Home / اسپيشل افيئر / راجا ڏاهر عربن هٿان نه پر هڪ سنڌيءَ هٿان قتل ٿيو!؟
above article banner

راجا ڏاهر عربن هٿان نه پر هڪ سنڌيءَ هٿان قتل ٿيو!؟

DR Muhammad Almaniسنڌ هزارن سالن کان سکيو وطن رهيو آهي، هن ملڪ جي وچ مان وهندڙ سنڌو درياهه هن کي زرخيز بڻايو. ميدانن، باغ، اناج، علم ۽ وڻج واپار کان هي ملڪان ملڪ مشهور ٿيو. سندس خوشحاليءَ جي ڪري ڪيئي ڦورو حڪمران مٿس ڪاهه ڪري آيا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي غيرت مند پٽن پاڻ ملهايو ۽ وطن جي حفاظت لاءِ پاڻ قربان ٿيا. انهن منجهان هڪ مهاراجا ڏاهر به هو، جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ وطن تان قربان ٿيو. اسان هيٺ مهاراجا ڏاهر جي شهادت ۽ ڌارين جي سنڌ مٿان ڪاهه بابت تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ بحث ڪنداسين.

حضرت عمر جو دؤر: 13 هجري 624ع کان 24هه 645ع

عربن جا دنيا جي مختلف ملڪن تي ڪيل حملا

حضرت محمد صلعم جي برقعو مٽڻ سان ئي عربن دنيا تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. حضرت عمر جي دؤر تائين ايران، سيستان، مصر، شام، اردن، يمن، عراق، افغانستان ۽ مڪران تي قبضو ڪري چڪا هئا. ديبل تي ٻيڙين ذريعي حملو ڪيو ويو، جنگ ۾ “مغيره بن ابي العاص” قتل ٿي ويو. حضرت عمر سنڌ جي صورتحال معلوم ڪري سنڌ تي حملو ڪرڻ کان منع ڪئي ڇو ته جيڪي کيس رپورٽون مليون انهن مطابق سنڌ ڏکيو محاذ هيو.

JUNE 42

حضرت عثمان جي خلافت: 24 هجري 645ع کان 35 هجري 655ع

حضرت عثمان کي به اها رپورٽ ملي ته سنڌ هڪ ڏکيو محاذ آهي ان ڪري هن سنڌ تي حملي کان منع ڪئي. هن جي دؤر حڪومت ۾ اسڪندريه، آرمينيا، آذر بائيجان، طرابلس، تيونس، قبرص، مراڪش ۽ بلتستان تائين جا علائقا قبضي هيٺ آندا ويا، اسپين تي به حملو ڪيو ويو.

حضرت علي جي خلافت 35 هجري 656ع کان 40 هجري 661ع

عرب ۾ اندروني ڇڪتاڻ جي ڪري يا سندن پاليسي اهڙي هئي جو ڪٿي به ڪاهه نظر نٿي اچي، شاغر بن ذعر” جيڪو مڪران ۾ هيو انهيءَ پٻ جبل جي علائقي تي حملو ڪيو پر ڪيڪانان وارن سان مقابلو ڪري نه سگهيو ۽ واپس موٽي ويو.

معاويه بن ابو صفيان جو دؤر خلافت 41 هجري 661ع کان 59 هجري 669ع

بحر روم ۾ ٻن ٻيٽن “روڊس” ۽ “ارڊاد” تي قبضو ڪيو ويو. معاويه جي دؤر ۾ سنڌ تي ٻن طرفن کان حملا ڪيا ويا. هڪ ڪابل ۽ قنڌار واري پاسي کان ۽ ٻيو پراڻي رستي سان. خيبر کان پهريون حملو 44 هه ۾ مهلب بن ابي صغر ڪيو. ڪيڪانان مان ڦرلٽ ڪري واپس موٽي ويو. ٻيو حملو عبدالله بن سوار عبدي ڪيو، ڪيڪانان مان گهوڙا ۽ ٻي ڦرلٽ ڪري معاويه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. ٻيهر هن حملو ڪيو ۽ سنڌين هن کي ڪيڪانان ۾ قتل ڪيو. پوءِ سنان بن ابي سنان هزلي مڪران تي ٻيهر قبضو ڪيو. هن جي جاءِ تي راشد بن عمر ازدي مقرر ٿيو. هن ڪيڪانان تي حملو ڪيو ۽ “ميد” قبيلي هٿان مارجي ويو. هن کان پوءِ سنان بن سلمه مقرر ٿيو، هي ٻڌا جي علائقي ۾ سنڌين هٿان مارجي ويو. جڏهن زياد جي پٽ عباد قنڌار تي قبضو ڪيو ته هن قنڌار کان منذر بن جارود کي سنڌ تي حملي لاءِ موڪليو جنهن ڪيڪانان ۾ ڦرلٽ ڪئي. هي پورالي ندي ۾ بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. هن جي جاءِ تي حڪم بن منذر کي مقرر ڪيو ويو. معاويه جي دؤر ۾ 55 هه ۾ سمرقند ۽ بخارا تي قبضو ڪيو ويو، اتر آفريڪا جا ڪيئي علائقا قبضي هيٺ آندا ويا، قسطنطنيه تي زوردار حملو ڪيو ويو.

يزيد جو دؤر حڪومت سنه 60 هجري 680ع کان 64 هجري 683ع

يزيد جي دؤر ۾ عرب اندروني خلفشار ۾ رهيو. يزيد امام حسين ۽ ان جي ساٿين کي شهيد ڪرايو. مديني تي ڪاهه ڪئي وئي، ٽن ڏينهن تائين مديني ۾ قتل عام ڪيو ويو ۽ ڦرلٽ ڪئي وئي. ان کان پوءِ حضرت زبير تي مڪي ۾ ڪاهه ڪئي وئي، حضرت زبير حرم ۾ پناهه ورتي، يزيدي لشڪر منجيقن سان ڪعبة الله تي حملو ڪيو ۽ ڪعبة الله کي ڪافي نقصان پهتو. يزيد جي وقت ۾ ترڪمانستان تي حملو ڪيو ويو ۽ 5 ڪروڙ رقم ڦرلٽ ڪئي وئي. يزيد جي وقت ۾ اتر آفريڪا تي ڪاهيو ويو. چچ نامي موجب 61هه ۾ منذر بن جارود کي سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.

عبدالملڪ بن مروان 65 هجري 686ع کان 86 هجري 707ع

حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هيو انهيءَ ابن زبير کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪعبة الله تي ڪاهه ڪرائي وئي. حضرت اِبن زبير جو لاش ڦاهي تي ٽنگرايو ويو. عبدالملڪ جي ئي دؤر ۾ حجاج بن يوسف اسلم ڪلابي کي مڪران تي حملي لاءِ موڪليو جنهن کي عبدالله بن عبدالرحيم ۽ محمد بن معاويه علافي قتل ڪري مڪران تي قبضو ڪيو.

سنڌ ۾ مهاراجا ڏاهر جو حاڪم ٿيڻ81ھ – 699 ع کان 94هه- 712ع

مهاراجا ڏاهر برهمڻ گهراڻي جو ٽيون حڪمران هيو، جيڪو پنهجي چاچي چندر جي وفات کان پوءِ تخت تي ويٺو. هن جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ، مهاراجا چچ جي زماني کان عرب سنڌ مٿان ڪاهي آيا هئا. مڪران ۾ علافين وارو واقعو هن جي دؤر ۾ ٿيو هو. 85 هه ۾ مجاعه بن سعر کي مڪران موڪليو ويو جيڪو مڪران ۾ فوت ٿيو.

وليد بن عبدالملڪ جو عرب جي اقتدار تي ويهڻ: 86 هجري 705ع کان 96 هجري 713ع

86 هه ۾ ترڪمانستان تي قبضو ڪيو ويو، 87 هه ۾ بخارا تي ڪاهيائون ۽ 88 هه ۾ قبضو ڪيائون. 91 هه طارق بن زياد اسپين تي قبضو ڪيو. 91 هه ۾ چين تي حملو ڪيو ويو، خاڪانِ چين عربن سان ٺاهه ڪري حڪومت بچائي. انهيءَ زماني ۾ حجاج بن يوسف عبدالله بن نبهان ديبل تي ڪاهه لاءِ موڪليو، جيڪو مارجي ويو. جيسينه جو ساڻن مقابلو ٿيو، ان وقت بديل به خشڪي رستي الڳ ڪاهي آيو، بديل جيسينه هٿان مارجي ويو ۽ عرب موٽي ويا.

حجاج بن يوسف پاران محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملي لاءِ روانو ڪرڻ

بديل جي مارجڻ کان پوءِ 92 هه ۾ محمد بن قاسم کي عراق جي لشڪر سان گڏوگڏ شام جي لشڪر مان 6000 جو لشڪر ساڻ ڏنائون، ابن مغيره کي جنگ جو سامان ڏئي سمنڊ رستي روانو ڪيائون. چئن سوارن پٺيان هڪ اٺ، 6000 اٺ، 3000 بار بردار بختي اٺ، شيراز ۾ محمد بن قاسم وٽ پهتا. محمد بن قاسم مڪران پهتو جتان محمد هارون کي ساڻ ڪري اومابيل پهتو، جتي محمد هارون بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو.

محمد بن قاسم جي ديبل ۾ جنگ

محمد بن قاسم 92 هه ۾ جمعي ڏينهن ديبل پهتو، خريم بن عمره ۽ ابن مغيره به سمنڊ رستي پهتا. ست ڏينهن جنگ لڳي عربن کي فتح حاصل نه ٿي. اٺين ۽ نائين ڏينهن قلعي مان غدار سنڌي نڪتا جن جي صلاح سان عرب قلعي ۾ داخل ٿيا ۽ ديبل تي عربن جو قبضو ٿي ويو. جاهين بن برسايد قلعي جي ديوار ٽپي ڀڄي ويو.

محمد بن قاسم جو نيرون ڪوٽ پهچڻ

نيرون وارن حجاج بن يوسف سان لڪ چوري عهد ڪري ڍل مقرر ڪرائي ڇڏي هئي، شمنين دروازا کوليا ڀنڍرڪو شمني تحفن ۽ نذرانن سان پيش پيو.

سيوستان ۽ ان جي ڀرپاسي قبضو

سيوستان جي شمنين اندران ئي اندران محمد بن قاسم سان ٺاهه ڪيو، ليڪن بجيراءِ جنگ ڪئي. ست ڏينهن بجيراءِ ٻڌيه جي علائقي ڏانهن هليو ويو. ٻڌيه جو راجا ڪاڪو پٽ ڪوتل به محمد بن قاسم وٽ پيش ٿيو. محمد بن قاسم سنڌي رسمن موجب هن کي پڳ ٻڌرائي. بجيراءِ (سيسم) طرف ڀڄي ويو. ڪاڪي پٽ ڪوتل وڏي پئماني تي ڦرلٽ ڪئي.

محمد بن قاسم جو حجاج بن يوسف کي خط

ڪڇ جي علائقي جو راجا بسامي پٽ راسل ٺاهه ڪرڻ ٿو چاهي جنهن جي اثر ۾ ٻيا به ڪيترائي راجا آهن، جنهن جي محمد بن قاسم کي اجازت ملي. محمد بن قاسم واپس نيرون ڪوٽ آيو جتي راسل رسني جي بزرگن ۽ ڀٽين جي ڪن سر ڪردن محمد بن قاسم سان ٺاهه ڪيو.

محمد بن قاسم جي ٻيٽ جي قلعي ڏانهن روانگي ۽ “جيور” ۾ ڪئمپ ڪرڻ

محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي ويجهو اچي ڪئمپ ڪئي، هو شمنين کي به پاڻ سان ساڻ کي کڻي آيو.

راجا ڏاهر جو ڪئمپ جو جائزو وٺڻ

ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ صرف مهراڻ هيو، راجا ڏاهر ڪناري تي آيو ۽ جائزو وٺي رهيو هو. هڪ شامي هن کي تير هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر راجا اڳ ۾ ئي کيس تير هنيو شامي اتي ئي مري ويو. راجا ڏاهر “جاهين” کي ٻيٽ جي قلعي جي سامهون واري گهير جي نظرداري جو حڪم ڏئي واپس ويو.

محمد بن قاسم جو سيوستان مان لشڪر گهرائڻ

محمد بن قاسم، محمد بن مصعب کي موڪليو جيڪو سيوستان مان4000جنگجو وٺي آيو. ساڳي ڏينهن موڪو پٽ وسايو به اچي محمد بن قاسم سان مليو، هن کي ٻيٽ جي قلعي کان سواءِ سورت بندر جي حاڪميت جي به پڪ ڏياري وئي ته اهي توکي ڏني ويندي.

راجا ڏاهر جو جيسينه کي محمد بن قاسم جي مقابلي لاءِ موڪلڻ

جيسينه ٻيٽ جي قلعي ڏانهن آيو ۽ محمد بن قاسم جا گهٽ گهيڙ بند ڪيائين. محمد بن قاسم پنجاهه ڏينهن تائين درياهه ٽپي نه سگهيو، سندس لشڪر ۽ گهوڙن ۾ خوراڪ جي ڪميءَ جي ڪري بيماري ڦهلجي وئي ۽ اهي مرڻ لڳا. انهي صورتحال کان محمد بن قاسم حجاج بن يوسف کي خط لکي واقف ڪيو جنهن سرڪي ۾ ٻڏل ڪپهه ۽ خاص ٻه هزار گهوڙا ڏياري موڪليا.

محمد بن قاسم جو جنگ لاءِ وڌيڪ لشڪر گڏ ڪرڻ

ذعوان بن علوان 1500 سنڌي غدارن جو لشڪر وٺي آيو، موڪو پٽ وسايو، ڀٽين، ٺڪرن، مهراڻ جي الهندي جي جتن کي وٺي حاضر ٿيو، ساڪري جا وڏيرا به تيار ٿي بيٺا. موڪو پٽ وسايو ٻيڙين جو بندوبست ڪيو، جن کي پاڻ ۾ ٻڌي پل ٺاهي وئي ۽ عرب جو لشڪر درياهه ٽپي ٻيٽ جي قلعي جي سامهون لٿو. ڪيترائي غدار سنڌي اچي محمد بن قاسم سان شامل ٿيا، جن ۾ طاهر بن بجر بيلمان، ڪيرج جو راجا سر بند، ڪنبھ جو مالڪ کوڪو پٽ موڪو، گيان پٽ ٿاهر شامل هيا.

راجا ڏاهر جيسينه کي ٻيٽ جي قلعي ڏانهن موڪليو، جنهن موڪي جي پيءُ وسايو کي پڳ ٻڌائڻ بجاءِ “راسل پٽ وسايو” کي پڳ ٻڌرائي ٻيٽ جو حاڪم مقرر ڪري واپس ويو.

وسايو ۽ سندس پٽ راسل عرب لشڪر تي ڪاهي آيا، هوڏانهن موڪو پٽ وسايو عربن سان گڏ هيو جنگ لڳي، وسايو ۽ راسل مقابلو ڪري نه سگهيا.

جيسينه جو جنگ لاءِ اچڻ

راجا ڏاهر جيسينه کي جنگ لاءِ روانو ڪيو، جيسينه جا ڪيئي ڪونڌر وڙهندي ڪسجي ويا. جيسينه عربن تي زوردار حملو ڪيو، عرب لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي وئي- جيسينه واپس موٽي ويو. (چچ نامو صفحو 237). هن جنگ کان پوءِ راجا راسل به محمد بن قاسم سان ملي ويو. موڪو ۽ راسل محمد بن قاسم کي مدد جي پڪ ڏني.

جنگ جو پهريون ڏينهن

راجا ڏاهر پنهنجي سپهه سالار “جهاپو” کي عرب لشڪر جي مقابلي لاءِ ميدان ۾ موڪليو، ٻنهي طرفن کان سوين ماڻهن قتل ٿي ويا، شام جو ٻئي لشڪر موٽي ويا.

جنگ جو ٻيو ڏينهن

راجا ڏاهر هڪ بهادر سنڌي “جاهين” کي لشڪر ڏئي جنگ جي ميدان ۾ لاٿو، “جاهين” عربن هٿان شهيد ٿي ويو.

جنگ جو ٽيون ڏينهن

9 رمضان 93 هه راجا ڏاهر عرب لشڪر تي ٻن پاسن کان حملو ڪيو، هڪ پاسي کان پاڻ حملو ڪيائين ۽ ٻئي پاسي کان سندس بهادر پٽ، ڏهر سين ۽ محمد علافي گڏجي حملو ڪيو.

عربن پاران پهريون حملو “محرز بن ثابت ڪيو جيڪو سنڌين هٿان مارجي ويو. ٻيو حملو “سعيد” ڪيو زوردار جنگ لڳي، ٻئي ڌريون موٽي ويون.

10 رمضان 93هه، جنگ جو چوٿون ڏينهن

جنگ واري ڏينهن سنڌي غدارن جي صلاح سان محمد بن قاسم لڪ چوري راجا ڏاهر مٿان پٺيان کان اوچتو حملو ڪيو، سنڌي فوج ۾ افراتفري پئدا ٿي ته محمد بن قاسم عربن کي ٻئي پاسي کان حملي جو حڪم ڏنو. راجا ڏاهر، سفيد هاٿي تي سوار ٿي عرب لشڪر مٿان زوردار حملو ڪيو. زوردار جنگ لڳي سنڌين اهڙي تلوار هلائي جو سندن هٿن جون کلون لهي ويون.

محمد بن قاسم شجاع حبشي کي سپهه سالار ڪري جنگ جو حڪم ڏنو. هن راجا ڏاهر تي حملو ڪيو، راجا ڏاهر ٻه منهون تير “حبشي” کي هنيون سندس سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو. هن زور دار حملي جي عرب لشڪر سٽ سهي نه سگهيو، عربن جا پير لڏي ويا (ڀاڄ پئجي وئي)

محمد بن قاسم بوکلائجي رڙيون ڪيون چوڻ لڳو “اَطِعمني الماءَ” مون کي پاڻي کارايو”!!

پوءِ رڙيون ڪري پڪاريائين “خُريم بن عمرو مدني ڪٿي آهي؟ ڪهلي “دهلي”، محمد بن مُصعَب بن عبدالرحمٰن ۽ نُباتھ بن هنظلت ڪٿي آهن” دارس بن ايوب ڪيڏانهن ويو؟ اَبُو فِضھ، محمد بن زياد العبدي ۽ تميم بن زيد قيصيٰ ڪٿي آهن؟(چچ نامو 261)

راجا ڏاهر جي شهادت بابت چچ نامي ۽ ٻين تاريخن ۾ آيل شهادتون

چچ نامي ۾ صفحه 262 کان 265 تائين آيل خبرن جو اختصار

راجا ڏاهر عورتن جون رڙيون ٻڌيون ۽ انهن کي تسلي ڏني ته “مان هتي آهيان” محمد بن قاسم تير اندازن کي چيو ته هي وقت اوهانجو آهي. هڪ سڌي هٿ واري تير انداز راجا ڏاهر کي تير هنيو جيڪو پالڪي کي لڳو ۽ پالڪي کي باهه لڳي وئي. راجا ڏاهر جو هاٿي ڀڳو ۽ پاڻي طرف ويو، پاڻي پي هاٿي قلعي طرف وڃڻ چاهيو. هڪ عرب راجا ڏاهر کي تير دل تي هنيو راجا ڏاهر هاٿي تي پالڪي ۾ منهن ڀر ڪري پيو!!

راجا ڏاهر هاٿي تان لهي هڪ عرب سان مقابلو ڪيو جنهن راجا ڏاهر کي مٿي تي تلوار هڻي سسي ڪلهن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏي. عرب لشڪر وڙهندو راوڙ ڪوٽ وڃي نڪتو پٺيان سنڌين راجا ڏاهر جو لاش گپ ۾ پوري ڇڏيو.

محمد بن قاسم عامر بن عبدالقيس کي چيو ته پڙهو ڏياريو وڃي ته راجا ڏاهر غائب آهي متان ڪنهن ڪنڊ مان نڪري حملو نه ڪري تنهن ڪري هوشيار رهو!!

حبيش چيو ته منهنجي دل چوي ٿي ته ڏاهر ڪُسجي ويو!!

هڪ برهمڻ محمد بن قاسم وٽ آيو ۽ امان گهرايائين، (سندس نشاندهي تي) راجا ڏاهر کي گپ مان ڪڍيائون، ڏاهر جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري محمد بن قاسم وٽ کڻي آيا، سڃاڻپ ڪرائڻ کانپوءِ ان برهمڻ جي وڏن مان ۽ لاڳاپي وارن مان 300 ٽي سو ماڻهو آزاد ڪيائون.

تاريخ اعجاز الحق قدوسي ۾ راجا ڏاهر جي شهادت جو بيان

پاڻي پيئڻ کان پوءِ هاٿي بيهي رهيو ۽ قلعي طرف وڃڻ چاهيائين. ليڪن مسلمانن(عربن)تيرن سان برسات شروع ڪري ڏني.

ڏاهر ڏٺو ته جنگ جاري آهي ۽ هن جا ڪيترائي عزيز ۽ ساٿي جنگ ۾ مارجي چڪا آهن هن جي دل ۾ جوش پئدا ٿيو، پيادل وڏي بهادريءَ سان ميدان ۾ وڙهندو رهيو. سج لهي رهيو هو ته هڪ عرب هن جي سر تي تلوار هنئي جيڪا مٿي کان گردن تائين هيٺ لهي وئي!!

مدائني جي روايت آهي ته ڏاهر کي بني ڪلاب جي ڪنهن شخص قتل ڪيو. ابن ڪلبي جي روايت آهي ته ڏاهر کي قبيله صله جي قاسم بن سعلبه بن عبدالله بن حصن قتل ڪيو هو(صفحه 179)

چچ نامي جي صفحي 266 – 267 تي لکيل روايت

عمرو بن مغيره کان روايت: عمرو جنهن ڏينهن ڏاهر سان سامهون ٿيو ته محمد بن قاسم کي شاهد ڪري هاٿي کي ڌڪ هنيائين ۽ ڏاهر جو سر پڻ هن ٻه اڌ ڪيو. عمرو عراق موٽي ويو، ڏاهر جي سسي حجاج بن يوسف جي خدمت ۾ پيش ڪيائين!!

راجا ڏاهر جي شهادت بابت ليکڪ جو تجزيو

جيئن اسين مٿي لکي آيا آهيون ته 10 رمضان جي ڏينهن محمد بن قاسم جنگ جي اصولن جي ڀڇڪڙي ڪندي سنڌي فوج مٿان پٺئين پاسي کان اوچتو حملو ڪرايو هو ۽ محمد بن قاسم جو سپهه سالار شجاع حبشي هيو، جيڪو جنگ ۾ راجا ڏاهر هٿان مارجي ويو هو. عرب جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي وئي هئي، محمد بن قاسم بوکلائجي پاڻي پياريو بجاءِ “پاڻي کارايو، پاڻي کارايو” چئي، پنهنجن سپهه سالارن کي سڏي رهيو هو. عملي طور عربن کي شڪست اچي چڪي هئي، انهيءَ صورتحال جي مد نظر سنڌي فوج ۾ موجود ڪنهن غدار وطن راجا ڏاهر کي تير هڻي، قتل ڪيو ٿو محسوس ٿئي، جنهن جي خبر هڪ سنڌي غدار اچي محمد بن قاسم کي ٻڌائي ۽ انعام ورتا ۽ پنهنجي مائٽن لاءِ رعايتون ورتيون. جيڪڏهن جنگ دوران ڪنهن عرب هٿان راجا ڏاهر قتل ٿئي ها ته عرب لشڪر فتح جا نعرا بلند ڪري ها ۽ انهيءَ مهل ئي راجا ڏاهر جو سر ڪپي نيزي تي ٽنگيو وڃي ها.

ٻيو اِهو ته راجا ڏاهر جي قتل متعلق آيل بيان متضاد آهن، جن مان راجا ڏاهر جي ڪنهن به عرب هٿان شهيد ٿيڻ جي پڪي گواهي نٿي ملي.

پنهنجن غداري ڪري محمد بن قاسم جو ساٿ به ڏنو، راجا ڏاهر کي قتل ڪري عربن جي شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪيو.

عربن جا سنڌ تي حملي جا ڪارڻ ۽ مهاراجا ڏاهر جي جنگي حڪمت عملي

جيئن مٿي تاريخي حوالن سان بيان ڪري چڪو آهيان ته ستين صدي عيسويءَ ۾ عرب دنيا اندر هڪ طاقتور جنگي قوت طور اڀريا ۽ هنن ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ تي هڪ ٻئي پٺيان حملا ڪري سڄي دنيا اندر دهشت ڦهلائي ڇڏي هئي. دنيا جي ٻين فاتحن جيان هنن جو مقصد به ڦرلٽ ڪري ٻين قومن جو مال ملڪيت کڻي وڃڻ هيو. دين ڦهلائڻ، تبليغ ڪرڻ هنن جو مقصد نه هيو، جي ايئن هجي ها ته ٻه دفعا مديني تي نه ڪاهيو وڃي ها ۽ ڪعبة الله مٿان منجيقن ذريعي سنگ باري نه ڪئي وڃي ها. جيتريقدر مذهب جو سوال آهي ته انهيءَ زماني ۾ دنيا اندر رعيت کي حاڪم جو دين قبول ڪرڻو هوندو هيو.

عربن جو مقصد رڳو سنڌ تي قبضو ڪرڻ نه هيو پر سڄي هندستان تي قبضو ڪري اتان جي دولت ڦرڻ ۽ لٽڻ هيو، ان ڪري هر حڪمران جي دؤر ۾ سنڌ تي ڪاهيو ٿي ويو، ڇو ته سنڌ کان ئي رستو هندستان ڏانهن ٿي ويو.

عربن سنڌ مٿان حملا مهاراجا چچ جي دؤر کان شروع ڪيا، جيڪي مهاراجا ڏاهر جي دؤر تائين جاري رهيا ۽ عربن کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه پئي ٿي. جڏهن 91 هه ۾ عربن اسپين تي قبضو ڪيو ۽ 91 هه تائين ايران کان سواءِ موجوده افغانستان ۽ گلگت، بلتستان جا علائقا به عربن جي قبضي هيٺ اچي ويا، خاقان چين به 91 هه ۾ ڏن ڀرو ٿيو. هوڏانهن اسپين کان پوءِ عرب فرانسيسين کي شڪست کائڻ کان پوءِ يورپ کي قبضي هيٺ آڻڻ واري خواب تان هٿ کڻي چڪا هئا ۽ هنن سموري طاقت جو استعمال هندستان تي قبضو ڪرڻ تي لڳايو. انهيءَ سلسلي ۾ جيئن ته سنڌ سان لاڳاپيل مکيه ٻڌ مرڪز ڪابل ۽ قنڌار عربن جي قبضي هيٺ اچي چڪا هئا ۽ اتان جا ٻوڌي پيشوا مسلمان ٿي چڪا هئا ته انهن معرفت عربن سنڌ جي ٻوڌين سان اندران ئي اندران ٺاهه ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ تي آخري حملا ٻن طرفن معنيٰ عراق ۽ قنڌار کان ڪيا ويا.

سنڌ جو مهاراجا ڏاهر جنهن اهو سمورو لقاءُ ڏٺو پئي، انهيءَ حڪمت عمليءَ طور جنگ جو ڏکيو محاذ تجويز ڪيو، جيڪو“راوڙ ڪوٽ” هيو. راوڙ ڪوٽ جي اڳيان ٻيٽ جو مضبوط قلعو هيو.

ٻيٽ جي قلعي اڳيان پاڻي جي وڏي ڇڇ معنيٰ ڍنڍ هئي. انهيءَ جي اڳيان ٻه درياهه هئا، راوڙ ڪوٽ جي پٺيان رڻ ڪڇ هيو جتان صرف مقامي ماڻهون سونهون ئي لنگهي وڃي سگهيو ٿي. اهو محاذ اهڙو هيو جتي ٻاهرين فوج لاءِ به خوراڪ ۽ گاهه وغيره جا مسئلا به ٿي پئي سگهيا، جيڪي ٻيٽ جي قلعي وٽ محمد بن قاسم سان پيش آيا، پر جيئن ته عربن جو جنگي ڪنيڪشن سنڌ سان عراق تائين ڳنڍيل هُيو ۽ هر وقت تازه دم فوجي دستا اچي رهيا هئا. خوراڪ ۽ گاه جي ڪمي وقت به محمد بن قاسم جي عراق مان سڌي مدد ڪئي وئي هئي. بيماريءَ کان بچڻ لاءِ شراب ۾ ڪپهه ٻوڙائي سڪائي عراق کان محمد بن قاسم کي موڪلي وئي هئي.

ستين صدي عيسوي ۾ دنيا غلاميءَ جي انڌ ۾ ٻڏل هئي. قومن جي آزاديءَ جو تصور ته پري رهيو پر فرد به بادشاهه جي ملڪيت ۾ شمار ڪيا ويندا هئا. ماڻهن کي پنهنجي بادشاهه جو دين اختيار ڪرڻو هوندو هو، انهيءَ دور ۾ سنڌ جو مهاراجا ڏاهر، هڪ اعليٰ ڪردار جو مالڪ هيو. هن ٻوڌين مٿان ظلم ڪري هنن کي “رام ڌرم” ۾ زوري شريڪ نه ڪيو پر ٻڌ ڌرم وارن سان گڏوگڏ مسلمانن کي به مذهبي رعايتون ڏنيون. سندس دور ۾ سنڌ اندر “رام ڌرم” (هندو) ٻڌ ڌرم ۽ اسلام جا پيروڪار پنهنجي پنهنجي مذهبي عقيدي موجب عبادت ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ ۾ آزاد هئا. اهو چوڻ ته سنڌ ۾ پهرين مسجد محمد بن قاسم ٺاهي غلط آهي، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي مسجدون موجود هيون ۽ پهرين مسجد محمد علافيءَ ٺهرائي جيڪا اڄ به “اروڙ” ۾ موجود آهي.

مهاراجا ڏاهر، هندن، ٻڌ ڌرم وارن ۽ مسلمانن کي نه رڳو مذهبي آزادي ڏني پر انهن کي سنڌ جي اقتدار ۾ به حصيداري ڏني. مهاراجا ڏاهر سنڌ جو بادشاهه هيو ۽ محمد علافي ان جو وزير اعظم هيو. سنڌ جي سڪي جي ٻئي پاسي تي محمد علافيءَ جو نالو درج ڪرايو ويو هيو. ٻڌ مت وارا سنڌ اندر ڪيترن ئي علائقن جا گورنر مقرر ٿيل هيا ۽ سنڌ هڪ سيڪيولر ملڪ هيو ۽ مهاراجا ڏاهر دنيا جو پهريون سيڪيولر حاڪم هيو. اها صحيح ڳالهه آهي ته لفظ “سيڪيولر” سائنسي دور ۾ استعمال ۾ آيو ۽ اها به درست ڳالهه آهي ته يورپ وارن تيرهين صدي عيسوي ۾ ڪليسا سان ٽڪر کاڌو ۽ سيڪيولر تعليم جو رواج وڌو پر سنڌ اندر ستين صدي عيسويءَ ۾ سيڪيولر معاشري واريون سموريون خوبيون ملن ٿيون. جيڪڏهن مهاراجا ڏاهر شهيد نه ٿئي ۽ عرب سنڌ تي قبضو نه ڪن ها ته اڄ سنڌ دنيا اندر تمام گهڻو اڳتي بيٺل هجي ها، ڇو ته ستين صدي عيسوي ۾ سنڌ جو راجا مذهبي ڪٽرپڻي جي پاڙ پٽي رهيو هيو.

مهاراجا ڏاهر وڏو بهادر انسان هيو، هو به چاهي ها ته خاقان چين جيان معاهدو ڪري ها، يا مذهب تبديل ڪري ڪجهه رعايتون وٺي ها، پر هن وطن جي حفاظت خاطر وڏي بهادري سان ويڙهه وڙهي ۽ عربن جا قدم جنگ جي ميدان ۾ اکيڙي ڇڏيا. سموريون تاريخون شاهد آهن ته عرب مهاراجا ڏاهر کي شهيد نه ڪري سگهيا ۽ ميدان مان ڀڄي نڪتا ۽ پوءِ ڪنهن سازش تحت سنڌ جي هن بهادر پٽ کي شهيد ڪيو ويو. عرب برابر سنڌ تي قبصو ڪري ويا پر سنڌ جي شهر ۾ کين جنگ ڪرڻي پئي. اگر راجا ڏاهر عربن هٿان ماريو وڃي ها ته پوءِ اها گهر گهر جنگ به ٿي نه سگهي ها. عربن سنڌ تي قبضو ڪيو پر سندن هندستان فتح ڪرڻ وارو خواب هميشه لاءِ مري ويو.

(حوالا: تاريخ اسلامي- جلد- 1- 2، (شاهه معين الدين احمد ندوي) چچ نامو (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) تاريخ سنڌ (اعجاز الحق قدسي)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو