Home / ڪتاب / برٽرنڊرسل جي جيون ڪهاڻي
above article banner

برٽرنڊرسل جي جيون ڪهاڻي

Yousif Sindhiٽي سادا، پر پُرجوش جذبا منهنجي زندگيءَ تي حڪمراني ڪندا رهيا آهن، (1) محبت جي ڳولا (2) علم جي جستجو ۽ (3) انساني نسل جي لاءِ بي پناهه ڏک. اهي ٽيئي جذبا، تيز هوائن جيان منهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڪڏهن هِتي ته ڪڏهن هُتي ڌڪيندا رهيا آهن، مون محبت جي ڳولا اُن ڪري ڪئي ته اهو هڪ وجد ۾ آڻيندڙ جذبو آهي، ايترو ته وجد ۾ آڻيندڙ، جو اهڙي خوشيءَ جي هڪ گهڙيءَ جي لاءِ آئون سڄي زندگي فدا ڪري ڇڏيان، مون ان جي جستجو ان ڪري به ڪئي، جو اها اڪيلائي جي احساس کي ختم ٿي ڪري، اها ڀوائتي اڪيلائي، جنهن ۾ ڏڪندڙ ڪنبندڙ شعور، سرد، حد کان وڌيڪ ۽ زندگي کان محروم اٿاهه گهرائين ۾ ڪائنات جي آخري ڪُنڊ کي ڌيان ۾ آڻي ٿو، مون محبت جي جستجو ڪئي ۽ اها حاصل ڪيم. ايتري ئي شدت سان مون علم جي جستجو به ڪئي، مون انسان جي دلين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄاڻڻ چاهيو ته تارا ڇو ٿا چمڪن، تنهن کانسواءِ مون ان فيثاغورثي سگهه کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان انگ ڦيرگهير کان مٿانهان رهن ٿا، گهڻو نه پر، ان جو ڪجهه حصو مونکي ضرور نصيب ٿيو.محبت ۽ علم مونکي ممڪن حد تائين آسمان جي اُتاهين طرف وٺي ٿي ويا، پر هر ڀيري ڏک ۽ پيڙائون مونکي واپس ڇڪي زمين تي وٺي ٿي آيون، درد جي رڙين جا پڙاڏا منهنجي دل کي ڪنبائي ڇڏيندا آهن، ڏڪاريل ٻارڙا، حملي آورن جا ستايل، اولاد جي لاءِ بيزاريءَ جو سبب بڻيل پوڙها، اڪيلائي، مفلسي، ڏکن ۽ پيڙائن جي ستايل دنيا منهنجي آدرشي زندگي جو مذاق اُڏائي ٿي، آئون بديءَ کي گهٽائڻ چاهيان ٿو، پر گهٽائي نٿو سگهان، تنهنڪري آئون پاڻ به نقصان ۾ رهان ٿو. اهائي منهنجي زندگي آهي، مون ان کي جيئري رهڻ جي قابل سمجهيو آهي، جيڪڏهن مونکي ٻيهر موقعو ملي ته آئون خوشيءَ سان گهارڻ چاهيندس.“ مٿيان لفظ گذريل صديءَ جي عظيم ڏاهي، لبرل ۽ انسان دوست قدرن جي اهم نمائندي برٽرنڊرسل پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ جي مهڙ ۾ ”حياتي جي مقصد“ جي عنوان سان لکيا آهن، اهي لفظ ئي اهو لائحه عمل هو، جنهن تي عمل ڪندي رسل پنهنجي زندگي گذاري، رسل جي فڪري عمل جي هم آهنگيءَ کيس عظمت سان نوازيو، هو هڪ بي مثال رياضي دان ئي نه پر وڏو فلاسافر ۽ هڪ بهترين انسان به هو، هن جي نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر هن جون تهذيب ۽ انسانيت، حق ۽ انصاف، امن ۽ خوشحالي شعوري سمجهه جي بالادستيءَ خاطر ڪيل خدمتون نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه آهن.

june 52

لارڊ برٽرنڊ آرٿر وليم رسل 18 مئي 1872ع تي انگلنڊ جي هڪ وڏ گهراڻي ”رسل“ ۾ پيدا ٿيو، هن جي جنم جي ٽي ڏهاڙي سندس امڙ هڪ خط ۾ سندس بابت لکيو، ”هو پنهنجو ڪنڌ کڻي حيرانيءَ مان آسپاس ڏسي ٿو“ ۽ سڄي زندگي هو دنيا کي ائين ئي ڏسندو رهيو، برٽرنڊرسل هڪ اهڙو فلسفي هو، جنهن دنيا کي امن جو گهوارو بنائڻ ٿي چاهيو، هن پنهنجي ضمير جي سڏ تي لبيڪ چيو، ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي اهم قدم کنيا، پمفليٽ لکيا، مظاهرا ڪيا، ظلم ۽ تشدد جي مخالفت ڪرڻ تي رسل کي سماج دشمن ۽ غدار قرار ڏنو ويو، سندس ليڪچرن ۾ هُل، هنگاما ۽ تشدد سان مداخلت ڪئي ويندي هئي، دوست يار به ساٿ ڇڏي ويس، ميڪ ٽيگرٽ جيڪو رسل جو دوست هو، تنهن لاڳاپن کي نظرانداز ڪندي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان کيس ڪڍڻ جي لاءِ جلوس ڪڍيو ۽ ڪيترائي مظاهرا ڪيا، سندس هڪ ٻي سنگتي ۽ ناليواري اديب دوست ايڇ جي ايلز کيس سرعام گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مٿس گند اڇليندي چيو، ”رسل اهڙو فلسفو ٿو جهاڙي، جيڪو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿو اچي، هو اقليدس جي رياضي تي بيڪار ۽ اجائي تنقيد ٿو ڪري.“  امن پسنديءَ جي وڪالت ۾ هڪ پمفليٽ لکڻ تي 15 جون 1916ع تي رسل تي هڪ سؤ پائونڊ ڏنڊ وڌو ويو، پر هن ڏنڊ ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سندس لئبرري جو هڪ حصو نيلام ڪيو ويو، جنهن ۾ رياضي جا ڪيترائي ناياب ڪتاب به شامل هئا، پر هن جي ارادن ۾ لوڏو نه آيو، کيس 1918ع ۾ هڪ مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ چار مهينا قيد جي سزا ڏني وئي، ان مضمون ۾ هن لکيو هو ته ”انگلينڊ ۾ هڙتال کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي فوج کي گهرايو وڃي، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ اهو فرض ادا ڪرڻ جي عادي آهي.“

ويٽنام جي جنگ دوران هن جنگي ڏوهن ۽ جنگي ڏوهارين کي انساني ضمير جي آڏو پڌرو ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي ناليوارن قانوندانن ۽ دانشورن تي ٻڌل هڪ ٽربيونل قائم ڪيو، جنهن ۾ زان پال سارتر ۽ سيمون دي بوار به شامل هئا، ان ٽربيونل جو مقصد اهو هو ته جنگ پسند آمريڪا جي حڪمرانن کي هڪ اهڙي عالمگير انصاف جي آڏو بيهارجي، جنهن کي هو نٿا مڃين، پر هو هڪ اهڙي گهري ملامت جو شڪار ٿين، جنهن جي سمجهه حاصل ڪرڻ جي منجهن توفيق ڪونهي، ٽربيونل جي ڪارروائي پئرس ۾ ٿيڻي هئي، پر فرانس جي حڪومت پاران اجازت نه ڏيڻ سبب ڪارروائي جي شروعات 2 مئي 1967ع تي اسٽاڪ هالم (سويڊن) ۾ ٿي. ٽربيونل ويٽنام مان حاصل ڪيل سڌين سينئن شاهدين جي آڌار تي 10 مئي 1967ع تي آمريڪا ۽ سندس اتحادين آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ڏوهاري قرار ڏنو ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر لنڊن بي جانسن کانسواءِ آمريڪي عملدارن ڊين رسڪ رابرٽ ميڪنامارا، هينري ڪيسٽ لاج ۽ جنرل مورلينڊ کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو، اهي جنگي ڏوهاري ايترا ته سگهارا هئا، جو جسماني طور تي کين اها سزا ڏيڻ ممڪن ته نه هئي، پر رسل ٽربيونل جو فيصلو دنيا جي ضمير جو آواز هو، جنهن بااثر ڏوهارين تي اهڙي ته گهري ملامت ڪئي، جنهن کي سمجهڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي.

رسل انسانيت کي ائٽمي هٿيارن جي تباهيءَ کان بچائڻ جي لاءِ به ڀرپور آواز اٿاريو، 1961ع ۾ کيس نوي سالن جي عمر ۾ ان وقت مظاهرو ڪندي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو هڪ رستي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو هو. رسل جيتوڻيڪ شروعاتي ڏينهن ۾ هو چوندو هو، ”هي جهان نفرت جوڳو آهي ۽ رڳو لينن ۽ ٽراٽسڪي ئي روشن ستارا آهن.“ پر روس جي دوري کانپوءِ سندس خيال بدلجي ويا، ساڳئي طرح هن چين جو به دورو ڪيو ۽ هڪ سال تائين اتي رهيو، ان زماني ۾ چين اشتراڪي انقلاب ڏانهن وڌي رهيو هو، رسل روس تجربن تي ٻڌل The Practice and Theory of Bolshevism جي نالي سان ڪتاب لکيو، ان ڪتاب ۾ هن کليل نموني روس ۾ ٿيندڙ تجربن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، رسل ته انقلابي حڪومت کي زار جي حڪومت کان به وڌيڪ جابر سڏيو، هن هڪ هنڌ لکيو، ”اشتراڪيت هڪ اهڙو حمام تعمير ڪري ٿي جتي تازي هوا جي هر ساهه کي پري رکڻ ضروري خيال ڪيو وڃي ٿو. هن چين جي سياحت جا تاثرات The Problems of China جي نالي سان لکيا. رسل ان زماني ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي ته دنيا ۾ ٽي وڏيون قوتون آمريڪا، روس ۽ چين وڃي بچنديون ۽ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ اها اڳڪٿي سندس زندگيءَ ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي، اشتراڪيت ۽ مذهب کي رد ڪرڻ کانپوءِ رسل پنهنجي نصب العيني دنيا جا خط و خال چٽا ٿو ڪري، هن جنهن يوٽوپيا جو تصور پيش ڪيو آهي، اهو بنيادي خصوصيت جي لحاظ کان اشتراڪيت جي بلڪل ويجهو آهي، ٻين اشتراڪي نظامن کان مٿڀرو ثابت ڪرڻ جي خاطر ان کي جمهوري اشتراڪيت جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو، مروج اشتراڪيت جي مخالفت جو مقصد اهو به ڪونه هو ته اسان جو هي انسان دوست فلسفي انسانيت ڪش سرمائيداريت جو حامي آهي،سندس نظر ۾ اهي ٻئي نظام فرد جي پرماريت جون ڌار ڌار شڪليون آهن، جيڪڏهن اشتراڪي سماج ۾ انساني ماحول کي آزاداڻي نموني وڌڻ ويجهڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي ۽ سوچ کي هڪ خاص سانچي ۾ وڌو وڃي ٿو ته ٻي طرف غير اشتراڪي سماج ۾ به اشتراڪيت جي خلاف نفرت کي بنيادي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ نئين نسل کي خاص طور تي اهو سيکاريو وڃي ٿو ته اهو نظام بني نوع انسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، ان لحاظ کان اهي ٻئي نظام هڪجهڙن بنيادن تي فرد دشمن آهن.

مٿي ذڪر ڪيل رسل جي جيون ڪهاڻي، رسل پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ٽن جلدن ۾ ڇپرائي. پهريون جلد 1967، ٻيو 1968 ۽ ٽيو 1969ع ۾ ڇپيو. پوءِ انهن ٽنهي جلدن کي گڏي ڇپيو ويو، اهو ڪتاب رسل جي سڄي زندگي جي تجربن جو نچوڙ آهي، پوئين عمر ۾ رسل افسانا به لکڻ شروع ڪيا، هو چوندو هو ته ”مون زندگيءَ جا پهريان اسي سال فلسفي جي خاطر وقف ڪيا هئا، هاڻ آئون ايندڙ 80 سال فڪشن جي هڪ ٻي صنف جي لاءِ وقف ڪرڻ ٿو چاهيان.“ اسان جو هي انسان دوست دانشور چوٿين فيبروري 1970ع تي وفات ڪري ويو، ٻي ڏينهن هڪ مقامي ديول ۾ سندس وصيت موجب سندس لاش کي ساڙيو ويو، هو اوڀر جي انسان دوستي ۽ اولهه جي سائنس پرستيءَ جو علمبردار هو، ڪنهن اڪيلي فرد جهالت، ظلم ۽ شر جي خلاف ايڏي ڊگهي جنگ نه وڙهي هئي، جيتري هن وڙهي، هو چوندو هو، ”آئون پنهنجي اکين جي تصور ۾ انساني نسل جي هڪ خوشيءَ واري لهر ڏسي رهيو آهيان، جڏهن ته ڊپ ۽ نفرت جي ڊگهي رات ختم ٿي ويندي، آئون هڪ اهڙي سونهري دور جي اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪو تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه آيو هو، اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان موت کان وڌيڪ زندگيءَ کي ترجيح ڏي.“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو