Home / اسپيشل افيئر / اڳوڻي صدر زرداري جي اباڻي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول !
above article banner

اڳوڻي صدر زرداري جي اباڻي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول !

Fada Hussainحڪومت جي تعليم ۽ اسڪولن جي حالت بهتر بنائڻ وارين دعوائن باوجود نوابشاه جي  محمد علي هائوسنگ سوسائٽي تاج ڪالوني، چوڌري برڪت علي آرائين پرائمري اسڪول ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اباڻي ڳوٺ بالو جا قبا سميت مختلف اسڪولن جي حالت خراب آهي، انهي جي سڌاري لاء انتظاميا پاران ڪي به ڪوششون نه ورتيون ويون آهن. محمد علي هائوسنگ سوسائٽي تاج ڪالوني، چوڌري برڪت آرائين، ڳوٺ بالو جا قبا نوابشاه جي پرائمري اسڪول ۾ معصوم ٻارڙا اسڪول ۾ ڦهليل گندگي ڌپ ۽ ڪچري واري ماحول ۾ فرنيچر جي کوٽ هئڻ ۽ ٽٽل فرش تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. محمد علي هائوسنگ سوسائٽي تاج ڪالوني جي پرائمري اسڪول ۾ واش رومن جي حالت خراب ٿيل آهي، پيئڻ لاء پاڻي دستياب ناهي. بار بار علائقي واسين اختيارين جو ڌيان مسئلن جي حل لاءِ ڇڪايو آهي ليڪن هن وقت تائين اختياريون ۽ چونڊيل نمائندا ڪن لاٽار بڻيل آهن. اسڪول جي هيڊ ماستر گلزار احمد “افيئر” کي ٻڌايو ته بار بار مسئلن جي حل لاء تعليم کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڏنيون آهن ليڪن ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي، ڌپ ۽ گندگي واري ماحول ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون. ٻارڙن ٻڌايو ته فرنيچر نه هئڻ سبب ٽٽل فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صفائي نه هئڻ سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.  هنن گهر ڪئي ته فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ صفائي جي انتظامن کي بهتر بنايو وڃي.

june 55

اسڪول ۾ بجلي جي فٽنگ ۽ تارون ناڪارا ٿي چڪيون آهن جنهن سبب معصوم ٻارڙن جي حياتين کي پڻ خطرو آهي. جڏهن ته نوابشاه شهر جي يوسي 7 جي ڳوٺ چوڌري برڪت علي آرائين جي پرائمري گرلز اسڪول جا ٻارڙا چو ديواري نه هئڻ سبب عدم تحفظ جو شڪار آهن. جڏهن ته بائونڊري نه هئڻ سبب اسڪول جي ميدان تي مينهون ٻڌل آهن ۽ اسڪول جي ميدان تي بااثر ماڻهن جو زرعي سامان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٻيو سامان هر وقت موجود رهي ٿو.گرلز پرائمري اسڪول چوڌري برڪت علي آرائين شهر جي يوسي 7 ۾ موجود آهي جتي تعليم پرائيندڙ معصوم ٻارڙا فرنيچر جي کوٽ، گندگي جي ڍير، بااثر ماڻهن جي مداخلت، واش رومن جي صفائي نه هئڻ ۽ اسڪول جي پراڻي زبون عمارت هئڻ سبب پريشانين ۽ ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڳوٺ جي رهواسين ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان اسڪول بند هو اسڪول جي چو ديواري هجي ته ڪير به اسڪول ۾ جانور نه بيهاريندو ۽ نه ئي ذاتي سامان رکندو هنن گهر ڪئي ته اسڪول جي مرمت ڪرائي اسڪول جي صفائي ڪرائي وڃي.

زوال پذير تعليمي نظام بهتر بنائڻ، غير حاضر استادن خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ بند پيل اسڪولن کي کولڻ واريون حڪومتي دعوائون هن وقت تائين سچ ثابت نه ٿي سگهيون آهن. نوابشاه  ۽ دوڙ تعلقن جي اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ بدران مال جا وٿاڻ، مقامي وڏيرن پاران بصر رکڻ، ٽريڪٽر ٽراليون بيهارڻ، بهه رکڻ ۽ وڏيرن پاران اسڪولن کي ذاتي استمعال هيٺ آڻڻ جي نشاندهي ٿي آهي.

نوابشاه کان چئن ڪلو ميٽرن تي موجود ڳوٺ جمال شاه ۾ نياڻين جو سرڪاري اسڪول ليڊي ٽيچر پاران نه اچڻ سبب بند پيل آهي. شهر ڀرسان ڳوٺ چوڌري برڪت آرائين بوائز اسڪول پڻ 8 سالن کان بند پيل آهي اسڪول جي ڪلاسن ۾ بهه رکيل آهي. يونين ڪائونسل گپچاڻي جي ڳوٺ شير خان بروهي جو بوائز پرائمري اسڪول پڻ 8 سالن کان بند پيل آهي اسڪول وڏيري جو ذاتي گودام بڻيل آهي. ڳوٺ حاجي باز محمد بروهي جو پرائمري اسڪول بند هئڻ سبب وڏيري جي زرعي سامان جو گودام بڻيل آهي ڪپهه، ڪاٺيون ۽ اسڪول ۾ بصر رکيل آهن. تعليم جي بهتري لاءِ سرڪار پاران جوڙيل مانيٽرينگ ٽيم جي نظرن کان مذڪوره اسڪول اوجهل بڻيل آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو