو ناڻو وياج سميت  وصول ڪندا آهن ته ٻئي طرف مقامي وسيلن جي سستي اگهه تي ڦرلٽ اهڙي طريقي سان ڪندا آهن جو اسان ان ڦرلٽ تي سندن شڪرگذار به ٿيندا آهيون.

ايئن گوادر جي مارا ماري کان وٺي هن پورٽ جي فعال ٿيڻ، غير فعال هجڻ، روٽ جي تبديلي، تبديليءَ جا جيترا به معاملا آهن، اهي رڳو اسانجي سياست جا اندروني معاملا نه آهن. ڪجهه حصو (بلڪه تمام وڏو ۽ حقيقي حصو) ان ۾ عالمي سياست ۽ منافعي خور سرمائيداري جو به آهي، ڇو ته گوادر سندن مستقبل جو ٺڪاڻو آهي. نه ته هاڻي ويهين صدي جي آخري سالن کان وٺي ايڪويهين صدي جي شروعاتي سالن تائين گوادر جو ڪو نالو وٺڻ وارو ئي نه هو. سيڙپڪار ڪمپنين جي نرم گرم اشتهارن جي ڪري لالچي سرمائيدارن جي گوادر تائين نظر ته پهتي پر غريب گوادر واسين جي حالت تي نه ئي انهن شاهوڪارن جي نظر پئي نه وري شهرين کي عزت، نفس سان روزگار ڏيڻ جي ضمانت ڏيڻ وارو آئين رکڻ واري رياست کي ڪو خيال آيو. عالمي سرمائيدارن جي پسنديده  آمر هتي ڪوسٽل هاءِ وي نالي روڊ ته ٺاهي ڇڏيو پر گوادر جو ڪو انتظام نه ڪيو. ڪيڏو نه دلچسپ الميو آهي ته نيري پاڻي جي ڪناري آباد شهر، جنهن جي حسن جي دنيا ديواني آهي اهو گرم پاڻين جي ڪناري تي هوندي به پاڻي بوند لاءِ ترسي ٿو، پيئڻ جو صاف پاڻي اڻلڀ آهي.

هلندڙ سال جي جنوري مهيني ۾ مڪران ۾ هڪ پراڻي سياسي ڪارڪن اُن پاڻي سان مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندي تلخيءَ وچان چيو ته مڪران ۾ توهان کي سڄي دنيا جي منشيات جام ملي ٿي ان جو سبب رڳو سرحدي اتفاق ناهي، ان ۾ انهن رياستي ادارن جو به هٿ آهي جيڪي ان تباهي هٿان اسانجي نسل ڪشي ۾ دلچسپي نٿا رکن. مڪران جتي مزاحمتڪارن لاءِ زمين سوڙهي ٿي سگهي ٿي اتي عالمي اسمگلر کليل طور نه رڳو گهمن ڦرن ٿا بلڪه سرعام ڪاروبار به ڪن ٿا. سندن ڳچيءَ لاءِ هيلتائين ڪو به ڦندو ناهي ٺهيو. ان ساٿيءَ مطابق تربت کان گوادر جو اهو روڊ جنهن تي هاڻ اسان سفر ڪري رهيا هئاسين ۽ جنهن روڊ تي اسان ٻن کان اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچون ٿا. اهو دراصل ٻن ڏينهن جو سفر هوندو هو ۽ جيڪڏهن ڪڏهن برسات ٿي وڃي ته سفر تيستائين جاري رهندو هو، جيستائين پاڻي ۾ ٻڏل پُلون رستون نه ڏينديون هيون. پوءِ گوادر مان ڪراچي جي خاتون ساٿي جي فرمائش تي شهر ۾ هُرٻو تلاش ڪندي انڪشاف ٿيو ته گوادر جا سبزي وڪرو ڪندڙ ان معمولي سبزي جي نالي کان ئي اڻڄاڻ هئا، تڏهن اسانجي گوادر واسي دوست ٻڌايو ته هاڻي گوادر ڪوسٽل هاءِ وي جي ڪري اسانجا ماڻهو ڪجهه عرصو اڳ ئي ساين ڀاڄين جي نالن ۽ ذائقي کان واقف ٿيا آهن نه ته هتي اڪثر فروٽ اڻلڀ هئا. ڪراچي کان ايندي چئن پنجن ڏينهن ۾ فروٽ ڳري سڙي ويندو هو. گوشت ۽ کير به وڏي عرصي تائين اڻلڀ هو ۽ سموري مڪران ۾ ان کي عياشي سجهيو وڃي ٿو.

ها ته هي اهوئي گوادر آهي جنهن لاءِ ميڊيا کان وٺي اسانجي پارلياماني ادارن ۾ بحث ٿي رهيو آهي ته ڪاشغر لاءِ ان جي بندرگاهه جو روٽ ڪٿان ٺاهڻ فائديمند هوندو. ان سموري تماشي ۾ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيل گوادر واسي آهن، جيڪي انهن وسيلن جا حقيقي حقدار پڻ آهن. گوادر مان ملڪ کي ڇا فائدو ٿيندو، اهو ته هر هنڌ بحث هيٺ آهي پر ڪير به اهو نٿو ٻڌائي ته ان مان گوادر واسين کي ڪيترو ۽ ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اهو گوادر  ۽ گوادر واسي جيڪي سرڪار ۽ مزاحمتڪارن وچ ۾ جنگاڻ سبب پيسجي رهيا آهن، جتي تعليمي ادارا ۽ ماڻهو نشاني تي آهن، جتي ڪتابن جي دڪانن تي ڇاپا لڳن ٿا، جتي هر ڪتاب پڙهندڙ، سوچيندڙ، لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ وارو هر ماڻهو خود پنهنجي نظرن ۾ ئي مشڪوڪ آهي… ڇا اُن گوادر تي به ڪنهن جي نظر آهي؟ ڇا اهو گوادر به ڪنهن بحث مباحثي، ڳالهه ٻولهه جو حصو آهي؟

في الحال ته ايئن ٿو لڳي ته گوادر آخري ساهه کڻندڙ اهڙو جسم آهي، جنهن جي مرڻ جون منتظر ڳجهون ان تي جهاپو هڻڻ لاءِ بيتاب آهن. حاصل مقصد اهو ته گوادر کي پنهنجو ساهه بحال ڪري انهن ڳجهن سان منهن ڏيڻو پوندو. ٻي صورت ۾ گوادر سان گڏ گوادر واسي به انهن ڳجهن جو کاڄ بڻجي ويندا.

منهنجي هڪ دوست چواڻي ته رات جو هن هڪ خواب ڏٺو آهي ته سرمائيدار گوادر جي رستي ۾ ايندڙ سمورا ڳوٺ ڏوڪڙن ۽ طاقت جي زور تي خالي ڪرائي رهيا آهن. هتي ڊراءِ پورٽ ٺهندو، اتي وڏيون فيڪٽريون لڳنديون. مُلو، سرمائيدار جي ڪلهي تي هٿ رکيو بيٺو آهي ۽ ماڻهن کي لڏڻ جا آداب، فضيلت ۽ ثواب ٻڌائي رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو