Home / بلوچستان / اقتصادي راهداري: ڇا بلوچستان مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ ممڪن آهي؟
above article banner

اقتصادي راهداري: ڇا بلوچستان مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ ممڪن آهي؟

پيرا ملٽري فورس جي يونيفارم پاتل هٿياربند ماڻهو ڪراچي ويندڙ هڪ بس جي مسافرن کي روڪي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسن ٿا ۽ پوءِ کين بي دردي سان قتل ڪري ڇڏين ٿا. قتل ٿيندڙ پٺاڻ هئا، جن کي حملو ڪندڙ بلوچ نه پيا سمجهن، 29 مئي تي ٿيندڙ بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي ڏکڻ ۾ هڪ ويران رستي تي ان حملي ۾ 22 پٺاڻ موت جو کاڄ ٿيا هئا. ان حملي جي مبينه طور ذميواري يونائيٽيڊ بلوچ آرمي قبول ڪئي، جيڪا صوبي ۾ موجود مزاحمت ڪار گروپن مان هڪ آهي.

بلوچستان ۾ هٿياربند حملن جي شروعات ڏهاڪو کن سال اڳ ۾ ٿي هئي. جيڪا 1947ع کان وٺي هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ پرتشدد ۽ ڊگهي بغاوت آهي. ياد رهي ته برطانيه کان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ بلوچستان ۾  5 ڀيرا هٿياربند  تحريڪون شروع ٿيون. هي صوبو پاڪستان جي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترقي يافته ۽ گهٽ آبادي رکندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان ملڪ جو سڀ کان ڏکيو صوبو بڻجي چڪو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني اختياريون هن صوبي مان گذرندڙ اقتصادي راهداري کي دنيا جو اهم واپاري روٽ بڻائڻ جي اميد ڪيون ويٺيون آهن. اهو روٽ گهري پاڻي جي بندرگاهه گوادر کان شروع ٿي چين جي اولاهين حصي ۾ موجود شهر ڪاشغر تائين ويندو.

june 38

هلندڙ سال اپريل ۾ پاڪستان جي دوري جي موقعي تي چيني صدر اعلان ڪيو هو ته سندس حڪومت 2030ع تائين پاڪستان ۾ 46 بلين ڊالر جي وڏي سيڙپڪاري سان نوان رستا ٺاهيندي، پراڻن رستن کي صحيح ڪندي، پاور پلانٽس، پائيپ لائينس ۽ کوڙ سارا ٻيا پراجيڪٽ پڻ هڻندي ته جيئن پاڪ چين اقتصادي راهداري جو خواب تعبير ماڻي سگهي. ياد رهي ته چين جي اها سيڙپڪاري آمريڪا جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي جيڪا ان ويجهڙ جي سالن ۾ پاڪستان ۾ ڪئي آهي. آمريڪا پاڪستان کي وقتي طور تي ۽ پنهنجي ضرورت مطابق امداد مهيا ڪندو آهي ۽ پنهنجو مطلب پورو ٿيندي ئي وچ مان نڪري ويندو آهي.

چين کي اميد آهي ته پاڪ  چين راهداري  ٺهڻ کانپوءِ هن وٽ خيلج فارس کان تيل ۽ گئس جا ذخيرا بلوچستان ۽ هندو ڪش جبلن ذريعي چين جي صوبي زنگ جيان تائين پهچائڻ آسان ٿي ويندو. چين جي پراڊڪٽس جي عالمي منڊين تائين پهچ جو مختصر رستو موجود هوندو. نه ته چين کي عالمي منڊي تائين رسائي لاءِ ملاڪا کان گذرڻو پوي ٿو جتان هو آمريڪي نيوي جي رحم ڪرم تي هوندو آهي. اهڙي طرح گوادر بندرگاهه کان هن کي تيز رفتاري سان پنهنجون پراڊڪٽس ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ مدد ملندي. ياد رهي ته چين جو هاڻوڪو واپاري روٽ کيس وچ اوڀر تائين پهچائڻ ۾ ٽي ڏينهن جو وقت لڳي ٿو، جڏهن ته اهو ئي واپار بلوچستان رستي ڪيو وڃي ته اهو وقت گهٽجي هڪ ڏينهن ٿي وڃي ٿو.

چين پاڪستان ۾ اڳ ۾ به تمام گهڻي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ليڪن اهي واعدا عملي طور تي ايترا ڳرا ثابت نه ٿيا. ليڪن هن ڀيري لڳي ٿو ته پاڪستان ڪنهن به رڪاوٽ کي وچ ۾ اچڻ نه ڏيندو ۽ چين سان پنهنجي خطري واري بارڊر کي پنهنجي لاءِ مسئلو بڻجڻ نه ڏيندو. ويجهڙ ۾ ئي 14 ميل ڊگهي هڪ سرنگهه ٺاهي وئي آهي ته جيئن عطا آباد ڍنڍ جي حادثاتي طور ٺهڻ کانپوءِ قراقرم هاءِ وي جو اهو حصو جيڪو پاڻي هيٺ اچي ويو هو ان کي سولائي سان پار ڪري سگهجي. ياد رهي ته اها ڍنڍ 2010ع ۾ هڪ لينڊ سلائيڊ کانپوءِ وجود ۾ آئي هئي، جنهن پاڪ چين وڻج واپار ۾ وقتي طور رڪاوٽ پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ واپاري سامان کي ٻيڙين جي مدد سان ڍنڍ جي هن پار کڻي وڃڻو پئي پيو.

ليڪن بلوچستان جي ڇڪتاڻ واري صورتحال وڏو سبب آهي جو اسان جي دلين ۽ دماغ ۾ اهي سوال اڀرن پيا ته آيا چين جي ايڏي وڏي سيڙپڪاري واقعي اهي نتيجا حاصل ڪري سگهندي جن جي اميد ڪئي پئي وڃي. جنوري ۾ بلوچ مزاحمت ڪارن طرفان بجلي جي گرڊ تي حملي کانپوءِ 80 سيڪڙو ملڪ وفاقي راڄڌاني سميت اونداهي ۾ ٻڏي ويو هو، جيتوڻيڪ اختيارين طرفان ان کي ننڍي سطح جي دهشتگردي قرار ڏنو ويو، جيڪا بلوچستان جي مزاحمت ڪارن طرفان ڪئي وئي جيڪي بلوچستان ۾ اقليتي حيثيت رکن ٿا، ان جي جواب ۾ پاڪستاني اختيارين چين جي حڪومت کي يقين ڏياريو هو ته اهي 10 هزار ماڻهن تي ٻڌل سيڪيورٽي فورس ٺاهيندا جن جو ڪم چين جي ورڪرز کي تحفظ ڏيڻ هوندو.

ليڪن ان جي باوجود چين کي ڳڻتي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ورڪرز کي اغوا ۽ قتل ڪيو  ويو آهي، مارچ مهيني ۾ بلوچ مزاحمتڪارن ٽينڪرس تي حملو ڪيو هو جيڪي بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مائيننگ ڪمپني لاءِ فيول کڻي وڃي رهيا هئا. گوادر جو بندرگاهه جنهن جو ڪنٽرول ويجهڙ ۾ ئي چين جي سرڪاري ڪمپني کي ڏنو ويو آهي، بلوچ مزاحمت ڪارن لاءِ هڪ وڏو ٽارگيٽ آهي. مزاحمت ڪار پنهنجي صوبي کي تيستائين خوشحال ٿيندي نه ٿا ڏسن جيستائين اهي آزادي حاصل نه ٿا ڪري وٺن. کين خوف آهي ته جيڪڏهن گوادر ترقي يافته بندگاهه جو روپ اختيار ڪري ٿو وٺي ته پوءِ غير بلوچ عنصر هتي آباد ٿيڻ لڳندا جنهن سان آبادي جو توازن بگڙجي ويندو ۽ بلوچ پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

ماضي ۾ بلوچ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اختيارن طرفان ڪيل ڪوششن جو ڪو ڦل ناهي ملي سگهيو. جرنيلن ان مسئلي کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان مسئلو وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو. دفاعي ادارو انهن الزامن کي رد ڪندي چوي ٿو ته سيڪيورٽي جو انتظام سويلين جي هٿ ۾ آهي. جيڪي پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي مدد سان امن امان جي صورتحال کي ڏسن ٿا، حالانڪه انهن فورسز جو دفاعي اداري ۽ سگهارن ادارن سان گهرو تعلق آهي.

2013ع ۾ اقتدار سنڀالڻ شرط ئي پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف بلوچستان جي اعتدال پسند قوتن جي حوصلا افزائي ڪئي، سندس ڪوششن سان کين صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو، جن بعد ۾ باغين سان ڳالهيون پڻ شروع ڪيون. ليڪن صوبائي حڪومت سيڪيورٽي فورسز کي اهو باور ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي ته اهي مقامي آبادي سان پنهنجون زيادتيون ختم ڪن. بلوچ سياستدان حاصل بزنجو جو چوڻ آهي ته هاڻي مبينه مزاحمت ڪارن جي قتل ۽ سندن لاش اڇلائڻ جو سلسلو ته ختم ٿي ويو آهي پر جبري گمشدگين جا واقعا اڃا تائين جاري آهي. حاصل بزنجو کي پڪ آهي ته دفاعي ادارو ڪجهه مهينا ئي انهن سياسي ڳالهين کي برداشت ڪندو ان کانپوءِ مزاحمت ڪارن خلاف وڏو آپريشن ڪيو ويندو. پاڪستان جي ڪجهه حلقن کي يقين آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري  ٺهڻ سان بلوچستان جي معيشت کي سهارو ملندو جنهن سان معيشت ۾ استحڪام ايندو پر جيڪڏهن اهي غلط ثابت ٿيا ته پوءِ گهڻو تڻو واپار بلوچستان ذريعي نه ٿيندو پر اهو وڻج واپار پنجاب جي رستي ڪيو ويندو. بلوچ سياستدانن کي يقين آهي ته پنجابي اسٽيبلشمينٽ اهو ئي چاهي ٿي.

Courtesy The Economist

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو