Home / سنڌ افيئر / 20 مئي 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان جي ياد نه آيا وڻجارا وري!
above article banner

20 مئي 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان جي ياد نه آيا وڻجارا وري!

محمد عارف منڌرو

مونکي چٽي ريت ياد آهي ته اڄ کان سورنهن سال اڳ لاڙ جي ساحلي پٽي بدين ۽ ٺٽي جي ڏاکڻئين علائقي ۾، عربي سمنڊ مان آيل 20 مئي 1999ع جو قهري سامونڊي طوفان  هڪ اهڙو ڀيانڪ باب آهي، جنهن جو ساحلي پٽيءَ جي هر متاثر ماڻهو پنهنجي اکين جي خوردبين سان مطالعي جي تجربيگاهه ۾ ضرور مشاهدو ڪيو هوندو ۽ پوءِ هر هڪ وڻجارو گنجيءَ ۽ گوڏ  جي ويس ۾ ڪُلهي تي (ڪُڙهي) رکي هٿن ۾ رڇ کڻي، رانڀاٽ ڪري سمنڊ کي ميارون ٿو ڏي ته:

” سمنڊ سامونڊين سندا ساهه ڪيئن؟ سوڙهي ڇڏيئي؟

جن ٿي جھينگا ماريا جر ۾، تن جا لاش ڪيئن لوڙهي ڇڏيئي؟

19 مئي 1999ع جي شام جو تيز طوفاني واچوڙي واري هانوَ ڏاريندڙ هوائن جو موتمار منظر ڪنهن وڻجاري ۽ متاثر ماروئڙن کان وسريا هوندا يا مانڌر جي ماڳ، ولاسي جي وارياسي پٽن، ڪنڊڙي جي ڪنن، توڙي روپا جي ريڻ تي کٿا ۽ لوين سميت لٺ کڻندڙ ڀاڳ ڀلارن، ڀاڳين ۽ ماروئڙن جي مال، ڍورن، ڍڳن ۽ رڍن جا رانڀاٽ، ڪنهن اجڙي ويل انساني دماغ جي ياداشت جي سمنڊ مان اک ڇنڀ ۾ ڀلا ڪيئن وسري سگھن ٿا؟ ڪڏهن به نه.

”بي موت مهاڻا ويا مري، طوفان ۾ ويا مڙهه تري،

نه آيا وڻجارا وري، فراق ۾ ڦوڙي ڇڏيئي

سمنڊ سامونڊين سندا، ساهه ڪيئن سوڙهي ڇڏيئي.

زندگي جا سڄا سارا سورنهن سال، سامونڊي طوفان جو تذڪرو ڪندي  گذري ويا. ڄڻ ته ڪالهه ڪالهوڻي خميس شام جمعي جي رات 1999ع جي مئي مهيني جي اوڻيهه تاريخ جون پنج وڳي واريون تيز طوفاني هوائون، هانوَ ڏاريندڙ واءَ جا سوساٽ عربي سمنڊ جون ڇوليون زور شور سان زيرو پوائنٽ ۽ ڪڇ رڻ جي ڪنڌيءَ مٿي، درگاهه قرهئي ڀانڊاري ۽ وانر پير ويجھو، سوين سامونڊين جا جھڳا جھڻ ڪري مانڊاڻيون مروڙي، پاڏن واري پير يعني درگاهه احمد راڄو، شيخ عيسيٰ ۽ ٺٽي-جاتي توڙي ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل کان وٺي تاريخي ماڳ مانڌر طرف منهن موڙي اچي ڳوٺ ابراهيم منڌرو جي الهندي پاسي سانڍو ديهه جي سير وٺي قرهئي جي ڪپ وٽان ڳوٺ گاجي ملاح جو گس وٺي روپا جي ريڻ مٿان رقص ڪندي مانڌر ۽ ولاسي جي وچان وري به ويهارو کن ديهون، ڌوڻي ۽ دودي جي درگاهه جو درشن ڪري يا يوسف فقير جي مزار تي ٻارهين شريف جا ٻول ٻڌي، شيخاڻي گھاڙي تي شڪار جا شيل ڪندي، متان رحمڪي بازار پيون گھمڻ وڃن، الله ڪري ائين نه هجي. نه ته جن ونين ڪنان ور وڇڙيا، انهن جي گهرن ۾ اڄ به ماتم متل آهي.لاڙ جا لاڏلا سوڳوار سامونڊي ساڌڙا نالي ماتر خوشين جو اظهار گيت ڳائيندي ڪنهن وهانءَ يا شادي جي موقعي تي نٿا ڪن. بلڪه ونهواه ۾ ويٺل ڪنوار جي ڪنن ۾ دهلن شرنائن جي ڌام ڌوم آلاپن بجاءِ پوڙها ۽ پوڙهيون سامونڊي سوڳوار بڻجي ويا.

21

ساحلي پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ ٻه ذاتيون رهن ٿيون هڪ ملاح ٻيو منڌرا. پر ٻيون به ڪيتريون ذاتيون، ڳوٺ، واهڻ وسنديون، ويڙها سامونڊي ويرن ويران ڪري ڇڏيا. ڇو ته هي هڪ اهڙو دردن ڀريو داستان آهي جنهن کي ڪير به وساري نٿو سگهي. قرهئي جي (ڪاڇلئين) ڏاکڻين ڪپ وٽان ايل بي اوڊي جي آس پاس، ديهه پٽيجي جي پوڇڙ ۾ زيرو پوائنٽ تي ”وانر پير“ وٽ ماهيگيرن جا ميلا متل هوندا هئا. سڄو ڏينهن مسڪين مهاڻا، سمنڊ ۾ پيٽ گذر لاءِ ٻيڙين ۾ چڙهي، رڇ ۽ ڀنن جي اوزارن سميت سمنڊ جي بيقياس لهرن جي لوڏن ۾ ۽ قهري ڪن ۾ ڪشتي تي جھنگن جو شڪار ڪندا هئا. هنن ”ويچارن وڻجارن“ کي ڪهڙي خبر ته خميس شام، جمعي رات  عربي سمنڊ جون بي رحم ڇوليون، بي قياس بڻجي ساڻن هيڏو ويڌن ڪنديون.

1999ع جي سامونڊي طوفان جي تيز هوائن ۽ مينهوڳي رات  جي ٻاٽ اونداهه ۾، ويچارين ونين جا ”وڻجارا ور“ ويرن جي ور چڙهي ويا. ماهيگيرن جي لاشن جي سڃاڻپ صرف ڪپڙن جي رنگن، سوني منڊين، ڪنگڻن ۽ سڃاڻپ ڪارڊن وسيلي ڪري بيواهه ونين پنهنجي دکايل دلين کي دلاسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. رنگين زندگي جي جواڻ جماڻ، آسن ۽ اميدن جي اوسيئڙي ۾ جن پنهنجي ڪچڙي عمر ۾ سَرن تي سَهرا موڙ نه ٻڌا، شادي جا شادمانا نه ڏٺا. سامونڊي سنگتين سان گڏجن جوڌن، دودي جي درگاهه تي، روپا ماڙي جي ميلي مان ڪنگڻ، رومال ۽ ڳانا ورتا، دُهلن، بينن ۽ شرنائين  جي آلاپن ۽ سُرن وقت کُهنبا اوڍڻ جا خواب ڏٺا. جن وڻجارن ڪاڻ جيجل امڙين جنڊ پيٺا، انهن جي آس ۾ ويٺل جيون ساٿين (ڪنوارين) جي جھڳين ۽ مانڊاڻين مهندان جڏهن مور ۽ ڪبوتر جهڙن ڪنواٽ گھوٽن جا لاش، لانچن مان لاٿا ويا ته اهو منظر سچ پڇو ته قيامت صغريٰ کان گھٽ نه هو. ان وقت اُڀ ڏاريندڙ اوڇنگارن جا پڙلاءُ  اڄ به ڪنن ۾ گونجن پيا.

سامونڊين، سوڳوارن ۽ ويچارن وڻجارن جي معاشي صورتحال ڇا بيان ڪجي؟ هن جديد دور ۾ ساحلي پٽي ۾ توهان اڄ به ڏسو ته بک بدحالي، غربت ۽ افلاس جو راڪاس نظر پيو اچي. چوٽ چڙهي ويل مهانگائي به ويچارن وڻجارن ۽ مسڪين ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ۽ جھڳا جھڻ ڪري ڇڏيا آهن.  قرهئي جي ڪنواٽن، مانڌر جي وڻجارن، سامونڊي سوڳوارن، ولاسي وانگيئڙن، ڪنڊڙي ڪونڌرن، شيخاڻيءَ جي شهسوارن توڙي روپا ماڙيءَ جي رهواسين جا هينئر به ڏيل ڏٻرا، حال هيڻا سور ٻيڻا. بک ۽ غربت جي باهه جي ڀنڀٽ ۾ ڀڙڪا پيا کائين. ڪير آهي جو زيرو پوائنٽ جي مظلوم  ماڻهن جي زخمن جي مرهم پٽي ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو