Home / اسپيشل افيئر / حسن درس: هر ماڻهو ۾ مور نچي ٿو!
above article banner

حسن درس: هر ماڻهو ۾ مور نچي ٿو!

Ram Oadوقت جي تيز رفتار ۾ ڪيترائي ماڻهو قبر ٿي وڃن ٿا ۽ ڄڻ ته اُهي هن دنيا ۾ رهيا ئي نه هجن، ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن جو ڪو آدرش زندگي کي ارپيل نه ٿو هُجي، هُو آيا ۽ بس گذر ڪري ويا. ڪجهه ماڻهو بني نوع انسان کي پنهنجي آدرش سان ارپي مختصر زندگي ۾ صدين جي ڇاپ ڇڏي ويا ۽انهن زندگي جي منشور ۾ هڪ اهڙو پورهيو رقم ڪيو، جيڪو ويساهه جي حرفت سان لکيل هو،بلڪل ائين جيئن حسن درس چيو:

هر ماڻهو ۾ مور نچي ٿو

تارون ۾ تلوارون ترندڙ

هڪڙو پورو دور نچي ٿو

هرڪو دور پرولي آهي

هر ماڻهو جي من ۾ هڪڙي

گهوڙي جي ٽاپولي آهي.

حسن جي شاعري ۾ ڇاڇري جون ڇڙواڳ هوائن جو حُسن آهي. محبت ۽ انقلاب جو رومانس گڏ گڏ کڻي، ڪنهن نيري گگن جي نظم ۾ گم ٿي ويندڙ حسن جي تخليقي اُڏار ۾ سنڌ جهلڪي ٿي. شاعري ۾ صدين جو ڪو پڙلاءُ، پنهنجا پاند پکيڙي سوچن کي سَرگَرم ڪري وٺي ٿو. هو لکڻ جي نوعيت سان ڪڏهن به مصنوعي نٿو لڳي ۽ تصورن جا جذبا سندن سٽن مان ڇِلڪي پون ٿا.  حسن،جنهن روايتي انداز ۾ لکجندڙ شاعري جي زاوين کي ٽوڙي احساسن ۾ نئين اُڏار جي ارپنا ڪئي. هن جي نظم جي پاڇي ۾ تخليق جو هڪ لينڊ اسڪيپ جڙي ٿو. هن روايتن جي بغاوت ۾ نت نواڻ سان لهرون ڪندڙ شاعري سَرجي، جيڪا ڪنهن طوفان ۾ هوا جي زوزٽ سان بدن کي تيزي سان ڇُهندي آهي. حسن درس ، جنهن جي شاعري ۾ نوان استعارا ۽ خوبصورت تشبيهون اتساهه جو اهڃاڻ بڻجن ٿيون. هن جي شاعري ۾ جواني جو اولڙو آهي، جيڪو دقيانويسي سوچن سان سهمت نٿو ٿئي. ٻولي ۽ انداز ۾ غير روايتي روپ هن جي شاعري جو حسين اظهار آهي:

اوهين مُرڪي ملي آخر،  هليا ويا ڳوٺ پنهنجي ڏي

اسان جي ڳالهه جي ڳل تان ڳوڙو ڳڙي ٿو پيو

لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون  اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون؟

اسان کي عشق سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو……..

شاعري جو هڪ زبردست سماجي ڪارج آهي جيڪا آزادي، انسانيت ۽ برابري جهڙا آردش رکي ٿي. هڪ شاعر جي منطقي تخيل استحصال ۽ ناانصافي خلاف شعور ۽ مذمت جي ٻج ڇٽي ٿي. شاعري کان سواءِ سماج جذبن کان خالي هوندو آهي، رومانوي نگاهن جون دلڪش ادائون هڪ ڪوي جي ڪيفيتن جو غزل هونديون آهن. جنهن ديس جا شاعر درٻاري هوندا آهن، اُتي غلام ذهن پيدا ٿيندا آهن. شيخ اياز لکيو ته؛“ حسن درس جو پنهنجو نظم “خانم گگوش” مان هي انوکي، اچنڀي جهڙي تشبيهه وارو بند ڏسو؛

“تاريخ جي سگريٽ کي

تيلي چميو ته

وقت دکي پيو

۽ هڪ ڊگهي ڪش ۾

درد جو سرمئي دونهون

هوا ۾ اڏرندو ويو.”

جي حسن درس جو اهم نظم سبط حسن پڙهي ها ته هو پنهنجي ڪتاب “انقلاب ايران” ۾ ترميم آڻي ها.”

june 51

حسن جي شاعري جو هڪ مزاج آهي، جيڪا لفاظي ۽ اجائي جذباتيت جو اظهار نه بلڪِ اِها خوبصورت خيالن ۽ تصورن ۾ هڪ رومانوي اظهار آهي.حسن  انقلاب ۾ به رومانس جو درس ڏي ٿو، عشق ۽ الفت جون ريکائون سندس شاعري ۾ سنڌ جي سونهن جيان الڙ آهن. حسن وٽ فطرت جي دلربا منظر نگاري آهي. اهڙي شاعرانه پينٽنگ ۾ لفظن جون لارون ۽ تصوراتي اڀارون گهاٽي برسات جيئن پولار ۾ وڇائجي، من مهڪائي ڇڏين ٿيون ته ڪڏهن من مرجهائي ڇڏين ٿيون؛

 درد هڪ ڏينهن ڀَيڙ ڏئي ڪِرندو مون تي،

تنهنجي محبوب مٽي منجهه مئل هوندس مان

سموري شهر جي گمنامي سودي ايندس…

 اسان کي اها خبر ڪٿ ته تنهنجي زندگي جي ٻيڙي دل جي ڪيٽي بندر تي لنگر ٿي ويندي ۽ لاڙ لکيئي جو ليکو ٿي ويندو… اي سنڌ جا شاعر! تو چيو هو، ها سچ چيو هو:

نئين کي پُراڻو ڪجي، دل ڏجي،

سندي دل کي ڄاڻو ڪجي، دل ڏجي.

ملڻ کي رليءَ جئن مٿان اوڍجي،

وڇوڙو وڇاڻو ڪجي، دل ڏجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو