Home / اسپيشل افيئر / بدعنوان ڪامورا شاهي-بدعنوان سياستدان ۽ آمر حڪمران!
above article banner

بدعنوان ڪامورا شاهي-بدعنوان سياستدان ۽ آمر حڪمران!

Mubarak Aliرياست جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ان جا مخلتف انتظامي مامرا جهڙوڪ روينيو جي وصولي، قانون لاڳو ڪرڻ، امن امان قائم رکڻ، قيمتن تي ڪنٽرول ۽ ماڻهن جي ڀلائي خاطر ڪامورا شاهي جو ادارو وجود ۾ آندو ويو. تاريخ جي شروعاتي دور ۾ حڪمران اتنهائي باوقار ماڻهو کي انتظامي عهدي تي مقرر ڪندا هئا. اها مقرري ميرٽ تي ته نه هوندي هئي پر ان جو تعلق ڪنهن وڏ گهراڻي ۾ جنم سان هوندو هو. اهو نظام ڪافي عرصي تائين بنا ڪنهن تبديليءَ جي هلندو رهيو.
چين اهو پهريون ملڪ هو جنهن ۾ ڪامورا شاهي جو نظام نهايت منظم نموني متعارت ڪرايو ويو، جيڪو هَن (Hann) دور ۾ انتهائي زبردست ڊسيپلين ۾ هو. چيني نظام موجب ڪامورا سخت چٽا ڀيٽي جي امتحان کانپوءِ چونڊيا ويندا هئا، ۽ ان امتحان ۾ سماج جو هر ماڻهو شامل ٿي سگهندو هو. مذڪوره چٽا ڀيٽي جو امتحان ڏيندڙن کي چين جي تاريخ، ڪنفيوشس جي تعليمات ۽ اخلاقيات جو باقائدگيءَ سان مطالعو ڪرڻو هو

jan-42.
پهرئين مرحلي طور اهڙو امتحان سڄي چين ۾ ضلعي سطح تي منعقد ٿيندو هو. پهرئين مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي فائنل امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي جيڪو چين جي راڄڌاني ۾ منعقد ٿيندو هو. امتحان جو مدو ٽن ڏينهن تي ٻڌل هوندو هو، اميدوارن کي هنڌ بسترو، کاڌ خوراڪ ۽ لکڻ پڙهڻ جو سامان گڏ کڻي اچڻ لاءِ چيو ويندو هو. اميدوارن کي هڪ کولي ڏني ويندي هئي جنهن ۾ اهي ٽن ڏينهن دوران  سوالن جا جواب لکندا هئا. ان دوران ڪنهن اميدوار جي کوليءَ ۾ مري وڃڻ جي صورت ۾ ان جو لاش کولي کان پري نيو ويندو هو جيئن ڪو به اميدوار ڊسٽرب نه ٿئي. ڪاپي ڪرڻ جي سخت منع هئي. هڪ ڪيس ۾ ته انويجيليٽر جي لاپرواهي سبب سندس ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪيو ويو هو.

jan-43
چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪندڙن کي اعليٰ ۽ اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويندو هو. انهن کي مخصوص لباس پائڻ جي اجازت هوندي هئي ۽ کين سواري لاءِ بگي مليل هوندي هئي. انهن جون شاديون وڏي شان ۽ مرتبي سان حڪمران طبقي ۾ ٿينديون هيون. اهو نظام لڳ ڀڳ ٻه هزار ورهين تائين قائم رهيو، جنهن کي اچي منگولن ختم ڪيو. منگولن چين مٿان پنهنجي طريقي سان حڪمراني ڪئي ۽ انتظامي مامرا هلائڻ لاءِ پنهنجا ڪامورا مقرر ڪيا. چين وارو بيورو ڪريسي نظام هڪ ڀيرو ٻيهر مِنگ سلطنت آندو، اهي پڙهيل لکيل ڪامورا عام طور تي ماندرين (Mandarions)  (چيني سلطت جو ڪو با اختيار وزير ڪامورو) سڏبا هئا.
يورپ ۾ جديد ڪامورا شاهي جو نظام پارسي حڪومت متعارف ڪرايو. انتظاميا کي انتظامي طور مختلف يونٽن ۾ ورهايو ويو ۽ رڳو تربيت يافته ڪامورائي هر کاتي جو وهنوار ڏسي سگهندا هئا. ٻين يورپي حڪومتن به ان جي پوئواري ڪندي چٽا ڀيٽي جي امتحان کي ڪامورا شاهي جي چونڊ لاءِ ادارتي شڪل ڏني.
ڀارت ۾ انگريز حڪومت ڪامورا  شاهي لاءِ انڊين سول سروسز نالي ادارو قائم ڪيو. اميدوارن کي چيو ويندو هو ته اهي لاطيني ۽ ٻيون ڪلاسيڪيل ٻوليون سکن. گڏوگڏ تاريخ، اقتصاديات، سياست ۽ قانون سميت پنهنجي پسند جا سبجيڪٽ پڙهن. مذڪوره چٽا ڀيٽي جي امتحان لاءِ عمر جي حد 20 سال رکي وئي هئي.
قانون ۽ ضابطن کان هٽي ڪري مقامي ماڻهن کي صاف سٿري طريقي سان گهٽ موقعا مهيا ڪيا ويندا هئا-اتفاق سان رابندر ناٿ ٽئگور جو ڀاءُ چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪري ويو، جنهن انگريز حڪومت کي چيڙائي وڌو. اهڙو ڪو واقعو ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ انگريز حڪومت عمر جي حد 20 سالن کان گهٽائي 18 ورهيه ڪري ڇڏي. انهن جي ملازمت جو مدو 30 سال مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ کين رٽائر ڪيو ويندو هو. وقت گذرڻ سان بيٺڪي حڪمرانن وٽ ٻيو ڪو به آپشن نه بچيو ان ڪري اهي ڀارت ۾ مذڪوره چٽا ڀيٽي جا امتحان ڪرائيندا رهيا، نتيجي ۾ ڀارت جي ماڻهن کي بيٺڪي راڄ جي بيورو ڪريسي جو حصو ٿيڻ جو رستو ملي ويو.
خاتون ليکڪا هَن اريندت پنهنجي ڪتاب “Origins of Totalitarin State” ۾ سامراجيت ۽ ڪامورا شاهي کي هڪٻئي جو اتحادي ڄاڻايو آهي. مثال طور برٽش اِنڊيا ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار ڪامورن انتظامي ذميواريون نڀايون ۽ ننڍي کنڊ جو رياستي انتظام سنڀاليو. انهن کي تمام وڏا معاوضا ڏنا ويندا هئا ته جيئن اهي رشوت ۽ بدعنواني کان بچيل رهن. اهي ايماندار ۽ ذميوار هئا، جن بيٺڪي راڄ جي جذبي تحت خدمت ڪئي. ڀارت ۾ ڪامورا شاهي برقرار رهي ۽ بيٺڪي راڄ انتظامي صلاحيت سبب سگهارو ٿيو.
پاڪستان کي به اهو بيٺڪي ادارو ورثي ۾ مليو جيڪو خاص طور ٻاهرين حڪمرانن لاءِ ۽ عوام مخالف سوچ سان ٺاهيو ويو هو. ورهاڱي کانپوءِ به اها ساڳي پاليسي جاري رهي. آهستي آهستي ڪامورا شاهي جي مقررين ۾ چٽا ڀيٽي امتحان پنهنجي وقعت وڃائيندا ويا ڇو ته طاقتور خاندانن جي مداخلت سبب انهن هاڻي بيوروڪريسي ۾ پنهنجا ٻار ۽ مٽ مائٽ سفارش وسيلي مقرر ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. اهو ادارو ان وقت ته صفا ويهجي ويو جڏهن اعليٰ عهدن تي به سفارشي ماڻهو بنا ڪنهن ميرٽ جي مقرر ڪيا ويا. ساڳي وقت رٽائرڊ فوجي آفيسرن لاءِ پڻ سول ملازمتن ۾ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي.
حقيقت ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيل اڪثر ڪامورا انهن عهدن جي لائق ناهن هوندا، سندن مقصد رڳو ان عهدي سبب مليل رعايتون ۽ مالي فائدا حاصل ڪرڻ هوندو آهي، ترقين لاءِ به کين مٿين اختيارين جي سفارشن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا سواءِ ڪرپشن ۽ ڏيتي ليتي جي ممڪن ناهي هوندي. بيوروڪريسي جي اداري کي وڌيڪ زوال جو شڪار آمر فوجي حڪمرانن، نا اهل ۽ ڪرپٽ سياستدانن پڻ بڻايو. اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ ڪامورا شاهي ۽ عوام وچ ۾ هڪ وڏي وڇوٽي آهي، ۽ ڪامورا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ سندن فلاح ۾ ڪا دلچسپي نٿا رکن.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن سرڪاري عملدار بدعنوان، نا اهل ۽ بي ايمان ٿي وڃن ته سماج بنا ڪنهن سڌاري جي بحران جو شڪار ٿي ويندا آهن. پاڪستان جو سماج هن وقت ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.
mubarakali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو