Home / ڪرنٽ افيئر / Axact-اسڪينڊل: ڊرامو يا حقيقت؟
above article banner

Axact-اسڪينڊل: ڊرامو يا حقيقت؟

سمير منڌرو

نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ اسٽوري مڙني لاءِ امتحان بڻجي وئي آهي. هڪ طرف سمورا پاڪستاني ميڊيا هائوسز پڌرا ٿين پيا ته ٻئي طرف سيڪيورٽي ادارا پريشان ٿا ڏسجن ته هن ڏچي مان جان ڪيئن ڇڏائجي. اسٽوري ڏيندڙ گوري صحافي ڊيڪلين والش جي دعويٰ آهي ته پاڪستاني ادارو ايگزيڪٽ مختلف ملڪن جي شاگردن کي ڳري رقم عيوض گهر ويٺي مختلف ڪورسز جون ڊگريون ڏئي ٿو.

جعل سازي جي ڌنڌي ۾ هن ملڪ جي مختلف وڏن شهرن ۾ ٻيا به اهڙا کوڙ ادارا ٿي سگهن ٿا جيڪي امڪاني طور هن اداري کان به ٻه قدم اڳتي هجن پر ڊڪلين کي ايگزيڪٽ ۾ ئي خرابي ڇو نظر آئي؟ ان کان وڏو سوال وقت جو آهي. هي ادارو ڪافي عرصي کان بحث جو مرڪز رهيو آهي. ايگزيڪٽ پاڪستان جي انهن ڪجهه خانگي ادارن مان آهي جيڪو پنهنجي ملازمن کي بهترين پئڪيج ڏئي ٿو، جنهن ۾ سُٺي پگهار، ميڊيڪل ۽ ٻارن لاءِ تعليمي سهولتون وغيره شامل آهن. هن اداري لاءِ اهو پڻ مشهور آهي ته جيڪو شخص/عورت هڪ ڀيرو هتي ڪم ڪري ۽ سهولتن مان مستفيد ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ هن لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. ايگزيڪٽ لاءِ هڪ ڳالهه ٻي به مشهور آهي ته هي بهترين ذهن چونڊي انهن کي پنهنجي اداري ۾ ملازم رکي ٿو. پاڪستان جي وڏين اخبارن ۾ مختلف نوڪرين لاءِ 2000ع جي شروعاتي سالن ۾ هن ڪمپنيءَ جا هفتيوار وڏا وڏا اشتهار ايندا رهيا هئا. هن وقت انهن اشتهارن جو تعداد تمام گهٽجي ويو آهي.

شروعاتي سالن ۾ ايگزيڪٽ لاءِ اهو پڻ مشهور رهيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪمپني پاڪستان ۾ مڙني غير اخلاقي يعني Blue Print جا حق پاڻ وٽ رکي ٿي. ايگزيڪٽ ۾ وڏي گهرج انهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي به رهي آهي جيڪي نه صرف انگريزي زبان تي عبور رکندڙ هُجن بلڪه انهن جو آواز به بهترين هجي. اهڙن اُميدوارن کي ايگزيڪٽ جي ڪال سينٽر ڊپارٽمينٽ ۾ رکيو ويندو آهي. جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو اُهي ڪال ايجنٽ مختلف ملڪن ۾ رابطو ڪري ايگزيڪٽ جي پينل تي مختلف يونيورسٽيز جي اهميت، ڪورسز ۽ فيس جي سلسلي ۾ معلومات مهيا ڪندا آهن. اها ڳالهه هن وقت منظرعام تي اچي رهي آهي ته اُهي ڪال ايجنٽ جعلي ڌنڌي ۾ پيش پيش هئا. جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز ۾ هڪ ڊگهي رپورٽ کان اڳ اها ڳالهه مشهور هئي ته ايگزيڪٽ جا ڪال ايجنٽ مختلف ملڪن جي مختلف پراڊڪٽس جي تشهير جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا.

08

اهو ته تڏهن ثابت ٿيندو جڏهن فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (FIA) جا آفيسر اهي الزام ثابت ڪندا جيڪي ڊيڪلين پنهنجي رپورٽ ۾ هن ڪمپني تي مڙهيا آهن. بقول ڊيڪلين جي ته هن انهيءَ اسٽوري بابت تقريبن ٽن سالن تائين کوجنا ڪئي. هن همراهه اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته هن جي مڙهيل مڙني الزامن جا هن وٽ ثابت ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوت موجود آهن. رپورٽر هئڻ سبب مون کي ذاتي تجربو آهي ته ڪراچي مان ويهي جيڪڏهن ڪو اردو ڳالهائيندڙ دوست دادو يا سانگهڙ جي ڪنهن اشو تي نٿو لکي سگهي ۽ جيڪڏهن اهو دوست هڪ ڀيرو انهن علائقن مان هڪ عدد چڪر لڳائي آيو ته کيس لکڻ لاءِ ڪنهن علائقي واسي جي مدد ضرور درڪار هوندي نه ته هو ڪو اثرائتي رپورٽ لکي نه سگهندو. ڊڪلين جي سڀ کان وڏي دعويٰ ته هن انهيءَ اسٽوري تي وڏو عرصو لڳايو آهي اهو کوڙو لڳي نٿو. ڊڪلين انهن غير ملڪي صحافين مان هڪ آهي جنهن تي مڙني سيڪيورٽي ايجنسين جي نظر ڪافي عرصي کان آهي. هي اهوئي غير ملڪي صحافي آهي جنهن کي پاڪستان جي اندروني کوجنا ڪرڻ جي بنياد تي ملڪ بدر ڪيو ويو هو. اهي اهوئي غير ملڪي صحافي آهي جنهن چيو هو ته پاڪستان يورنيم انرچمينٽ ڪري پيو، جنهن کان پوءِ ملڪ تي انهيءَ ڏس ۾ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو دٻاءُ وڌيو هو. هن جي باري ۾ اهو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته هن وقت پڻ پاڪستان ۾ ڪيترائي همراهه هن سان رابطي ۾ آهن. هڪ الزام اهو پڻ آهي ته هي پاڪستان جي مخالفن جي پگهار تي ڪم ڪري ٿو.

ڪجهه سنگت جو خيال آهي ته ڊڪلين جي ايگزيڪٽ واري اسٽوري خاص طور انهيءَ ڪري لڳي جڏهن اُهي ڳالهيون گردش ۾ هيون ته هن ڪمپني پاڪستان جو سڀ کان وڏي ميڊيا هائوس يعني “بول” کولڻ جو ارادو ڪيو آهي. انهي سان گڏ اهي ڳالهيون به گردش ڪرڻ لڳيون ته اهو چينل جيڪو پاڪستان جي مڙني چينلز کان بهترين “پئڪيج” آفر ڪري ٿو ۽ انهيءَ ۾ سيڙپ ڪندڙن ۾ انڊيا کي گهربل دائود ابراهيم به شامل آهي. ڳالهيون اهي پڻ گردش ڪرڻ لڳيون ته ايندڙ چينل ۾ ڪن وڏن ماڻهن جن ۾ ڪُجهه رٽائرڊ فوجين جا پڻ شيئر آهن. ڪجهه دوستن جو خيال هو ته اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي کان پوءِ جيو ٽي وي کي سيکت ڏيڻ لاءِ مڙني تجربيڪار صحافين کي چيو ويو ته هو “بول” کي جوائن ڪن ۽ ان کي پاڪستان جو بهترين چينل بڻائين. اها جيڪا ايگزيڪٽ سان دُشمني نظر اچي ٿي ان جو سبب پڻ بول نيٽ ورڪ آهي جنهن هر چينل ۽ اخبار مان بهترين ماڻهو ٽيڪنيشن کان وٺي ڪيمرامين تائين سڀ ميڙي ورتا آهن. بول جي انهيءَ راند ڪري مختلف چينلز کي نوان ماڻهو ڀرتي ڪرڻا پيا آهن. ايگزيڪٽ جي خلاف رپورٽ اچڻ کان پوءِ مالڪن پنهنجي صحافي ملازمن کي هن ڪمپني جي پويان نه صرف لڳائي ڇڏيو آهي بلڪه اهي انهيءَ سڄي ڪوريج کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيا آهن.

انهيءَ ميڊيا ٽرائيل دوران صحافي ديانتداري جو خيال ناهي رکيو ويو. سواءِ ڪجهه چينلز ۽ اخبارن جي باقي سڀ هڪ طرفو موقف ۽ ڪهاڻي هلائي رهيا آهن. ڊيڪلين جي ڪهاڻي پويان مقصد ڪهڙا به هجن پر اسان وارا همراهه غسل ڪري اُن پويان لڳي ويا آهن. الزام اهو پڻ هنيو پيو وڃي ته هن ڪمپني جي ڌنڌي کي هن سطح تائين پهچائڻ ۾ سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آهي. جڏهن ته پهرين ڏينهن جڏهن ايف آءِ اي جون ٽيمون ايگزيڪٽ جي هيڊآفيس جيڪا ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ واقع آهي کي انتهائي معمولي انداز سان ورتو. انهيءَ رات انهي اشو کي سياستدانن پڻ کنيو ۽ نيٺ ايف آءِ اي کي به جاچ ڪرڻي پئي. جاچ دوران ميڊيا کي پري رکڻ لاءِ بول جون گاڏيون ۽ اسٽاف استعمال ڪيو ويو. صحافين جي خبرن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ خبرون ڏنيون ويون ته سخت قسم جي جاچ هلندڙ آهي.

ذريعا ٻڌائين ٿا ته پاڪستاني ميڊيا هائوسز جي اهڙي روش۽ ڊيڪلين جي اسٽوري کي ايتري اهميت ڏيڻ تي وڏي سرڪار خوش ناهي. ايگزيڪٽ خلاف هلندڙ جاچ کي ڊيگهه ڏني ويندي ۽ الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ عدد ڊرامو پڻ ڪيو ويندو. انهيءَ ڊرامي کي ايتري ڊيگهه ڏني ويندي جيستائين بول Launch ٿئي. (بول کي پهرين رمضان تي آندو پيو وڃي). وڏي سرڪار ان پهلو تي پڻ غور ڪري رهي آهي ته ڊيڪلين جي رپورٽ ميڊيا جو ايگزيڪٽ پويان ڪاهي پوڻ ۽ اوچتو اوچتو اڳوڻن ملازمن جو مختلف چينلز تي بيان ڏيڻ هڪ ئي ڪڙي جو حصو ٿي سگهي ٿو. اُهي اهو به تعين ڪري رهيا آهن ته ڪٿي سمورو ڊرامو “Paid” ته ناهي جنهن ۾ پاڪستاني ميڊيا هائوسز پڻ شامل آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو