Home / سنڌ افيئر / بدين جي بدحالي-علي بابا ۽ چاليهه چور!
above article banner

بدين جي بدحالي-علي بابا ۽ چاليهه چور!

Allah Rakhioبدين ضلعو معدنيات جي آمدني سان مالا مال آهي. امير ترين هيءَ ضلعو سڄي ملڪ جي 72 سيڪڙو تيل جو پورائو ڪري ٿو. اهو تيل روزانه 5 ڪروڙ 44 لک روپين جو 1979ع کان وٺي نڪرندڙ آهي. 1979ع کان ضلعي ۾ سوين گئس جون چمنيون پنهنجي خوبصورت شعلن سان ڪنهن وڏي دولت جي وجود جو احساس ڏياري رهيون آهن. هن وقت روزانه 4 ڪروڙ 22 لک جو گئس ضلعي بدين جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کان سواءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. بدين  ڪمند جي آبادي جي لحاظ کان ڪيوبا جو ملڪ بڻيل آهي جتي فقط ڪمند جي پوک ٿيندڙ آهي. اهڙي طرح ضلعي جي سرحدن تي 11 شگر ملون کنڊ جي پيدوار جي لحاظ کان ملڪ کي خودڪفيل بنائڻ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيون آهن.

بدين  ۾ ٽماٽرن جي حوالي سان ايشيا جي وڏي کان وڏي منڊي آهي جتان کان روزانه 200 ٽرڪ ٽماٽر ملڪ جي ڏورانهن شهرن ۾ روان دوان آهن. سيزن ۾ 200 ٽرڪ گدرا ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن پهچن ٿا. ايگريڪلچر ۾ سارين جي پوک وڏي اهميت رکي ٿي ۽ ملڪ لاءِ اناج جا ذخيرا ڏيڻ ۾ هتي جي آبادي جو اهم حصو آهي ۽ فقط هن ضلع ۾ 197 اناج جا ڪارخانا آهن ۽ هر هڪ ڪارخانو سارين جي سيزن ۾ لکين مڻ ساريون خريد ڪري ڏيساور موڪليندو آهي. سڄي ضلع ۾ بصر، مرچ ۽ ڪاٽن جو وڏو فصل ٿيندو آهي. مڇي جون وڏيون ڍنڍون آهن. جن تي عام ماڻهو جو گذران آهي ۽ جھينگي مان ساليانه 28 ڪروڙ جي آمدني آهي. هن ضلع جا ادارا ايجوڪيشن ورڪس، روڊس، بلڊنگس، ايڊوڪيشن، پبلڪ هيلٿ، ايگريڪلچر، صحت گهر، روينيو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، پوليس جو ادارو، بلدياتي ادارا، ميونسپل ڪميٽيون، ٽائون ڪميٽيون، يونين ڪائونسلون ماهوار ڪروڙين روپيه سرڪاري گرانٽ حاصل ڪندڙ ادارا آهن ۽ ترقياتي ڪمن جي آڙ ۾ اربين روپين آمدني حاصل ڪندڙ آهن.

june 34

اسان مٿي تفصيل ۾ آمدني جو ذڪر ان ڪري ڪيو آهي ته ضلعي بدين جي ماهانه کربن روپين کان مٿي آهي پر هتي جو عوام ڏتڙيل، بيروزگار، تعليم ۽ علاج کان وانجهيل ڇو آهي؟ هتي جي دولت ڪير ڳڙڪائي رهيو آهي؟ هتي جي غريب عوام لاءِ ته زڪوات جا دروازا به ڏيڍ سال کان بند آهن. تيل ۽ گيس جي قانوني طور مقرر ڪيل رائلٽي به ڪونه ٿي ملي جيڪي تيل ڪمپنيون معاشي طور بدين ۾ تيل جي اپت بابت ڪم ڪري رهيون آهن اهي به قانوني طور تيل نڪرندڙ هنڌن ماڳن ۽ جاين تي  ايگريمينٽ مطابق ماڻهن  کي نوڪريون  ڏيڻ، اسڪول هلائڻ، اسپتالن ۾ دوا درمل جو انتظام  ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن. معاهدي تحت تيل ڪمپنيون صدر پاڪستان کي ساليانه ڪروڙين روپين جو بونس ڏينديون آهن پر اهو بونس صدر صاحب جي صوابديدي اختيارن تي هوندو آهي ته تيل ڪمپني کان مليل رقم پنهنجي مرضي ۽ منشاءَ موجب ڏتڙيل علائقن جي عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪري پر هتي ته سالن جا سال ٿي ويا آهن صدر کي ساليانو ملندڙ اربن روپين جي امانتي رقم جو ته ماڻهن کي علم ئي نه آهي. الٽو ضلع بدين ۾ جڏهن به ڪا شامت، زلزلو، ٻوڏ، طوفاني بارش، ڏڪار ۽ قحط جي صورتحال پيدا  ٿيندي آهي ته متاثر ماڻهن سان گڏ هتي جو حڪمران ٽولو اڀرا سڀرا ڪامورا، ڪاٽڪو وڏيرا، وائيٽ ڪالر ڪامريڊ، لٻاڙ هڻندڙ ورڪر، امانتي سامان وڪرو ڪندڙ سياسي پارٽين جا چالاڪ ۽ چست نوڪريون وڪرو ڪندڙ ننڍا وڏا ان سان گڏ چونڊيل نمائندا، قومي ۽ صوبائي بدين کان چونڊيل نمائندا سندرو ٻڌي ضلع بدين ۾ ڪئمپون لڳائيندا آهن. متاثر علائقن جا دورا شروع ٿي ويندا آهن. ماڻهن جي مري ويل چوپائي مال جون لسٽون تيار ڪيون وينديون آهن. رستن، روڊن تي نالي ۾ نهال ميڊيڪل هيلٿ گهر، ڪمپائونڊرن تي مشتمل ٽيمون ٺاهيون وينديون آهن. ٽي اي ڊي اي چالو، هزارين ايڪڙن تي ٻوڏ هيٺ آيل فصلن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ چوڻ تي نقصان جو حساب رٿيو ويندو آهي. ماڻهن جي ڊهي ويل جاين، گھرن، اسڪول بلڊنگ جو اهڙو منظر پيش ڪيو ويندو آهي جيئن هيءَ قوم موهن ۽ هڙپا جي دڙن وانگر هميشه دفن ٿي ويئي آهي. ان سان گڏ فوٽوسيشن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ضلعي ۾ هڪٻئي سان رٺل وڏيرا، ٿورا گھڻي مڇي ماني وارا ماڻهو، پوليس ۽ نوڪر شاهي سان ڳٺ جوڙ ڪندڙ ماڻهو، سالا سال هڪٻئي کان ڌارو ڌار رهڻ بعد هاڻي گڏ ٿي هلڻ ۽ عوام جي باقي رهيل خدمت ڪرڻ لاءِ بيتاب ٿي ويا آهن. انڪري ننڍيون ننڍيون دعوتون ڪري چانهه پارٽي، ڪيڪ پيسٽري تي گذارو ڪري سياسي ۽ سماجي طور هڪٻئي جا ڀائر بنجي هڪ متحرڪ قوت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي وڌيڪ مال کائيندڙ طاقت جو مقابلو ڪري ان کان کاڌل مال  واپس وٺڻ ۽ عوامي حقن جي حفاظت  ڪرڻ لاٰ ڪمربسته ٿي ميدان ۾ لٿل آهن. پر عوام کي معلوم آهي ته گڏهه ساڳيو آهي صرف آٿر تبديل ٿيل آهن. اڳوڻي علي بابا ۽ چاليهه چورن هن ضلعي ۾ عوام جي خدمت ڪندي ڪندي پاڻ سکيا ستابا  ملن، فيڪٽرين، زمينن، ڪارخانن، پيٽرول پمپن، بنگلن، محلاتن، وڏين وڏين گاڏين جا مالڪ ٿي ويا. پاڻ ۽ سندن اولاد گاڏين ۾ گارڊن، چوڪيدارن، مخبرن، بندوق بردارن جي پهري ۾ سفر ڪن ٿا. پوليس، قانون، روزگار جا سڀ وسيلا هنن جي هٿن ۾ اچي ويا آهن، جڏهن ته کين ووٽ  ڏيندڙ عوام پوليس جي پادرن، بيروزگاري، علاج، تعليم، پاڻي بجلي مطلب ته زندگي جي بنيادي سهولتن کان به محروم ٿي ويو آهي.

پاڻ کي خود ساخته عوام جو نمائندو ۽ ليڊر چورائيندڙ غريب عوام جي خدمت ڪندي ڪندي کرب پتي ۽ جنهن عوام جي خدمت ڪئي ويئي آهي اهو بدحال، بکيو، ڪک پتي ڪيئن بنجي ويو آهي؟ هن وقت عوام باشعور ٿي ويو آهي اهو سمجھي ٿو  ته بدين جا ادارا ڪنهن تباهه ڪيا آهن؟ آفيسرن سان لهه وچڙ ۾ اچي ادارن مان ڦرلٽ ڪنهن ڪئي آهي؟ اسڪول، اسپتالن جا دروازا عوام جي آمد رفت کان ڪنهن خالي ڪرايا آهن؟ ادارن ۾ ڪوڙا ووچر ڪنهن ٺهرايا آهن؟ توهان سڀني گڏجي خوشحال ضلعي بدين کي ڪنگال، بدحال ضلعي ڪيئن بڻايو آهي؟ اڄ ڏينهن تائين ادارن کي ماهانه ملندڙ 2 ڪروڙ روپين مان پگهارون ڪاٽي باقي رقم ڪروڙن جي حساب سان ڪير پيو کائي؟ توهان جا ڪامورا ته وڏا طاقت وارا ماڻهو آهن پر يونين ڪائونسل، ٽائون ڪميٽين، ميونسپل، مڪاني ادارن جا ڪلارڪ منشي ۽ سيڪريٽري معمولي پگهارن وارا ماڻهو ڪارن، موٽرن، بنگلن ۽ زمينن جا مالڪ ڪيئن بڻيل آهن؟ بدين جو 18 لک عوام توهان جي پاڻ ۾ رسا ڪشي جھيڙي سبب توهان جي مڪاري، فريب ڪاري، دوکيبازي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. توهان جو رهبري وارو ڪردار نه رهيو آهي. نڪو اڳ ۾ هو البته رنجش ۽ ذاتي ڪردار توهان جي لڪل چهرن کي خوب بي نقاب ڪيو آهي. هن وقت توهان وري به  تيل ۽ گيس جي ذخيرن تي ذاتي طور قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا جيئن سنڌ جو عوام ضلع بدين جي سرسبز ۽ مالا مال ضلع زميني معاشي وسيلن ۽ پڻ ٿر واري ڪوئلي کان به محروم ٿي وڃي.

اسان کي هيءَ به نظر اچي ٿو ته توهان رات ڏينهن دعائون گھري رهيا آهيو ته ضلع بدين ۾ ڪو وڏڦڙو مينهن وسي، ٻوڏ ٿئي ۽ اسان ٻاهرين ملڪن کي اپيل ڪريون ته بچايو بچايو مري وياسون. جيئن ڊالرن جي حساب سان مال ملي جيڪو کڻي ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃون. پرڏيهه ٻار پڙهائي  انهن کي پاڪستان جو حاڪم بنائڻ لاءِ تعليم ڏياريون ۽ پوءِ ماڻهن جا همدرد بنجي ووٽ وٺون، پٽن، پوٽن، ڌيئرن، سالن، ڀيڻوين کي هر هڪ اداري جو سربراهه بنايون. حڪومت، قانون، پوليس جا مالڪ بنجي نسل درنسل دهشت مچائيندا رهون پر ائين هرگز نه ٿيندو.  مڪافات عمل توهان جو پيڇو ڪندو دير يا سوير ”تيري داستان تڪ نه هوگي داستانون مين“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو