Home / ڪور افيئر / جذباتي تقرير جو پسمنظر ڇا هو؟ ڪرپٽ جمهوري راڄ- بلي بلي!
above article banner

جذباتي تقرير جو پسمنظر ڇا هو؟ ڪرپٽ جمهوري راڄ- بلي بلي!

Razaq Khatti 20

صوفي جي ٻانهن تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي فخر سان سامهون ويٺل پارٽي جي اڳواڻن کي پنهنجي عظيم قربانين جا طعنا ڏيندڙ آصف علي زرداري پهريون ڀيرو ٻه ٽنگو ڦاٿوآهي، سندس پارٽي جي اڳواڻن گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته معاملي کي ٿڌو ڪجي، پر جيڪا تقرير 16 جون تي لائيو ٽيلي ڪاسٽ ٿي ، ان جي ترديد ڪير ڪري سگهندو؟ هو چون ٿا ته هن مشرف جي پسمنظر ۾ اها ڳالھ ڪئي هئي، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري اندر رهڻ جي اڳوڻي صدر تلقين ڪئي هئي، پر هنن کي ڪير سمجهائي ته عوام هاڻي ايترو به بيوقوف نه رهيو آهي، جيترو هو سمجهن ٿا.

عوام جي نالي تي حاصل ڪيل حڪومتن ذريعي ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل دولت ۽ غرور سان سرشار ٿيل زرداري فاٽا واري پارٽي جرڳي ۾ پنهنجي تقرير جي آخري چند منٽن ۾ جيڪي جذبا ظاهر ڪيا هئا. ان جي پويان جمهوريت جو سور نه پر ڪرپشن ذريعي ڪمايل ان دولت ۽ پنهنجي حوارين کي بچائڻ جي خواهش هئي، جيڪي اڄ ڪلهه سنڌ ۾ گهيري هيٺ آيل آهن. ان ئي رات سيد خورشيد شاھ پاران سمورين پارلياماني پارٽين جي اڳواڻڻ ۽ نمائندن کي رات جي ماني تي گهرايو ويو هو. هي ان ڏينهن ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سياسي ميڙاڪو هو، جنهن ۾ حڪومتي ۽ غير حڪومتي ڌريون موجود هيون. زرداري جي تقرير ان رات هر ٽيبل تي ڳالھين جو موضوع هئي، وزيراعظم کانسواءِ باقي سمورا اڳواڻ هتي موجود هئا.

june 20

اسلام آباد جي ايِ اليون فور سيڪٽر ۾ فاٽا سان تعلق رکندڙ پارٽي جي حلف برداري جي تقريب رٿيل هئي، جنهن ۾ پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پهتو هو، بلاول هلڪو منڊڪائي هلي رهيو هو، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته دبئي ۾ چاڙهين تان لهندي ڪرڻ سبب سندس پير ۾ سٽَ اچي وئي هئي، هن جي پير ۾ مخصوص جوتو به پاتل هو، بلاول ۾ اهو ڪرنٽ نظر نه پئي آيو، جنهن جي پنڊال ۾ موجود پارٽي ڪارڪنن يا ٻين کي توقع هئي. هن کان تقرير به نه ڪرائي وئي، ان ڏينهن زرداري جي تقرير ۾ ٻه اهم عنصر واضح هئا، جنهن مان هڪ اهو هو ته هن واضح تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو نه رڳو عقلمند پر بازيگر به آهي، هن واضح چيو ته هو جڏهن چاهي ۽ جيئن چاهي اقتدار حاصل ڪري سگهي ٿو، پر هو في الحال ائين نه ڪندو، هو پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ايمان جي آزمائش ڪرڻ گهري ٿو. هن پنهنجي تقرير ۾ اهو ڪريڊٽ به پاڻ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ئي آهي جيڪو ملڪ جي سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي، هن حڪومت کي به ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هو چاهي ها ته عمران خان جي ڌرڻي وقت حڪومت کي ختم ڪري سگهيو پئي، ان بعد هن پرويز مشرف کان شروعات ڪئي ۽ جنرل راحيل جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اوهان ٽن سالن لاءِ ايندا آهيو ۽ اسان سدائين هتي ئي هوندا سين، هن پنهنجي مبينه ڪردار ڪشي جو ذڪر به ڪيو، ۽ مٿان اها ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته هو سمورن جرنيلن جا ڪارا ڪرتوت پڌرا ڪندو.

هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي، زرداري پنهنجي ان بيان جي صرف ٽن ڏينهن بعد پهرين روزي تي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو. هن اجلاس طلب ڪرڻ جو مقصد واضح هو، ڇاڪاڻ ته هن جي بيان بعد ان رات ئي گهرو وزير چوڌري نثار جو رد عمل سامهون آيو، ڪجهه ڪلاڪن بعد دفاع واري وزير خواجا آصف به ردعمل ڏنو، ٻئي ڏينهن وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اهم ميمبرن سان اجلاس ڪري بيان جاري ڪيو ، جنهن ۾ زرداري جي بيان جي مذمت ڪئي وئي. جيتوڻيڪ ظاهري طور تي ٻئي ڏينهن وزير اعظم روس ۾ موجود آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ڳالھايو ، پر ذريعا ٻڌائين ٿا ته جنهن ڏينهن وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏجاڻي ڪئي ان ئي ڏينهن آرمي چيف سان ڳالهايو هو. زرداري جنهن ڏينهن بيان ڏنو ، ان جي ٻئي ڏينهن هن جي وزيراعظم سان ملاقات طئي هئي، اها ملاقات زرداري جي خواهش تي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيڻي هئي، پر عين وقت تي وزيراعظم هائوس مان زرداري هائوس کي اطلاع ڪيو ويو ته وزيراعظم مصروف آهي، ان ڪري ملاقات نٿي ٿي سگهي. ان بعد سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، ان سڄي معاملي تي به صورتحال انتهائي مونجهاري جو شڪار رهي، زرداري هائوس مان ڪنهن همراھ هڪ ٽي وي چينل کي اها خبر ڏني ته آصف زرداري وزيراعظم کي فون ڪري پنهنجي گهر سڏايل سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، پر پنجن منٽن اندر ان جي ترديد ٿي وئي، اهڙي ريت ان ئي شام افطار ڊنر کان ڏيڍ ڪلاڪ اڳ ۾ فرحت الله بابر زرداري هائوس مان ٻاهر نڪري آيو، هن صحافين کي ٻڌايو ته اسان صرف پنهنجي اتحادين کي دعوت ڏني هئي، سمورين سياسي پارٽين کي نه گهرايو هو، پر هڪ ڪلاڪ بعد ڳالهه واضح ٿي وئي ته صرف 3 پارٽيون ان افطار ڊنر ۾ شريڪ ٿيون، جيڪڏهن اتحادي به دعوتيل هئا ته پوءِ بي اين پي عوامي ڇو شرڪت نه ڪئي، ؟ ان جو جواب ڪنهن وٽ به نه هو.

هي مختصر منظرنامو ان ڪري بيان ڪيو ويو جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، هڪ ماڊل جي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ٿيڻ بعد زرداري صاحب جا اسلام آباد تڪڙا تڪڙا چڪر لڳا آهن، لطيف کوسا کي وڪالت جون ذميواريون ملڻ بعد هاڻي بابر اعواڻ کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، ذريعا چون ٿا ته مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ مهارت رکندڙ بابر اعواڻ ۽ زرداري صاحب جي وچ ۾ گهڻي وقت کان ويڇا هئا، ذريعا چون ٿا ته ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ بابر اعواڻ ۽ زرداري جي وچ ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ، ان بعد ملاقات به ٿي، ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي.

پيپلزپارٽي جي اسلام آباد ۾ موجود قيادت ڪوششن جي باوجود زرداري جو منطقي انداز ۾ دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي، سيد خورشيد شاھ جي دعوت ۾ ته رحمان ملڪ هڪ صحافي سان ڳالھائيندي بي ساختا چئي ڏنو ته “ صاحب اسان کي ڦاسائي وڌو”

سنڌ ۾ ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي، جن جن ڊمپرن سان مال ميڙيو آهي، اهي سخت پريشان آهن،زرداري جي پيپلزپارٽي پنهنجي ستن سالن جي عرصي ۾ رڳو ڪرپشن ڪئي هجي ته به کڻي ماضي جيان هڪ جذباتي سنڌي جي حيثيت ۾ قبرن جا واسطا پوڻ تي کيس معاف به ڪري ڇڏجي ها، پر هن ته سنڌي معاشري کي اخلاقي طور برباد ڪري ڇڏيو آهي، بدعنوان بڻائي ڇڏيو آهي، داد فرياد جو ڪو اهڙو ڌر باقي نه ڇڏيو جتي وڃي ماڻهو دانهن ڏئي سگهي. هن دفعي جيڪڏهن زرداري جي بيان پويان جمهوريت بچائڻ جي جائز ڳالهه هجي ها ته به کڻي سمجهجي ها ته ٻيلي ٺيڪ آهي، پوءِ پيا حساب ڪتاب ڪبا، پهرين جمهوريت کي بچايو، پر هن دفعي ته هو فوج خلاف ان ڪري پيو بيان ڏئي ته سندس ڪرپشن سان گڏ ڪيل دولت جي وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.

اسلام آباد جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن دفعي زرداري جي خواهش تحت کيس اهڙو ڪوبه موقعو نه ڏنو ويندو جنهن جي ڪري کيس سياسي شهادت نصيب ٿئي. ڇاڪاڻ ته زرداري جيڪو بيان ڏنو آهي ان جو واضح مقصد اهو آهي ته سندس سنڌ جي حڪومت کي ختم ڪيو وڃي، ۽ هو ان کي بنياد بڻائي پاڻ کي ۽ پارٽي کي ٿورو گهڻو بچائي سگهي ٿو.

حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته باقي صوبا ته هڪ طرف پر سنڌ مان به ڪٿان هڪ به اهڙو بيان يا عوامي اجتماع نه ٿيو آهي جيڪو زرداري جي حمايت ۾ هجي، ان ڪري اها دعوا ته هو فاٽا کان ويندي سنڌ جي آخري ڪُنڊ تائين سڄو ملڪ بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ اهو تيستائين بند هوندو جيستائين هو چاهيندو. پر سچ اهو آهي ته هاڻي شايد نواب شاھ به مس بند ٿئي، ان ڪري اها ڳالهه واضح آهي، ته زرداري مٿان سڌو هٿ نه وڌو ويندو، سندس سمورا ڪمائو پُٽ سوگها ڪيا ويندا، عزير بلوچ جا انڪشاف اڃا باقي رهيل آهن ذريعا ٻڌائين پيا ته محترمه جي شهادت کانپوءِ ٻن اهم ماڻهن جي قتلن جو هن اعتراف ڪيو آهي، ان ڪري اها ڳالهه ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنسني خيز خبرون اچڻيون آهن، هي رمضان شريف جتي جون جي سخت گرمي سان تپيل آهي، ان ۾ ڪيترن جا روزا ٽُٽندي نظر پيا اچن.

جتي زرداري صاحب سان گڏ هاڻي ملڪ جون اهي سياسي ڌريون گڏ ناهن، اتي سندس پارٽي جي اڪثريت به هم آواز ناهي، سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جيڪڏهن گڏجي ويون ته پوءِ ان ڳالهه جا امڪان آهن ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳي وڃي. هن وقت ايم ڪيو ايم به گهڻي ڦاٿل آهي، زرداري جي آيل بيان بعد ڪجهه سال اڳ ۾ ڪراچي هوائي اڏي تان مبينه طور حراست ۾ ورتل ٻن جوابدران جي گرفتاري به ظاهر ڪئي وئي آهي، جن لاءِ پاڪستان جي اداران کي پڪ آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي مقتول اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ۾ ملوث آهن.

هن وقت ايم ڪيو ايم پنهنجو سِر بچائڻ جي ڪوششن ۾ آهي، انڪري ان ڳالهه جا چٽا امڪان آهن ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جي زرداري قيادت سان گڏجي هلڻ ۾ گهڻي جذباتي نه ٿيندي، ان ڪري في الحال ان ڳالهه جا امڪان ناهن ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳي، پر جيڪڏهن ايم ڪيوايم ۽ پي پي پي هڪ آواز ٿيون ته پوءِ سنڌ جو سياسي منظر نامو تبديل ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو