Home / اسپيشل افيئر / جونا ڳڙهه جا ڌاڙيل ڪراچي ۾!
above article banner

جونا ڳڙهه جا ڌاڙيل ڪراچي ۾!

Akhtar Baloch

جونا ڳڙهه رياست جو ڳاڻيٽو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ جي انهن رياستن ۾ ٿئي ٿو، جن جي نوابن پاڪستان سان الحاق جو فيصلو ڪيو هو. ليڪن انڊين حڪومت سندن اهو فيصلو قبول نه ڪيو ۽ پوءِ اهي رياستون وري هندستان جو حصو بڻجي ويون. نتيجي ۾ جونا ڳڙهه جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ انڊيا مان لڏپلاڻ ڪئي ۽ پاڪستان منتقل ٿي ويا. سندن اڪثريت ڪراچي ۾ آباد ٿي ۽ ڪراچي ۾ سندن جماعت ڪافي منظم آهي. اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو والد سر شاهنواز ڀٽو جونا ڳڙهه جو آخري وزيراعظم هو. جونا ڳڙهي برادري ۾ تمام گهڻا ناليوارا ماڻهو ٿي گذريا آهن. انهن ۾ ڪاروباري شخصيتون به آهن ته رانديگر ۽ سياستدان پڻ. ليڪن هن وقت آءُ ذڪر ڪندس جونا ڳڙهه جي ٻن مشهور ڌاڙيلن جو جن ۾ هڪ بلوچ ۽ هڪ هندو هو. هندو پوءِ مسلمان ٿي ويو جڏهن ته بلوچ ڪراچي ۾ ماريو ويو. انهن ٻنهي ڪردارن جو ذڪر اقبال پاريک پنهنجي ڪتاب “ جونا ڳڙهه اجڙيل دريار جي ڪهاڻي” ۾ ڪيو آهي. بلوچ جو نالو قادو مڪراني ۽ هندو جو نالو ڀوپت ڌاڙيل هو. قادو مڪراني جو ذڪر هن سرسري انداز ۾ ڪيو آهي جڏهن ته ڀوپت جو بيان تفصيل سان آهي. انهن ٻنهي بابت ديو مالائي ڪهاڻيون مشهور آهن ته اهي شاهوڪارن جي دولت ڦري غريبن ۾ ورهائيندا هئا. اهي انگريز سامراج خلاف هئا ۽ ان سان گڏو گڏ مهاجرن ۽ هندو سيٺين خلاف پڻ. قادو مڪراني جي ڪردار تي پاڪستان ۾ هڪ فلم “جاگ اٹھا انسان” پڻ ٺهي هئي. جنهن ۾ مک ڪردار اداڪار محمد علي ادا ڪيو هو. ان ڪردار لاءِ ڀوپت کي به چيو ويو هو ليڪن هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. “جونا ڳڙهه اجڙيل دريار جي ڪهاڻي” جي ليکڪ اقبال پاريک سان رابطو ڪرڻ نهايت مشڪل هو، منهنجي صحافي دوست احمد ملڪ سندس نمبر ڏنو- ان کانپوءِ ساڻس ڀوپت جي باري ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي اها ڪجهه هن ريت هئي: “جونا ڳڙهه رياست هميشه کان خوشحال رياست هئي.

june 42

اهو ئي سبب هو جو هن علائقي ۾ ڦر لٽ جون وارداتون عام هيون ۽ گهڻو تڻو ڌاڙيل ۽ ڦورو هيڏانهن جو رخ ڪندا هئا. هتان جا ڌاڙيل ٻين رياستن ۾ به مشهور ٿي چڪا هئا. انهن ۾ سر فهرست ڀوپت سينها، قادو مڪراني، رحمت الله، جهيڻا ۽ هيرا شامل هئا. ڀوپت سينها ۽ قادو مڪراني جا تمام گهڻا داستان گجراتي لوڪ داستانن ۾ عام آهن، ٻئي تمام مشهور ڌاڙيل هئا. ڀوپت جا ٻيا نالا به هئا جن سان هو مشهور هو، کيس سينها ۽ باروٺيا به چيو ويندو هو. باروٺيا ان ڪري به چيو ويندو هو جو هو ظلم خلاف بغاوت ڪندو هو. اقبال پاريک صاحب کان جڏهن مون دريافت ڪيو ته ڇا اها ڳالهه صحي آهي ته شاهوڪارن کي انهي ڪري ڦريو لٽيو پيو وڃي ته اهي غريبن جا حق غضب ڪن ٿا. هن جو چوڻ هو ته: اڄ ڪلهه جا سفيد پوش ڌاڙيل اهو به نٿا ڪن، پراڻا ڌاڙيل ان حوالي سان وفادار هئا. صرف ڀوپت ۽ قادو ان جو مثال نه آهن بلڪه ان کان اڳ به اهڙا مثال رابن هوڊ ۽ سلطانه ڌاڙيل جي شڪل ۾ موجود رهيا آهن. اقبال پاريک پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 98-99 تي ڀوپت جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ڪاٺياواڙ جي مشهور ليڊر سردار ولڀ ڀائي پٽيل ڀوپت کي “ننڍي شيواجي ” جو خطاب ڏنو هو، ولڀ ڀائي پٽيل ڀوپت کي انعام جي لالچ ڏئي مسلمانن خلاف ڀڙڪائڻ شروع ڪيو هو، جنهن جي ڪري اساور جي ميمڻ برادري دهلي وڃي گانڌي جي سان شڪايت ڪئي هئي ته سردار پٽيل ڀوپت کي “ننڍي شيوا جي” جو لقب ڏنو آهي ۽ هاڻي هو اسان کي به ڦريندو لٽيندو، ڀوپت کي جڏهن اها خبر پئي ته چالاڪي سان گانڌي جي کي پيغام موڪليائين ته آءُ مسلمانن خلاف نه آهيان بلڪه ظالمن جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهيان، ٻئي پاسي ڀوپت ميمڻن کي يقين ڏياريو ته هو سندن خلاف نه آهي بلڪه ظالم مهاجنن ۽ هندو سيٺين جو جاني دشمن آهي. امر واڙا درٻار کي ڀوپت جي اها ڳالهه نه وڻي ان چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته اسان ڀوپت گروپ جوڙيو هو جيڪو اسان جي خلاف ٿي ويو آهي ۽ ميمڻن جي مدد جون ڳالهيون ڪري ٿو. ان ڪري امر واڙادرٻار ڀوپت خلاف محاذ ٺاهي ورتو. ان ڀوپت کي گرفتار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو روپوش ٿي ويو. ڀوپت گرنار جي پهاڙي علائقي ۽ گير جي جهنگل ۾ پناهه گاهه ٺاهي هئي، هو اڪثر چوندو هو ته گرنار جي جبلن ۾ مون کي اهڙو ئي تحفظ ملي ٿو جهڙو ٻار کي ماءُ جي گود ۾ ملندو آهي. ڀوپت گهڻو تڻو سورٺ جي راڄڌاني راج ڪوٽ ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ملڻ ويندو هو. سورٺ جي زمين تي ڀوپت ۽ ان جي ساٿين خوني جنگ وڙهي هئي. ڀوپت هندو هو، ليڪن اهو هندو مهاجنن ۽ واڻين سيٺين کي ظالم ۽ جابر سمجهندو هو. ڀوپت ننڍپڻ کان ئي بهادر هو ۽ هر ظلم ۽ زيادتي خلاف اٿي کڙو ٿيندو هو. ظلم ۽ جبر کان نفرت ان جي فطرت ۾ شامل هئي. اهو ئي سبب هو جو امير ظالم واڻين ۽ مهاجنن خلاف بغاوت ڪندي ڪندي ڌاڙيل بڻجي ويو ۽ پوءِ ظالمن، جابرن کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو مشن بڻايو. ڌاڙيل ڀوپت جون ڪارروايون ان وقت جي انڊين حڪومت کي ڪنهن به طور قبول نه هيون ۽ هو هر صورت ۾ ڀوپت کي گرفتار ڪرڻ چاهن پيا پر ڪڏهن به کين ڪاميابي نه ملي. ڀوپت هر واردات ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو هو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو منهن ڏسندا رهجي ويندا هئا. ڀوپت لاءِ انڊيا ۾ زمين تنگ ڪئي وئي هئي جنهن بعد هن ڀارت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. اها ڪهاڻي اقبال پاريک پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 100 ۽ 101 تي لکي آهي. “ڀارتي حڪومت ڀوپت جي گرفتاري جي لاءِ رقم انعام طور مقرر ڪئي هئي. جونا ڳڙهه ۾ عارضي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ڀارتي فوج ۽ پوليس گرنار جي پهاڙين کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جيڪا ڀوپت جي پناهگاهه هئي. ڀوپت پنهنجي مخصوص وردي ۽ پوتڙو پهاڙي تي اهڙي طرح رکيو جو ڀارتي فوج اهو سمجهي ته هو پهاڙي تي موجود آهي. اهڙي طرح ڀوپت پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس کي دوکو ڏئي راجسٿان جي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو. ڀوپت 1952ع ۾ اسڪندر مرزا جي حڪومتي دور ۾ پناهه جي درخواست ڪئي جيڪا قبول ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ صدر ايوب خان به ان کي ڪافي سهولتون مهيا ڪيون. پاڪستان اچي ڀوپت مولانا يوسف صاحب جي هٿان اسلام قبول ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو محمد امين رکيو ويو. 28 سيپٽمبر 1996ع ۾ امين يوسف عرف ڀوپت ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.” قادر بخش عرف قادو مڪراني جو تعلق پڻ جونا ڳڙهه سان هيو.

june 43

انهن بابت جونا ڳڙهه جي تاريخ لکندڙ مؤرخن جو خيال اهو آهي ته هو انگريز راڄ جي خلاف هئا ۽ انهن جون جيڪي به ڪارروايون هيون، اهي اصل ۾ برطانوي سامراج کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. انهن جو اهو به خيال آهي ته قادو مڪراني دراصل ڌاڙيل نه بلڪه هڪ باغي هيو جيڪو هندستان کي برطانوي تسلط کان آزاد ڪرائڻ چاهي پيو. هن پنهنجي هم خيال ماڻهن جو هڪ گروهه تشڪيل ڏنو هيو جيڪو انگريز سرڪار جي حامين کان ڦر لٽ ڪري علائقي جي غريب ماڻهن ۾ ورهائيندو هو، جڏهن ته انگريزن جو خيال ان جي بلڪل ابتڙ هو. سياسي ڪارڪن ڪامريڊ واحد بلوچ مطابق جانسن نالي هڪ انگريز “ڪاٺياواڙ جا باغي” جي عنوان سان هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته قادر بخش جونا ڳڙهه جي 8 ڳوٺن ۾ ڦرلٽ ڪئي، جنهن دوران 71 واپاري ماريا ويا ۽ 89 ماڻهن جا نڪ ۽ ڪن ڪپيا ويا. ان واقعي کي لوڪ فنڪارن پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي. هن پنهنجي مضمون ۾ اهڙي قسم جا اڻ ڳڻيا واقعا بيان ڪيا آهن. هو لکي ٿو ته جانسن وڌيڪ لکيو آهي ته “ مير اول ندي جي ڪناري اسان جي ڇانوڻي هئي، يونين جيڪ ڦڙڪي رهيو هو ۽ آءُ ڇانوڻي مان اسڪاٽ جي گهر واري کي فوجي بگيءَ ۾ شهر وٺي وڃي رهيو هئس ته حاجي مانگير وڏي شاهه جي مقبري جي اوٽ مان اوچتو قادر بخش ظاهر ٿيو ۽ للڪاريندي چيو “بگيءَ ۾ ڪير آهي؟” “مون چيو مان ڌاري پلٽن جو ڪپتان جيڪسن آهيان ۽ بگيءَ ۾ اسڪاٽ جي گهر واري آهي. اهو ٻڌي قادر بخش ۽ ساٿي رستي تان هٽي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اسان عورتن جو احترام ڪندا آهيون، پر جيڪڏهن اسڪاٽ خود هجي ها ته هن کي جيئرو نه ڇڏيون ها. جنهن منهنجي سموري خاندان کي ماري ڇڏيو آهي، اسان جا گهر، اسان جون سرسبز ٻنيون ساڙيون ۽ اسان کي ٻارن کان جدا ڪري باغي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي”. قادر بخش چيو “اسان انگريزن جهڙا وحشي نه آهيون”. بمبئي ۽ ڪراچي جي اخبارن ۾ قادر بخش بابت سنسني خيز خبرون شايع ٿيڻ شروع ٿيون. انگريز عملدار همفري نيون پوليس چوڪيون قائم ڪيون، پوليس جي نفري وڌائي ۽ انهن کي بهترين هٿيار مهيا ڪيا. قادر بخش جي ساٿين فيصلو ڪيو ته قادر بخش ڪجهه ڏينهن روپوش ٿي وڃي. باقي ماڻهو جونا ڳڙهه ۾ ئي رهندا. فيصلي مطابق قادر بخش احمد آباد روانو ٿي ويو ۽ اتان کان ٽرين ذريعي ڪراچي آيو. هتي اچي قادر بخش مڪران وڃڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. قادر بخش هڪ اٺ واري سان ڳالهايو ته هو هن کي مڪران پهچائي. اٺ واري قادر بخش کي سڃاڻي ورتو ۽ انعام جي لالچ ۾ هن کي بغدادي پوليس ٿاڻي جي پٺيان انتظار ڪرڻ جو چئي پاڻ ٿاڻي ويو ۽ پوليس وارن کي وٺي آيو. جڏهن اهي قادر بخش کي پڪڙڻ لاءِ آيا ته قادر بخش ٻنهي کي خنجر سان وار ڪري ماري ڇڏيو. قادر بخش اتان فرار ٿي ويو، پر هڪ مزدور گهر جي ڇت تان وزني پٿر هڻي هن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. هو بي هوشي جي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. جڏهن اختيارين کي خبر پئي ته اهو قادر بخش آهي ته انگريزن کي يقين نه آيو ۽ انهن تصديق جي لاءِ جونا ڳڙهه مان هرڀائي ۽ امبارام کي موڪليو جنهن قادر بخش کي سڃاڻي ورتو. جنهن کان پوءِ ڪراچي ۾ قادر بخش تي ٻن ماڻهن جي قتل جو ڪيس هليو، ۽ 1878ع ۾ قادر بخش کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي. ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ لاش لياري جي هڪ مانائتي بلوچ واجه فقير محمد درا خان جي حوالي ڪيو ويو. درا لائن ڪلاڪوٽ ۾ مولوي غلام محمد ميت کي غسل ڏنو. هزارين ماڻهن جنازي ۾ شرڪت ڪئي. قادر بخش جي مڙهه کي ميوه شاه قبرستان ۾ وڏي شان سان دفن ڪيو ويو، جتي اڄ به جونا ڳڙهه کان قدر دان ان بهادر کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ايندا آهن. ان واقعي کي اڄ تقريبن 150 سال گذري چڪا آهن، پر اڄ به ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ جونا ڳڙهه جي مظلوم ماڻهن ۾ قادر بخش هيرو جو درجو رکي ٿو. اڄ به مقامي فنڪار ميلن ۾ هن جا داستان ٻڌائي ميلو لٽي وٺندا آهن. هندستان ۾ قادر بخش تي ڊراما اسٽيج ٿيندا آهن، فلمون پڻ ٺهي چڪيون آهن ۽ قادر بخش تي ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا هندي ۽ گجراتي ۾ ڇپجي چڪا آهن. بمبئي گزٽ ۾ همفري، اسڪاٽ، جانسن، جسٽس بيمن جون ڇپيل يادگيريون ۽ انگريزن جي لکيل ڪتاب “آئوٽ لاز آف ڪاٺياواڙ” (ڪاٺياواڙ جا باغي) ۾ هن جي ڪهاڻي موجود آهي. گل حسن ڪلمتي پڻ قادر بخش تي تفصيلي مضمون لکيو آهي. راجسٿان جا مظلوم طبقا اڄ به جهومي جهومي وڏي آواز ۾ ڳائيندا آهن. ‘‘ڈونگرے ڈونگرے قادو رانا ڈاہرا ادارو گھوڑانی واگے ٹھاروے، مکرانی قادو جونی دوستی جمدار ماریا ماں، ابوڈ نہ ڈک نہ دیے لوک نے’’ (پيارا قادر جبل جبل تنهنجي ڌاڪ آهي، گولين جو آواز گونجي رهيو آهي. پراڻي وستي جي پياري جمعدار قادو کي ظالمن ماري ڇڏيو جنهن ڪنهن کي به ڏک نه ڏنو هو) اها ته هئي ٻن ڌاڙيلن جي ڪهاڻي جيڪا ظاهري طور برطانوي سامراج ۽ ڦر لٽ ڪرڻ وارن ماڻهن خلاف هئي. پر ڇا انهن جو طريقئه ڪار ٺيڪ ۽ مناسب هو؟ اصل مسئلو اهو آهي ته ديومالائي ڪردار پنهنجي جڳهه تي پر ڇا اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته اهي ماڻهو جيڪي انهن جي جدوجهد جي خلاف هجن، انهن جا نڪ ۽ ڪن ڪپيا وڃن؟ جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اڄ رواداري، برداشت، ۽ مختلف مذهبن وچ ۾ ڀائيچاري جي پرچار ڪرڻ وارن کي قتل ڪرڻ وارا ماڻهو به سڀاڻي اسان جا هيرو بڻجي ويندا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو